سائين مٺل جسڪاڻي ۽ سندس لکيل ڪتاب

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    سائين مٺل جسڪاڻي ۽ سندن لکيل ڪتاب!

    عبداللہ جروار

    سنڌي ۾ مٺو لفظ اچارڻ سان وات جو ذائقو مٺاڻ جي احساس سان ڀرجيو وڃي. مٺو لفظ سنڌي ٻولي جي گرامر جي لحاظ سان اسم تصغير جي چاشني سان مٺل لکجي ته ميٺاج ٻيڻو ٿيو وڃي. اهڙي ميٺاج واري مٺي ماڻهو کي مون سميت سندس مٽ مائٽ دوست احباب کيس "سائين مٺل جسڪاڻي" جي نالي سان سڏيون ٿا.
    سائين مٺل جسڪاڻي پيشي جي لحاظ کان استاد، زرعي ماهر ،زرعي سائنسدان ،ليکڪ، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار. سائين هڪ گهڻ رخي شخصيت آهي. زراعت بابت وٽن اڻ کٽ ڄاڻ هوندي به هروقت نيڻ کوجنائون نون مسئلن بابت نه رڳو ڄاڻڻ پر انهن کي حل ڪرڻ ۾ هروقت ڪوشان رهندو آهي.
    سائين مٺل سان منهنجي واقفيت جو ڪارڻ فيس بوڪ نه آهي. ڇاڪاڻ ته آئون کين گذريل سالن اخبارن ۽ زرعي رسالن ۾ سائين جا لکيل مضمون پڙهندو رهيو آهيان. سندن تحريرون تمام ڪارائتيون رهيون آهن. سائين جا هن کان اڳ سنڌ جي زراعت تي لکيل ڪتاب زرعي ڄاڻ ۽ ٻيو سفرنامو " سفر بخير" ڪتاب پڙهيا آهن. جن ۾ ڄاڻ سفر جا احوال اوريل آهن.
    سائين جو هي ڪتاب ڪهاڻين جو ڪتاب آهي. سائين مختصر ڪهاڻيون سوشل ميڊيا تي دوستن آڏو رکندو رهيو آهي. هن ڪتاب جي موضوع لحاظ کان برسات ۽ ٻوڏ جي حوالي سان ڪهاڻيون هونديون. پنهنجي ملڪ سميت دنيا جي جياپي جو دارومدار پاڻي تي آهي پاڻي جو اهم ذريعو برساتون آهن. جنهن سان ملڪن ۾ خوشحالي ايندي آهي. جڏهن ته حد کان وڌيڪ برساتون ۽ پاڻي ٻوڏ آڻين ٿا. جن سان انساني زندگين ۾ وڏي اٿل پٿل ايندي جنهن کي متاثر ماڻهو وڏين ڀوڳنائن مان گذرڻ ٿا. اها ااٿل پٿل اسان جي ملڪ ۾ وڏي سماجي اٿل پٿل جو ڪارڻ پڻ بڻجڻ ٿا.
    يقين سائين جي ڪتاب ۾ انهن سڀني رخن کي تحرير ۾ آندو ويو هوندو.
    مٺل جسڪاڻي صاحب جن جا ٻه ڪتاب ٻيا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. هڪ "چوٿين اک" ۽ ٻيو شاھ سائين جي ڪلام مان سر ڪاپائتي جي هاڻوڪي حالتن موجب ڪيل تشريح. ٻئي ڪتاب بيحد مقبول ٿيا. پڙهندڙن طرفان ساراهيو ويو سائين مٺل انهن چند ليکڪن مان جن وٽ وقت جو قدر آهي. پنهنجي قيمتي کي هميشه نون موضوعن تي ڪجھ نه ڪجھ لکڻ کي اهميت ڏيندا آهن.

    سائين مٺل جسڪاڻي صاحب کي هڪ وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيڻ تي مبارڪون. هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڪتاب سائين لکيل ڪالمن ۽ مضمونن تي به شايع ٿيڻ گهرجن. جيئن سائين جو لکيل مواد محفوظ ٿي سگهي ايندڙ نسلن جي رهنمائي ٿي سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو