"ڳوڙهن سندو ڳوٺ" استاد مٺو سانگهڙائي جي شاعري جو اڀياس تحرير : عبدالله جروار سنڌ سموري شاعرن سان مالامال آهي. شاعري نت نئين انداز سان سرجي پئي. ڪيترن شاعرن جا شاعري جا مجموعا پڻ ڇپيا آهن. هر شاعر جي شاعري جا انداز جدا جدا آهن. اهڙن نوجوان شاعرن ۾ سانگهڙ جي معتدل مزاج مٽي مان جنم وٺندڙ شاعر استاد مٺو سانگهڙائي پڻ آهي. مٺو سانگهڙائي سان منهنجي شناسائي وڏو سبب منهنجا نور چشم عبدالغفار جروار، ء عبدالحمید آهن منهنجا عزيز خداداد جروار ۽ صلاح الدین جروار هئا. جن جو مٺو سان رابطو هو. مٺو سانگهڙائي صاحب ٽنڊي الهيار جي ڪنهن ادبي پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاء آيل هئا. پروگرام رات جو دير سان هئڻ ڪري اسان جي ڳوٺ آيا. اها مٺو سانگهڙائي سان منهنجي پهرين ملاقات هئي. ظاهر ۾ پهرين ملاقات هئي پر ڪچهري ۾ ائين لڳي رهيو هو سالن جو واقف آهيون. مٺو سانگهڙائي سان گڏ ٻه ٻيا نوجوان شاعر آزاد مري ۽ لالچند وشناڻي جيڪي شاعري ۾ مٺو سانگهڙائي جا شاگرد هئا. مٺو سانگهڙائي ڪچهري ۾ پنهنجي شاعري پڻ ٻڌائي پر علم و ادب صحافت سميت مختلف موضوعن تي سير حاصل گفتگو پڻ ٿي. مٺو سانگهڙائي جو سانگهڙ شهر ۾ ڪلينڪ آهي. پر اهو ڪلينڪ گهٽ ادبي سنگت جو آستانو وڌيڪ لڳندو آهي. منهنجو تازو سانگهڙ ۾ وڃڻ ته نه ٿيو آهي پر وٺي جون خبرون پانڌين ٻڌايون آهن. جيڪي ادبي دوست سانگهڙ وڃن ٿا. مٺو جي حاضري نه ڀريائون ڄڻ سانگهڙ ئي نه ويا. اهڙي مٺڙي ماڻهو جنهن جو نالو هونئن مٺو آهي. سندس نالي وانگر سندس شاعري به اهڙي ئي وڻندڙ آهي. استاد مٺو سانگهڙائي جي شاعري جو مجموعو "ڳوڙهن سندو ڳوٺ" جي عنوان سان رومي ڪتاب گهر حيدرآباد وارن ڇپايو آهي. هن مجموعي جي اداري پاران نوٽ تحرير ٿيل آهي. جنهن ۾ مٺو جي شاعري جو پس منظر ۽ پيش منظر بيان ڪيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر آسي زميني لکيو آهي. آسي زميني "نام هي ڪافي هي" جي مثل ڪتاب جي توڙي شاعر جي پورهئي ۽ فڪر کي چڱي نموني اجاگر ڪيو آهي. آسي زميني مٺو سانگهڙائي جي شاعري ۽ فڪر کي خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. آسي زميني جي ساهوراڻي آڪھ سانگهڙ جي هڪ ڳوٺ نظر علي نظاماڻي ۾ رهي ٿي. اتي اچ وڃ هئڻ ڪري سانگهڙ ۾ مٺو سان سندس ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن . مٺو سانگهڙائي جي خاص خوبي اڪثر مشاعرن ۾ حصو وٺڻ پڻ آهي. اهي مشاعرا ڪيترو به پري هجڻ پر سنگت سان گاڏيون ڀاڙي تي يا بسن ۾ سنگت ساڻ ڪري پهچڻ سان گڏ رستي هلندي "بس مشاعرن" رواج وڌل لڳي ٿو . جنهن ۾ شاعري سان گڏ ڀوڳ جو پيرائتو احوال آسي زميني لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ مهاڳ کان اڳ پنهنجي پاران نوٽ شاعر مٺو پاڻ لکيو آهي. هن ڪتاب جا ٽوٽل صفحا 160 آهن. هن ڪتاب 94 غزل ۽ 18 نظم شامل آهن. ٿلهي ليکي مٺو سانگهڙائي غزل جو شاعر آهي. مٺو سانگھڙائي سانگهڙ شهر ۽ آس پاس ۾ استاد مٺو سانگهڙائي جي نالي سان مشهور آهي. ان جو سبب هن علائقي