آدم واري بس! (يادگيريون)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    آدم واري بس!
    (يادگيريون)
    عبدالله جروار

    اسان جا ڳوٺ روڊ رستن کان وڏو عرصو محروم رهيا. جڏهن جنرل ضيا جي دور ۾ ٽنڊي الهيار جو ڏاکڻيون حصو ٽنڊي محمد خان سان ملائي قومي اسيمبلي جو تڪ ٺاهيو ويو. جنهن دوران 1985ع واري اليڪشن ۾ مير عنايت علي خان ٽالپر ڪامياب ٿيو هو. هن علائقي جا ڪجهه معززين مير عنايت علي خان ٽالپر سان ملاقات ڪري کين ڳوٺن کي روڊ ڏيڻ جي گذارش ڪئي. جنهن جي موٽ ۾ مير صاحب روڊ منظور ڪيو. جيڪو بڪيرا شريف ريگيوليٽر کان مختلف ڳوٺن کان چاڪر واھ جي جروار موري تائين ٺهيو. جنهن ۾ ڳوٺ صاحب خان جروار، الله بخش جروار، علي بخش جروار، مٺو خاصخيلي، محمد عرس درس، لئونگ دل، بهرحال ڪافي ڳوٺن کي وڏي سھولت ملي وئي. اچڻ وڃڻ آسان ٿيو. شروعاتي دور ۾ مختلف ڳوٺن کان ماڻهو ٽانگن تي چڙهي بڪيرا ريگيوليٽر يا بڪيرا شريف شهر تائين. ايندا هئا. بعد ۾ سوزوڪين ۽ ڊاٽسن وارن به پنهنجي قسمت آزمائي. سوزوڪين ۽ ٽانگي وارن جو چڱو روزگار کليو. ٽانگي وارن ۾ ٻڍو برفت، راول برفت، عبدالڪريم برفت ڳچ عرصو روزگار ڪمايو. سوزوڪي ۽ ڊاسٽن گاڏين وارن ۾ ماما عبدالله جروار مرحوم، استاد مڪراني، استاد رسول بخش جروار ڳچ عرصو هن روڊ تي گاڏيون هلايون. هڪ طرف عام ماڻهو لاء روزگار مليو ٻي طرف ڳوٺاڻن کي سفري سهوليت ملي. بعد ۾ کوکر برادري جي نوجوانن ڀائرن آدم کوکر ۽ علي نواز کوکر به روزگار سانگي بس خريد ڪري هن روڊ تي هلائي جيڪا ڳوٺ مٺو خاصخيلي کان اسان جي ڳوٺ صاحب خان جروار واري موري کان ٽنڊوالهيار تائين هلندي هئي. هڪ ڏينهن ۾ اڪثر ٻه چڪر لڳندا هئا. سفر جي وڏي سهولت هئي. عام ماڻهو کي شهر اچڻ وڃڻ سان گڏ گهر جو سيڌو سامان آڻڻ يا آبادگار ڀاڻ ٻج آساني سان گهٽ ڪرائي تي آڻي سگهندا هئا.
    آدم ۽ علي نواز نرجا، محنتي ۽ مزاج ۾ ڪجهه تکا پوء بس مالڪن مسافرن ۾ هلڪا ڦلڪا جهيڙا روز جو معمول هوندا هئا،. اڪثر ڪري شاگردن سان ڪرائي تان سندن تڪرار گهڻو هوندو هو. پراڻي گاڏي ايندي ويندي ڪٿي ٽائر ڦاٽو ته ڪڏهن نٽ بولٽ اکڙيل هوندا هئا. بهرحال عام ماڻهو لاء وڏي سهوليت هئي. ڪجهه حادثا به پيش آيا. ان دوران وڏو حادثو ڪراچي هوٽل وٽ پيش آيو هو. جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا. اسان جي ڳوٺ جو هڪ نوجوان شاهنواز جروار فوت ٿي ويو هو. هاڻ اهي زمانا نه رهيا آهن. اهي بسون ته خبر ناهي ڪيڏانهن ويون. هاڻ چنگچي ۽ چائنا موٽر سائيڪل جو دور آهي. سفري سھولت عام ٿي آهي. اوترو روڊن رستن تي هر وقت ٽريفڪ جام رهندي آهي. ڊرائيونگ ۾ بي احتياطي به عام ٿي وئي آهي. جنهن ڪري هر وقت حادثن جو انديشو رهي ٿو. دعا آهي ته ﷲ پاڪ هر ڪنهن کي حادثن کان محفوظ رکي آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو