مشهور لوڪ فنڪار قاسم اوٺو تحریر : عبدالله جروار مشهور لوڪ فنڪار قاسم اوٺي جو جنم ٽنڊي الهيار ضلع جي ڳوٺ ونگي اوٺا تعلقي چمبڙ ۾ ٿيو. پان ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ پڙهڻ لاء ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ داخلا ورتائين. جتي مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين پر بدقسمتي سان مئٽرڪ پاس نه ڪري سگهيو. کيس ننڍپڻ کان ئي موسيقي سان دلچسپي هوندي هئي. ان وقت شادين مرادين ۾ ڳائڻن جو ٽوليون اينديون هيون. ان وقت جي مشهور ڳائڻن ۾ سندس ئي ڳوٺ جو فنڪار عثمان اوٺو پڻ هو. جيڪو ان وقت بيحد مشهور ڳائڻو هو. جنهن کيس وڌيڪ شوق ڏياريو. پاڻ راڳ جي ابتدائي سکيا سندس ئي ڳوٺ جي قائم شيخ کان حاصل ڪئي جيڪو راڳ جو ڄاڻو هو. ڳوٺ ونگي اوٺا ۾ ئي رهندو هو. اهڙي طرح قاسم اوٺي راڳ جي شروعات ڪئي. راڳ ۾ سندس رهنمائي چمبڙ ويجهو دليل آباد جي استاد سائين دليل خان نوتڪاڻي پڻ ڪئي. جيڪو استاد هجڻ سان گڏ راڳ جو وڏو ڄاڻو هو. اهڙي طرح قاسم اوٺو علائقي جي آس پاس شادين مرادين ۾ ڳائڻ لڳو. راڳ جي وڌيڪ سکيا ٿر جي مشهور راڳي شادي فقير وٽ حاصل ڪئي جنهن کيس شاگردي جو ڌاڳو ٻڌو. قاسم اوٺو ڪلام، غزل، ڪافين سان گڏ داستان پڻ ڳائيندو هو. جيڪي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا هئا. سندس ڳائڻ جو انداز بهترين هو. ٻڌڻ وارن کي موهي وجهندو هو. محمد قاسم اوٺي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن ڏيڻ بعد ڪيترن ئي مشهور شاعرن جا ڪلام رڪارڊ ڪرايا جن وڏي مقبوليت ماڻي. انهن شاعرن ۾ مرتضي ا ڏاڏاهي، سائين طالب المولي ا ، مولوي حاجي احمد ملاح، سرويچ سجاولي ۽ ٻيا شاعر شامل آهن. سندس مشهور ڪلامن ۾ ڪاوڙ ملال طعنا تڪرار ايندي ويندي آمٺا مٺا مرڪي ملون قرب نه ڏيندين پاڻ پليندين تون ته تارن ۾ چوڏهين جو چنڊ مهرباني ٻي ته وئي دنيا کي نه دلبر اسين ياد هئاسين جڏهن آڊيو ڪئسيٽن جو دور آيو. قاسم اوٺي جو ڪيتريون ئي ڪئسٽون مختلف ڪمپنين پاران رڪارڊ ڪري جاري ڪيون ويون. جن کي ٻڌندڙن ۾ وڏي مقبوليت حاصل ٿي. سندس ڪلامن کي اڄ به سنڌ جا ماڻهو شوق سان ٻڌن ٿا. قاسم اوٺي جي وفات 17 جنوري 2009 تي ٿي.