جا ڪيترائي نوجوان جن جي شاعري ۾ رهنمائي استاد مٺو ڪندو رهيو آهي. استاد مٺو سنڌ جي ان قبيلي سان تعلق رکي ٿو. جن جون پيڙهيون پورهيو ڪندي گذري ويون. پر هي قبيلو اڃا ٿڪو ناهي. پورهئي سا گڏ پنهنجي ڌرتي پنهنجن ماڻهن سان پيار ڪو هنن کان سکي. استاد مٺو سانگهڙائي جي شاعري ۾ سماج جا ڪئين رنگ ۽ روپ آهن. ڪٿي رومانوي انداز اوتيل آهي ته ڪٿي صدين جي احساس محرومي جو احوال. ڪٿي پورهئي پورهيتن سان پيار ته ڪٿي ڌرتي سان محبت جو اظهار. محبت جي ٻاريل مشعل ان تي پروانن جو اچڻ جو هنن سٽن ۾ ذڪر ڪري ٿو. دنيا سڄي هي ايندي مون ساڻ، مون ۾ ملندي، محبت جي مون ٻاري آ هڪڙي مشعال دل ۾، قوم جي سستي لاغرضي، پنڻ ۽ ٻين تي ڀاڙڻ کي هنن سٽن ۾ بيان ڪيو اٿس.. مظلوم جي مظلوم کي به سهڻي انداز سان بيان ڪيو اٿس. مظلوم هميشه ته ڇو مظلوم هجي هت، مظلوم ئي موسي ا جي عصا ٿي به سگهي ٿو، هاري جي محنت جا مارا گهڻا آهن انهن کي مٺو سانگهڙائي هنن لفظن م بيان ڪيو آهي. سال جي محنت وئي هاري سندي. آ کنئي ڀوتار ۽ ڪمدار اڌ، عام خيال اهو آهي ته ادا زمانو بدلجي ويو آهي. هنن سٽن ۾ شاعر ڪمال ڪيو آهي. ان جو رد بيان ڪيو اٿس. بدليا آهن. ماڻهو بدليا، باقي هي سنسار آ ساڳيو در در گهرڻ سوال ڪرڻ وارن جي لاء شاعر چوي ٿو. تو گهرن جو رستو بدلايو آهي باقي ڏيڻ وارو ڏاتار اهو ئي هڪ آهي. هر ڪنهن کي ڏئي ٿو. ۽ ڏيئي نه پچاري ٿو. تو ته گهرڻ جو رستو ڀدليو، ڏيھ سنڌو ڏاتار آ ساڳيو، ڪن کي ڏکن توائي ڪيو آهي. ڪي کائي کائي ڀرجي پيا آهن. عطائي مسيحائن کان ڇوٽڪاري جو رستو شاعر هينئن بيان ڪيو هن قوم جي سموري وائي بتال آ، هن قوم اڳيان ڪو رهبر رکي اچي.. زندگي ۾ پيش ايندڙ ڏکن سکڻ کي شاعر مٺو سانگهڙائي هڪ غزل هينئن بيان ڪيو اٿس. ڪٿي عيد ڏياري، همرچو لڳي، ڪٿي ڄڻ حياتي ته عاشور هئي. شاعر هن غزل ۾ سڌارن سنوارڻ توڙي مارڻ گهڻو ذميوار وقت کي قرار ڏيندي لکي ٿو ٿو سنواري ۽ سڌاري وقت ٿو، ٿو جياري. ۽ پوء ماري وقت ٿو، شاعر هڪ غزل ۾ محبت کي ماڻڻ لاء ڀاڳ آزمائڻ جو ذڪر خوبصورت انداز ۾ ڪيو اٿس ڪهڙا ته آزمايون هي ڀاڳ ڀاڪرن جا جوڳي نصيب پنهنجو، جوکو نصيب پنهنجو شاعر هنن سٽن ۾ لکي ٿو ڪهڙي ڪنهن سان شڪايت ڪيون هان خاموشي چڱي آهي ڪهڙي ڪجي شڪايت، ڪهڙي گلا ڪجي ها؟ لوڙيو گهڻو پر هاڻي، خاموش ٿي وڃون ٿا. شاعر مٺو سانگهڙائي نظم جي حصي ۾ به چڱو نباهيو آهي. هن نظم "وقت جا سارا سڪا" مان ڪجھ سٽون ڏجن ٿيون وقت جا سارا سڪا زندگي ڳڙڪي پئي، واء ڀاڪر پيو ڀري هر گهڙي ڪنهن سڃ کي، بک جي هن پيٽ ۾ پيا اسين ٽانڊا ڀريون، سمنڊ پنهنجي ڪنڌيء کي هر گهڙي ڌوڻي پيو ڀونء بنجر ٿي وئي بس رڳو کڙڪي پئي وقت جا سارا سڪا، زندگي ڳڙڪي پئي، شاندار گيت اپ سان استاد مٺو سانگهڙائي جو هي ڪتاب سنڌي علم و ادب ۽ شاعري ۾ بي بها اضافو آهي. ڪيترائي موضوع هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. جن کي هن صفحي تي گهٽ جاء هجڻ ڪري اجاگر نٿو ڪري سگهي. پڙهندڙ لاء کوڙ دلچسپي جا عنوان هن ڪتاب ۾ موجود آهن.