همانگير سولنگي
سينيئر رڪن
ڇار جو ٿالهه
نبي اڪرم1 جي نبوت جي اعلان ۽اسلام جي پرچار شروع ڪرڻ کان پوءِ،مڪي جا ڪافرسندن جاني دشمن ٿي پيا ۽کين ڏاڍو آزاريندا هئا ليڪن پاڻ سڳورن 1 ڪڏهن به صبر جي دامن کي نه ڇڏيو ۽ هميشه اها ئي ڪوشش ڪندا هئا ته ڪنهن به نموني آسماني پيغام کي سڀني ماڻهن تائين پهچائجي. انهن آزاريندڙ ۽ اذيت ڏيندڙن مان هڪ يهودي به هئو اهو شخص هميشه تنور جي ڇار گڏ ڪري ٿالهه ۾ وجھي پوءِ گھر جي ڇت تي چڙهي رسول اڪرم1 جي اچڻ جو انتظار ڪندو هئوته جيئن سندن مٿان اها ڇار هاري.
جڏهن نبي اڪرم1 انهيءَ يهوديءَ جي گھر وٽان گذرندا هئا ته اهو يهودي نبي اڪرم 1 جي سر مُبارڪ ۽ ڪپڙن تي اها ڇارهاريندو هئو. ۽ نبي اڪرم هميشه انهيءَ رستي کان لگھندا هئا ۽ ان شخص جي ڇار هارڻ کان پوءِ پاسي تي بيهي ڪري اها ڇار ڇنڊيدا هئا ۽ بنا ڪنهن چڙ ۽ غصي جي اڳتي هليا ويندا هئا، اهو سلسلو ڪيترائي ڏهاڙا هلندو رهيو ۽ نبي اڪرم1 پڻ هميشه ئي وانگر پنهنجي صبر جو صبر جو مظاهرو ڪندا رهيا، ته جيئن اهو ثابت ڪري سگھن ته اسلام رحمت ۽ محبت جو دين آهي نه ڪي دشمني ۽ بدلو وٺڻ جو دين آهي.
هڪڙي ڏهاڙي نبي اڪرم1ساڳيءَ گھٽيءَ مان گذري رهيا هئا پر اهو يهودي شخص سندن سامهون نه آيو ته نبي ڪريم1 جن کي تعجب ٿيو ۽ پاڻ سڳورن1 ان شخص جي هڪ پاڙيسريءَ کان سندس جي باري ۾پڇيو ته، هو وراڻيو ته اهو شخص مريض ٿي پيو آهي ۽ هينئر بيماريءَ جي بستري تي پيل آهي .ان بعد نبي ڪريم1 ان شخص جي گھر جي طرف راهي ٿيا ان جي گھر پهچي ڪري سندس دروازو کڙڪايائون اندران اچڻ جي اجازت ملي پاڻ سڳورن 1ان شخص تي سلام ڪيو ۽ ان جي پاسي کان ٿي ويٺا ۽ احوال پُرسي ڪيائون ۽چيائون ته اي مرد، مونکي خبر پئي ته تون مريض ٿي پيو آهين ۽ بيماريءَ جي بستر تي ليٽيل آهين ان ڪري آءُ تنهنجي عيادت لاءِ آيو آهيان ۽ تنهنجي صحت ۽ سلامتيءَ جو دعاگو آهيان. ان مرد کي نبي ڪريم1 جي اهڙي سلوڪ کي ڏسي ڪري تعجب ٿيو، ۽ شرمائڻ لڳو ته هاڻي ڇا ڪري؟ هن پاڻ سڳورن 1 کان معافي گھري ۽ چيائين ته: اي الله جا رسول توهان واقعًا برحق نبي آهيو. ۽ نبين وارو اخلاق توهان مان صاف ظاهر آهي، توهان جو دين به برحق ۽ محبت جودين آهي. منهنجي ڪيلَ بي احترامين کان کيس درگذر فرمايو ۽ حق جي دين طرف هدايت فرمايو.
ها دوستو! دين ِاسلام مُحبت، پيار ۽ تڪليفن تي صبر ڪرڻ سيکاري ٿو ۽ الله سائين ڪيترائي ڀيرا قرآن مجيد ۾ اهو اعلان ٿيو آهي ته “ اِنَّ اللهَ مَعَ الصَّابِرِيۡنَ” بيشڪ الله صابرن سان گڏ آهي. هاڻي توهان خود انصاف سان ٻڌايو ته اهي خودڪش حملا ڪندڙ، جيڪي خود اسلامي ملڪن ۾ اهڙا حملا ڪري؛ مسلمانن جي جانين کي موت جو کاڄ بڻائي رهيا آهن ڇا اهي نبي سڳوري1 جي دين تي عمل ڪري رهيا آهن يا اهڙن وحشياڻي عملن ۽ڪڌن ڪرتوتن ذريعي اسلام دشمن قوتن ۽ استعماري طاقتن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن. خدا انهن شيطان قوتن جي منحوس اردان کي ناڪام بڻائي ۽ اسلام ۽ مسلمانن جي مدد فرمائي .
درسِ اخلاق
هڪ دفعي ڪجھ صحابي رسول خدا 1 جي ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئا ته جيئن نبي پاڪ1جي ڪچهريءَ مان فيض حاصل ڪن ۽ سندن پاڪ ڪچهريءَ مان دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي لاءِ ڪو بي بها درُّ پرائين. ڳالهه الله سائينءَ جي رحمت ۽ حساب ڪتاب وٺڻ جي هلِي رهي هئي. رسول خدا1فرمايو: جنهن به انسان ۾ ٽي شيون هونديون الله سائين قيامت جي ڏينهن ان جي حساب ۾ آساني ڪندو ۽ پنهنجي وسيع رحمت سان ان کي جنت ۾ اماڻيندو. ڪچهريءَ مان ڪنهن سوال ڪيو يا رسول الله اُهي ٽي صفتون ڪهڙيون آهن؟ جن جو ايڏو وڏو فائدو آهي، رسول خدا1 فرمايو: تُعۡطِيۡ مَنۡ حَرَّمَکَ وَ تَصِلُ مَنۡ قَطَّعَکَ وَ تَعۡفُوۡا عَمَّنۡ ظَلَمَکَ. انهيءَ کي عطا ڪر جنهن توکي ڏيڻ کان محروم ڪيو، انهيءَ سان اچُ وڃُ ڪر جنهن توسان اچ وڃ ختم ڪئي آهي ۽ انهيءَ کي معاف ڪر جنهن تو تي ظلم ڪيو آهي.