نصير نهڙيو مرحوم ٽنڊي الهيار جو بهترين صحافي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "اوهان جي ڳوٺ ۾ بس اسان هڪ ياد هونداسين"
    صحافي نصير نهڙيو جي ورسي تي ڀيٽا
    عبدﷲ جروار
    ٽندي الهيار ضلعي ۾ جتي صحافت جي حوالي سان وڏا نالا رهيا آهن. جن ۾ مولوي خير محمد نظاماڻي، نور محمد نظاماڻي، عبدالڪريم سعدي، حڪيم محمد عرس صوفي، سائين مرتضي ا ڏاڏاهي ، يعقوب خاصخيلي، چاچو ڪامل سمون، شرافت علي خان جن جا نالا اچن ٿا. ويجهڙائي ۾ ٽنڊي الهيار جي صحافت تي جنهن شخصيت جو ڌاڪو رهيو اهو آهي نصير نهڙيو مرحوم.
    نصير نهڙيو مرحوم کي صحافت، علم، ادب شاعري ۽ سياست تي پوري دسترس هئي. هر موضوع تي ڪيترائي ڪلاڪ ڳالهائڻ سندس لاء مسئلو نه هو. سندن جنم 08 مارچ 1984 ع تي ٽنڊي الهيار ضلع جي ڳوٺ نصير خان لغاري ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم اتي جي پرائمري اسڪول ۾ ورتي. بعد ۾ هاير سيڪنڊري چمبڙ ۾ پڙهيو. کيس ننڍي هوندي سان لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي هئي. پنهنجو تحريرون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مختلف پروگرامن ۾ موڪلڻ لڳو. جتي سندس پسند جا ڪمپيئر سيد ماڪن شاه رضوي،. امين ارباب، زيب سنڌي جن هئا. جن سندس ھمت افزائي ڪئي. جڏهن ايف ايم 91 ٽنڊو آدم شروع ٿيو . ان ۾ بحيثيت رپورٽر جوائن ڪيو. علائقي جون خبرون موڪلڻ لڳو جنهن جي نشر ٿيڻ تي کيس خوشي پڻ ٿيندي هئي ۽ اهڙي طرح سندس شوق ۾ اضافو ٿيندو ويو. ان سان گڏ ٽنڊو الهيار پريس ڪلب جو ميمبر پڻ ٿيو. بعد ۾ مشهور خانگي نجي ٽي وي چئنل سنڌ ٽي وي جوائن ڪيائون. آخر تائين سنڌ ٽي وي سان سلهاڙيل رهيا. پاڻ ٽي وي تي خبرن سان گڏ ڊاڪيومينٽريز پڻ ٺاهيون. جن ۾ ٽنڊي الهيار جي تاريخ تي ٺاهيل ڊاڪيومينٽري گهڻي مشهوري ماڻي. نصير نهڙئي ٽي وي تي موڪليل خبرن ۾ عوامي مسئلن کي کنيو. عوام جا اهنج چونڊيل نمائندن ڪامورن اڳيان پيش ڪيا. جنهن کيس عام ماڻهن ۾ وڏي مڃتا ڏني . سندس شاندار صحافتي ڪردار جي ڪري ٽنڊي الهيار ضلع جا ماڻهو مٿس اعتماد ڪرڻ لڳا هئا. عام ماڻهو هر ننڍي وڏي مسئلي بابت دانهون نصير آڏو ڪندا هئا. نصير نهڙئي جي صحافت جو عرصو ٻن ڏهاڪن تي محيط آهي. مختصر عرصي ۾ جيڪا مڃتا نصير کي ملي. اها مڃتا ٻي ڪنهن صحافي جي حصي ۾ نه آئي آهي.
    نصير نهڙيو گهڻ رخي شخصيت هو. کيس هڪ ئي وقت ڪيترن ئي موضوعن تي دسترس حاصل هئي. نصير جو پيشو صحافت هو پر علم، ادب، سياست ۽ شاعري سندس پسند جا موضوع هئا. سندس دوستي جي حلقي ۾ وڏا وڏا ماڻهو به هئا پر علمي ادبي حلقي جي دوستن جو وڏو انگ ساڻس جڙيل هو. ادبي سنگت ٽنڊو الهيار هجي يا اڏيرو لعل اسٽيشن پر نصير کان سواء ادبي تقريبات اڌوريون هونديون. نصير پنهنجي دوستي جي مالها ۾ جڙيل دوستن سان ڏکن توڙي سکن ۾ شريڪ هوندو هو. اسان پارا به نصير سان محبت جي جڙيل ناتي تي فخر محسوس ڪندا هئا. پاڻ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوالهيار جي اڪثر پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو هو پر خاص پروگرام به سندس ڪوشش سان ٿيا جن ۾ عيد مشاعرا، سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان ٿيل ايڪتا مشاعرا، توڙي اردو سنڌي مشاعرو پڻ نصير نهڙئي ۽ سندس دوستن جي ڪوششن سان منعقد ٿيا. روحل ڪالرو سان شام هجي يا وتايو فقير سيمينار هجي. سمورا پروگرام نصير جي ڪوشش سان ڪاميابي ماڻيندا هئا. سندس دوستي جي حلقي ۾ صحافين جي تنظيم جا سرواڻ خالد کوکر کان وٺي نظير پنهور تائين ڪيترائي صحافي، علمي ادبي حلقن ۾ فقير محمد انڙ، فقير محمد ڍول، سائين مٺل جسڪاڻي ۽ سائين محمود مغل، اشفاق لغاري ، اڏيري لعل جا احساس ميرل، سائين امين اڏيرائي، نصرپور جا دوست سائين خادم گهراڻو، ريحان ابڙو، موتين مالها وانگر پوتل هئا. ناليواري شاعر سائين مرتضي ا ڏاڏاهي صاحب سان نصير جو رشتو مائٽ ۽ اولاد وارو هو. سائين مرتضي ا ڏاڏاهي نصير کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندو هو.
    پريس ڪلب ٽنڊو الهيار جي بهتري لاء سندس ڪوششون قابل قدر هيون. ٽنڊي الهيار جي صحافتي تاريخ ۾ سڀني دوستن کي پريس ڪلب تي پليٽ فارم تي گڏ وٺي هلڻ نصير جو ئي ڪارنامو هو. نصير وٽ پريس ڪلب جي هر دوست جي راء جو احترام هوندو هو. اهو ڪنهن وڏي چئنل جو صحافي هجي يا ڪنهن اخبار جو اهو سبب هو جو ڪيترائي سينئر صحافي مٿس اعتماد ڪندا هئا. پريس ڪلب جو صدر بشارت خان قائم خاني، توفيق قائم خاني، مستجاب مدني، سائين حسرت لغاري، عرفان ميمڻ، غلام رسول درس يا غلام رسول نهڙيو، اشرف جروار هجي يا اعجاز مڱڻهار سڀني دوستن کي گڏ وٺي هلڻ نصير جو ئي ڪمال هو. ٽنڊي الهيار پريس ڪلب کي عدالت طرفان ڊاهڻ جو حڪم مليو. ان وقت نصير پريس ڪلب ٽنڊو الهيار جو صدر هو. بردباري سان ان فيصلي کي قبول ڪري. پريس ڪلب لاء ٻي عمارت لاء ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ ڪامياب ٿيو.
    ٽنڊي الهيار ضلع جي ڪيترن ئي خوني تڪراري واقعن جي متوازن رپورٽ ڪري معاملن کي بهتر رخ ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو ميرجت ۽ ساند برادري جو تڪرار هجي. يا ايلچي ڍنڍ ۾ ٻيڙي اٿلڻ جو واقعو هجي. بس اسٽاپ تي مالڪ پاران دڪان ڊاهي دڪاندارن کي بيدخل ڪرڻ واقعي جي يادگار رپورٽ سنڌ ٽي وي تي سندس ڪوشش سان نشر ٿي.
    2019 ۽ 20 ۾ ڪرونا وبا جي ڏينهن ۾ سندس لائيو رپورٽنگ ٽنڊي الهيار جي ماڻهن کي حوصلو بخشيو. ڪرونا وبا جي ڏينهن لاڪ ڊائون سبب ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويا. جن کي پنهنجن دوستن سان گڏجي راشن پهچائڻ جو بندوبست ڪيو. جيڪو سلسلو ڪافي ڏينهن جاري رهيو.
    نصير نهڙيو هڪ حساس دل انسان هو. ڪنهن کي تڪليف ۾ ان معاملي کان ڄڻ لاٽار ڪرڻ سندس مزاج ۾ شامل نه هو. جنهنڪري ڪيترن ئي معاملن ۾ کيس مشڪل حالتون پڻ پيش آيون. جيڪي به الله پاڪ مٿس آسان ڪيون.
    نصير يوٽيوب تي هڪ چئنل پڻ ٺاهيو جنهن ۾ علمي ادبي سياسي توڙي مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن جا انٽرويو شامل آهن. اهو چئنل پڻ بحد مقبول ٿيو. نصير پنهنجي صحافتي ڪم ۾ سوشل ميڊيا جو پڻ ڀرپور استعمال ڪيو. جنهن سندس ڪردار کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سوشل ميڊيا تي ڪافي لائيو پروگرام ڪري عام ماڻهو کي آگاهي ڏيندا هئا. ان کان علاوه هفتيوار ٽنڊو الهيار نيوز به سندس ڪوشش سان جاري ٿي. جيڪا مقامي خبرن توڙي مضمونن جي حوالي سان بيحد مقبول رهي. جنهن جي ذميواري نصير جي ڀاء منور علي نهڙئي تي رکيل هئي.
    نصير نهڙئي جي وفات واري سال ئي 8 مارچ 2021 تي سندس حياتي جي آخري سالگره جي موقعي تي وڏي تعداد ۾ دوستن دوستن پاران سوکڙيون، ڪيڪ ۽ اجرڪون پيش ڪري مبارڪون ڏنيون هيون. جنهنجو به ڪو مثال ڪونهي.
    نصير پنهنجي وفات کان ڪجھ عرصو اڳ پنهنجي شاعري هڪ مشاعري ۾ پڙهي هئي. جنهن کي شاعرن توڙي عام ماڻهن بيحد پسند ڪيو هو. اها شاعري ڄڻ ڪا پيشنگوئي هئي يا نصير کي ڪو الهام ٿيو هون اها شاعري سندس دنيا مان وڃڻ جي آخري وقت جي منظر نگاري لڳي ٿي.
    تڏهن بس ڳوٺ تنهنجي م اسين هڪ ياد هونداسين
    گسن تي ڌوڙ پئي اڏندي
    هوا۾ ٽار پيا لڏندا
    ٻڌي ڪي پينگھ پوٽين سان
    اتي ڪي ٻار پيا لڏندا
    تڏهن بس ڳوٺ تنهنجي م اسين هڪ ياد هونداسين
    لغڙ جيئن واء ۾ هوندس
    هوا هي زور ٿي ويندي
    حياتي ٻار جي هٿ مان
    ڇڏايل ڏور ٿي ويندي،
    تڏهن بس ڳوٺ تنهنجي م اسين هڪ ياد هونداسين
    ڀريل هي ڀرت جا چولا
    بدن تي باھ ٿي ويندا
    سڙي سڀ خواب هي ويندا
    چتائون چاھ ٿي ويندا،
    تڏهن بس ڳوٺ تنهنجي م اسين هڪ ياد هونداسين
    کڻي اک تي انهن جو سونهن
    اوهان جي گهر ڦٽي ٿيندس،
    دينو شاھ جي ڍڳن تي
    امڙ جي ڀر مٽي ٿيندس،
    تڏهن بس ڳوٺ تنهنجي م اسين هڪ ياد هونداسين
    نصير نهڙئي جي مٿين شاعري سندس آخري سفر جي منظر نگاري آهي. سمرو آخري هنن سٽن جو عڪاس هو. اهو گذريل سال جي 9 سيپٽمبر 2021 ع جو ڏينهن هو. جنهن تي مون سميت سوين دوست سندس آخري سفر ۾ گڏ گڏ هئاسين. دوستن عزيزن جي موجودگي ۾ نصير کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس سوين يادگيريون سندس عزيزن، دوستن سان اڃا به همسفر آهن. نصير جو آخري سفر نامياري شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر امين ارباب جي والد جي نالي ڳوٺ علي محمد نهڙيو لڳ ڪپري موري تي نماز پڙهي شروع ٿيو جيڪو دينو شاھ جي دڳن تي نصير جي امڙ جي ڀر ۾ پڄاڻي کي پهتو. نصير جي شخصيت سندس ڪم، عمل ۽ ڪردار جي ڪري ڳچ عرصو ياد رکي ويندي دعا آهي ته ﷲ پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعلي ا مقام عطا فرمائي آمين
     
  2. Farhan Baaghi

    Farhan Baaghi
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏آچر
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    الله پاڪ سائينءَ جن کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطاء فرمائي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو