وہ روزے یاد آتے ہیں! (يادگيريون) تحرير : عبدالله جروار ڪافي سال اڳ "وہ روزے یاد آتے ھیں". هن نالي سان هڪ پروگرام آل انڊيا ريڊيو تي نشر ٿيندو هو. تمام بهترين پروگرام هو. جنهن ۾ ميزبان سان گڏ ڪو مهمان به هوندو هو. ننڍپڻ رکيل روزن جي ساروڻين کي ساريو ويندو هو. پنجن يا ڏهن منٽن جو مختصر ريڊيو پروگرام هوندو هو. دلچسپ هوندو هو. ننڍپڻ ۾ والدين جي ڇپر ڇانو ۾ رکيل روزا، امڙ ۽ بابا جو محبتن وچان اول گهول وڃڻ، واھ واقعي عجيب وقت هو. ان دور ۾ نه برف هوندي هئي نه فروٽ وغيره عام هوندو هو. ايترو ڪبو رمضان جي آمد سان بابا سائين ڪورا دلا ٺڪر جا گهر لاء به وٺندو هو . هڪ دلو مسجد لاء به رکبو هو. مسجد ۾ رکيل دلو بابا سائين رات جو نه ته صبح سوير پاڻي ڀرائي ڪپڙي سان منهن ٻڌي ڇانو ۾ رکائي ڇڏيندو هو. شام جو ان ٿڌي پاڻي کي روزي کولڻ تي پيئبو هو. شام جو ٻوڙ روزانو رڌبو هو دال، بصر يا پٽاٽا پر ڪجھ نه ڪجھ هوندو هو. رمضان المبارڪ جي آخر جمع ڏينهن يا شب قدر ستاويهين رمصالمبارڪ جي روزي تي برفت برادري جو جهونو چاچا دينو برفت بعد ۾ احمد برفت اسان جي ڳوٺ ۾ پاڏو ڪهي گوشت وڪڻندو هو. ان کان بابا ۽ چاچا وارا توڙي ڀر پاسي واري ڳوٺن جا ماڻهو به گوشت وٺندا هئا. شام جو ڳوٺ جا ٻارڙا پنهنجي پنهنجي گهران ماني کڻي مسجد ۾ ايندا هئا. اهو سلسلو هاڻ به هلي پيو. ان زماني ۾ برف نه هوندي هئي. نه ئي ڦل فروٽ عام هوندو هو. رمضان مبارڪ جو مهيني انبن جي سيزن ۾ ايندو هو ته انب مسجد ۾ ضرور ايندا هئا . باقي ڪجھ گهرن مان لسي ملندي هئي جنهن کي وڏي ٿانو ۾ وجهي پاڻي ۽ لوڻ جي لپ وجهي سڀني مسجد جي جماعتن کي جي روزي کولڻ واري وقت موجود هوندا انهن کي ماني کائڻ يا پيئڻ لاء ڏبي هئي . مسجد جي سنڀال جو انتظام بابا سائين ڪندو هو. ٻهاري ڏيڻ کان ويندي پاڻي جي ٽانڪي ڀرائڻ، نکون ۽ تڏيون وغيره وڇائڻ جو ڪم، 1977ع کان لڳل بجلي جي ميٽر جو بل باقاعدگي سان جمع ڪرائڻ بابا سائين جي ذميواري ۾ هوندو هو. روزا اڄ به رکجن ٿا پر اهو مزو اهي محبتون ڪٿي؟ . اها امڙ ۽ بابا ڪٿي! سڀ گذر