انگريزن جي دور حڪومت دوران ٽنڊي الهيار ضلع جي حدن ۾ قائم ڪيل ملا مڪتب اسڪول. تحرير : عبدالله جروار انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھ سان گڏ جهالت ختم ڪرڻ خاطر جن ڳوٺن ۾ سرڪاري اسڪول کلڻ ممڪن نه هئا انهن ڳوٺن ۾ ملا مڪتب اسڪول قائم ڪيا ويا هئا. جن جي هيڊ معلم کي ٻارن جي تعداد ۽ ڪارڪردگي موجب سرڪاري گرانٽ ڏني ويندي هئي. 1931ع ۾ ٽنڊي الهيار ضلع جي حدن ۾ قائم ملا مڪتب اسڪول هنن ڳوٺن ۾ قائم ٿيل هئا. انهن جا سنڀاليندڙ (هيڊ معلم) ڪير هئا. انهن جو مختصر احوال شيئر ڪجي ٿو 1. ڳوٺ غلام حسين لنڊ هيڊ معلم حاجي جان محمد 2. داد جروار هيڊ معلم محمد عثمان 3. ڳوٺ صاحب خان جروار هيڊ معلم حاجي پيروز 4. ڳوٺ نبي بخش لاشاري هيڊ معلم حاجي علي بخش 5. ڳوٺ مبارڪ جروار هيڊ معلم محمد ابراهيم 6. ڳوٺ حاجي مير حسن هيڊ معلم حاجي عيسي ا 7. ڳوٺ نصير مندواڻي هيڊ معلم حاجي صالح 8. ڳوٺ شير خان لنڊ هيڊ معلم حاجي هاشم 9. قاضي نور محمد هيڊ معلم جان محمد 10. ڳوٺ جرار ٿيٻو هيڊ معلم يار محمد 11. ڳوٺ علي محمد لغاري هيڊ معلم حاجي غلام حيدر 12. ڳوٺ علي خان لغاري هيڊ معلم محمد عمر 13.ڳوٺ بهادر جلباڻي هيڊ معلم محمد موسي ا 14. ٽنڊي الهيار شهر ۾ ميمڻ پاڙي ۾ قائم ملا مڪتب اسڪول هو. جنهن کي ادي وارو اسڪول سڏيو ويندو هو. ملا مڪتب اسڪولن کي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي دور۾ 1972ع پراونيشلائيزد ( قومي تحويل) ڪيو ويو هو. (مٿي ذڪر ڪيل ڳوٺن اسڪول جي سنڀاليندڙن بابت جن دوستن وٽ ڄاڻ هجي يا سندن وڏڙن کان معلومات ملي سگهي ته هتي شيئر ڪن)