اهي ڏينهن مٺڙا ڪٿان آڻجن؟ (يادگيرين جو سفر) تحرير : عبدالله جروار استاد کان شاگردي واري دور ڏانهن واپسي! *********************** انسان جي زندگي به عجيب آهي، ڪڏهن ڪڏهن ان موڙ تي موٽي ايندي آهي. جتي واپس موٽي اچڻ جو تصور به ذهن ۾ نه هوندو آهي. مون کي ايليمينٽري ڪاليج آف ايڊيوڪيشن فارمين حيدرآباد مان بطور پرائمري استاد سال 1985 کان 1986ع تائن پي ٽي سي جو ڪورس ڪرڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ ٽنڊي الهيار جا 30 کن استاد هئاسين. عاليشان، بلند قامت، شاندار عمارت جنهن مان اعلي ا وقار، اعلي ا ڪردار، علم و ادب جا گوهر پچي لعل تي نڪتل شخصيتون منهنجي ذهن ۾ هيون. جڏهن اسان جي پڙهڻ جي شروعات ٿي ته آهستي آهستي سڀني استادن سان واسطو ٿيو معيار ۽ ماپا معلوم ٿيا. اهي انسان قابل استاد هئا. جن اسان جهڙن اڻ گهڙيل ڪاٺن کي استاد ٿيڻ جي قابل بڻايو. ٽريننگ ختم ٿيڻ تي واپس اسڪولن تي وياسين، عرصو گذري ويو، حيدرآباد شهر جا رنگ ڍنگ بدلجي ويا. وقت گذرڻ سان هن ڪاليج تي ويراني جو واسو اچي ويو. جيڪي سرٽيفڪيٽ سال جي جفاڪشي استادن جي محنت سان ملندا هئا . سي هاڻي عام ادارن مان گهر ويٺي ملڻ لڳا. نوڪري ملي همراهن اچي ڪرسيون سنڀاليون، جن نه ڪڏهن اصول تعليم جا ڪتاب پڙهيا، نه رياضي جي ٿيوري ۽ ميٿڊ پڙهيا نه اسڪول جو انتظام ۽ ٻارن نفسيات پڙهي. واہ زمانا تنهنجي چال!! هن سال هيڊماسترن جي پروموشن لاءِ ڪاغذ جمع ڪرايم. خير جي ڊي پي سي ٿي وئي. حڪم مليو ته 18 سيپٽمبر 2017 ع کان توهان جي ٽريننگ آهي. هي پهريون موقعو هو جو هيڊماسترن کي پنهنجا عهدا سنڀالڻ کان اڳ انهن کي سمورين ذميوارين کان آگاه رکڻ خاطر هي انتظام ڪيو ويو آهي. بهرحال 18 سيپٽمبر تي ڪاليج پهتاسين. اسان کي جيڪو ڪلاس مليو سائنس ليبارٽري مٿان ٺهيل هال آهي. ڪافي سالن کان پوءِ شاگردن جي ڪرسين تي ويهڻ سان سچ پچ ٻاروتڻ جي زندگي ۾ هليا وياسين. ڪجهه دوستن سان فيس بوڪ تي دعا سلام هئي جن ۾ سائين امداد گوپانگ صاحب ،سائين سچيڏنو قنبراڻي صاحب ٻيا دوست هئا. ،پهرين ڏينهن اسٽوڊنٽ چيئرز تي ويٺا هئاسين تہ ٺيڪ 09:30 تي ڪلاس ۾ ٻه خوش لباس ۽پر وقار شخصيتون داخل ٿيون. جن مان اندازو ٿيو ته اهي اسان جا استاد آهن. اهي ٻئي استاد ڊائيس تي اچي بيٺا. جن مان هڪ سائين پنهنجو تعارف پير غلام محي الدين جيلاني صاحب طور ڪرايو جڏهن ٻي استاد پنهنجو تعارف سائين محمد طاهر مغل صاحب طور ڪرايو. استادن اسان کي ڪلاس جا ادب آداب ٻڌايا ته حقيقي طور شاگرد محسوس ڪيوسين. ڪلاس ۾ استادن کان ٻاراڻا سوال گوڙ شور حرڪتون واه واه. شايد شاگرد طور اسٽوڊنٽ چيئر تي ويهڻ ۽ استاد طور ڪرسي تي ويهڻ ۾ وڏو فرق آهي. هاڻ ماٺ ڪرائڻ، وغيره سائين جن اسان کي هيڊ ماستر جي ڪم، عمل ڪردار، اسڪول جو نظم وضبط، انتظام، بجيٽ، ايس ايم سي جي تنظيم سازي، ليسن پلان، ڪميونٽي جو ڪردار، اسڪول رڪارڊ، وغیرہ جو ڪم سمجهايو لکايو آهي. هن ٽريننگ جا ڏه ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن جڏهن ته اڃا اٺ ڏينهن رهيل آهن. هي يادگار ڏينهن آهن، تمام دلچسپ مزيدار ڏينهن آهن. سڀني ٽريننگ حاصل ڪندڙ استادن سان محبتون ۽ هجتون قائم آهن. 30 سيپٽمبر 2017