• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پراڻي اهم اخبار روزاني الوحيد جي ايڊ يٽر جي اهم ۽ تاريخي خبر

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
مشهور اخبار روزاني الوحيد (ايڊيٽر عبدالغفور سيتائي) موجب سر شاهنواز ڀٽي (شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو والد) جي ايم سيد کي جھليو ته پاڪستان جو ٺهراءِ پيش نه ڪر ڇاڪاڻ ته سنڌ سدائين آزاد رهي آهي، ان کي آزاد رهڻ ڏنو وڃي پر جي ايم سيد وراڻيو: اوهان چاهيو ٿا ته سنڌ آزاد هجي ته جيئن ڀٽن جو ان تي راڄ هجي پر مان ائين ٿيڻ ڪونه ڏيندس.
بهرحال، جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، سنڌ اسيمبليءَ جي ڪل 62 ميمبرن مان رڳو 24 ميمبرن انهيءَ ٺهراءَ جي حمايت ڪئي، 3 مخالفت ڪئي جڏهن ته ٻين بائيڪاٽ ڪيو. اهڙي ريت پاڪستان جو ٺهراءُ بحال ٿي ويو
 
Back
Top