قلندر قائم الدين قريشي بڪيرائي

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    قلندر قائم الدين قريشي بڪيرائي جو ساليانو عرس جي نسبت سان

    قلندر قائم الدين قريشي رح
    ليکڪ : مولانا دين محمد وفائي
    چونڊ : عبدالله جروار

    مجذوب مزاج، ڪرامتن جو مالڪ، پير قائم الدين قلندر جو نسب نامه هيٺئين ريت آهي. قائم الدين بن مهر شاهه بن سراج الدين بن شيخ شهر الله بن شاهه اسماعيل بن قطب الدين بن فتح محمد بن شاهه ڪبير بن شيخ بهاء الدين ثاني ملتاني بن شهر الله اول بن شاهه يوسف بن عمادالدين محمد بن رڪن الدين اسماعيل بن صدرالدين محمد بن عمادالدين بن شيخ صدرالدين محمد عارف بن شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني اسدي هاشمي رح.

    سندس والده جو نالو بي بي نهال خاتون بنت پير پير محمد ڪلان غوث پوٽو. ولادت تخمينا سال 1140 چئي وڃي ٿي. هن جي ڄمڻ کان اڳ ڪن بزرگن جيئن ته ان وقت جي سجاده نشين درگاهه غوثيه ملتان مخدوم بهاون شاهه ۽ مخدوم ڪاهو بڪيرائي ۽ ٻين هن جي صاحب ڪرامت هجڻ جون بشارتون ۽ پشگويون ڪيون هيون.

    ننڍپڻ ۾ ئي هن جي زبان مان ڪن ڪرامتن جو ظهور ٿيندو رهيو ۽ جواني جي زماني ۾ ملتان جي سجاده نشين مخدوم محمد غوث جا مريد ٿيا، مگر سندس جذب ۽ فيض جي ڪماليت مخدوم عبدالحميد بوڇڙائي وٽان ٿي، جنهن جي توجهه سان هي حال کان بي حال ٿي ڪماليت جي درجي کي وڃي رسيو.

    جنهن کان پوءِ تارڪ الدينا ۽ قلندرانه نموني ۾ زندگي گذارڻ لڳو. سندس حالات مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته هو صاحب چلم ڇڪيندو هو ۽ هڪ دفعي حضرت پير سيد محمد راشد عليه الرحمت روضي ڌڻي جي ساڻس ملاقات ٿي، جنهن تي پير سائين جو شريعت جو سخت پابند هو تنهن چلم ڇڪڻ کي چڱو نه ڀانيو، مگر قلندر آخر قلندر آهي. پير سائين روضي وارن کان سواءِ خليفو محمود نظاماڻي ڪڙيو واري جون به قائم الدين قلندر سان صحبتون رهيون. مير فتح علي خان ٽالپر کي جڏهن ڪلهوڙن وٽان حڪومت جون واڳون هٿ آيون ته هو پنهنجي ڀائرن سميت قلندر صاحب وٽ دعا گهرڻ لاءِ ايندو رهيو. نماز جو به ايترو پابند ڪونه هو، مگر هن بزرگ جا قول اهڙا هوندا هوا، جو ڪجهه ارشاد ڪندو هو، سو ٿيندو رهندو هو. اُن جي وڏن مريدن ۽ معتقدن مان شاهه عنايت الله رضوي نصرپوري سنڌي زبان جو مشهور شاعر ۽ سيد مير مرتضيٰ رضوي نصرپوري ۽ سيد مير محمد شاهه ميران کوري وارو ۽ سيد جمال شاهه ماڻڪ پور وارو. سيد احمد جيلاني بديڻي، فقير شفيع محمد ميهون سهروردي، فقير رحمڏنو آريسر، فقير امين محمد ميهون جو ظاهري علم جو به عالم هو ۽ فقير موتيو بڪيرائي ۽ ٻيا.

    شاهه عنايت الله رضوي نصرپوري پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ ڪيترن هنڌن تي هن بزرگ جي واکاڻ ڪئي آهي. جيئن ته فرمائي ٿو:

    ڪوٺيو قائم الدين، ڪواٽا واٽون ڪري

    ٻيٽو مهر شاهه جو آهي، اصلي امين

    جنهين جاءِ يقين، تن آڏو شاهه عنايت چئي.

    ***

    بادشاهه بڪيرن ۾ متشرع موچار

    آل قريشي اڳرو، ڏات ڏنس ڏاتار

    قلندر قائم الدين قرار، اصل ڪيو ايمان جو.

    قائم الدين شاهه 75سالن جي ڄمار کي پهچي هن دنيا فاني مان 13 شعبان المعظم سن 1215هه ۾ رهلت فرمائي ويا. سندس وصيت موجب خليفو شفيع محمد مينهين راڄي خاناڻي واري غسل ڏنو ۽ هزارين ماڻهو جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا. هو لاولد فوت ٿيو هو، جنهن ڪري سندس ڀائٽيو پير امام بخش پالڪي وارو گادي تي ويهاريو ويو. قطعات تاريخ وفات ڪن شاعرن جا هيٺ درج ڪجن ٿا.

    از ميان نور محمد مينهون راڄو خانائي

    صاحب تاج و لواو مسند و معراج تخت

    هادي و مهدي قريشي، هاشمي اعليٰ درخت

    قطب عالم قائم الدين يک دل و قيوم وقت

    گفت هاتف سال تقاريخ و وصال نيک بخت

    1215هه

    از قاضي عبدالرحيم آسي ٽنڊو سائينداد

    مظهر نور الاهي در دريائي کرم

    شاهه قائم الدين قلندر واقف لوح و قلم

    تارک الدنيا و آل پاک غوث العالمين

    پيشوائي عارفان محبوب شه عرب و عجم

    از وجودش شد بڪيرا رونق خلد برين

    آستاني بوسي نما يندش ملائک دمبدم

    آهن از جور فلک بيداد از دور زمان

    ماه کامل معرفت رابر در برج عدم

    چون بجستم سال رحلت آن سخي مقتدا

    1215هه

    هاتفم گفت اين سخن آ ندم مرابي کا ست و کم

    سيز دهم شعبان مکرم يوم ثلثا بعد فجر

    روئي انور محفل آرا گشت بُستان ارم

    رحمت رب العلا نازل بروح و مرقدش

    ميشود آسي پياپي، زن رقم براه ختم

    (اختصار از رساله انوار قلندري)

    ڪتاب مشاهير سنڌ
    ليکڪ، مولانا دين محمد وفائي
     
  2. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88

هن صفحي کي مشهور ڪريو