گلڻ جهڙا ٻارڙا تنظيم (يادگيريون)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    يادگيريون
    گلن جهڙا ٻارڙا (تنظيم)
    عبدالله جروار
    هلال پاڪستان ڪراچي جي ٻارڙن جي صفحي کان تنظيم تائين.
    هلال پاڪستان اخبار مختلف مالڪن ٿيندي ڀٽي صاحب جي پپلز پارٽي جي ترجمان اخبار طور سامهون آئي. ڀٽي صاحب هن اخبار جو ايڊيٽر پڙهيل نوجوان سراج الحق ميمڻ کي ڪيو. هلائڻ جا سمورا اختيار کيس ڏنائين. سراج صاحب پنهنجي محنت ۽ ذاتي ڪوششون وٺي ناليوارا صحافي ۽ ليکڪ هن اخبار ۾ گڏ ڪيا. جم ۾ امرجليل سرفهرست هو. ٻين ۾ عبدالڪريم سعدي صاحب، محمد خان سيال، اسلم آزاد، محمود يوسفاڻي ۽ ٻيا به هئا جن جا نالا نه پيا ياد اچن. عورتن جي هفتيوار صفحي سگهڙين سٿ لاء انچارج ادي فهميده حسين صاحبه کي مقرر ڪيو ويو. جڏهن ٻارن جو صفحو گلن جهڙا ٻارڙا جو انچارج محمود يوسفاڻي صاحب ٿيو. جنهن هر هفتي صفحي ۾ ٻارن جو تحريرون، ٻارن جي اسڪولن ۾ ٿيندڙ سرگرمين جو رپورٽون ڪهاڻيون، لطيفا، هدايتون، نصيحتون پر وڏو جهان هو. لکندڙ ٻارڙن ۾ وڌيڪ دلچسپي پيدا ڪرڻ خاطر ڪن جاين تقريري مقابلا ۽ ٻيون سرگرميون به ٿيون. جن ۾ ٻارڙن جي دلچسپي ڏسندي گلن جهڙا ٻارڙا کي هڪ تنظيم جو روپ ڏنو ويو. مون کي ياد ناهي ته ان سلسلي جي پهرين ميٽنگ ڪٿي ٿي هئي. هڪ مرڪزي تنظيم ٺاهي مختلف ضلعن ۽ تعلقن ۾ آرگنائزر مقرر ڪيا ويا جن پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ ٻارڙن کي منظم ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون.. مرڪزي صدر طور خدا بخش ابڙو صاحب اڳيان آيو. جڏهن ته جنرل سيڪريٽري طور غفران عاقلاڻي ٽنڊو ڄام چونڊيا ويا. انهن سان تنظيمي خبرون هر هفتي اخبار جي صفحي جي زينت بڻجڻ لڳيون. تيئن ئي ٻارن تنظيم ڪاٽي سان لکڻ پڙهڻ جو رجحان پيدا ٿيو. ڏسندي ئي ڏسندي ٻارڙن جي هي تنظيم سنڌ جي گهڻن ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ منظم ٿي. هر يونٽ پنهنجا پنهنجا پروگرام منعقد ڪرائڻ لڳو. جنهن ۾ ٻار وڏي جوش جذبي سان حصو وٺندا. تقريري مقابلا، مضمون نويسي، چترڪاري وغيره.
    هوڏانهن هلال پاڪستان اخبار انتظاميا ٻارن جي گهڻي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي اخبار ۾ هفتيوار صفحي "گلن جهڙا ٻارڙا" کان علاوه هڪ ماهوار مئگزين "گلن جهڙا ٻارڙا" ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن جي ذميواري پڻ محمود يوسفاڻي صاحب تي رکي وئي هئي جنهن پاڻ هن مئگزين سان خوب نڀايو. هاڻ مئگزين ۾ ٻارڙن جي تحريرن گلن جهڙا ٻارڙا تنظيم جي سرگرمين سان گڏ وڏن اديبن جا لکيل ٻارڙن لاء ڪالم به ڇپجڻ لڳا جن ٻارن جي دلچسپي ۾ ويتر اضافو ڪيو.
    گلن جھڙا ٻارڙا تنظيم ان وقت جي ٻارڙن جي وڏي تربيت ڪئي ٻارن ۾ پڙهڻ لکڻ تنظيم ڪاري جو شوق پيدا ٿيو. وڏي پئماني هن تنظيم ڪاميابي حاصل ڪئي.
    ان حوالي سان هن تنظيم جي ٽنڊو الهيار شاخ ڪافي ڪامياب پروگرام ڪرايا. تنظيم جو آرگنائزر غلام مصطفي ا جروار هو. باقي دوستن ۾ ادا علي محمد ميمڻ، منظور حسين ڪالرو،. اڪبر سومرو،. غلام نبي عمراڻي. ڀڳوان داس شامل هئا. جنرل سيڪريٽري محمد سليمان اوٺو مقرر ٿيو هو. هن تنظيم جا ٽنڊي الهيار شهر سميت ڪافي شهرن ۾ وڏا پروگرام ٿيا جن ۾ ٽنڊوالھيار شهر، نصرپور، بڪيرا شريف، ۽ چمبڙ سلطان آباد وغيره کان سواءِ ننڍن ڳوٺن ۾ پڻ هفتيوار ماهوار بنيادن تي پروگرام ٿيندا رهندا هئا. جنهن سان ان وقت جي ٻارن جي حوصلا افزائي سان گڏ شعور پيدا ٿيو. ان تنظيم جي تربيت جي ڪري ڪيترائي نوجوان پنهنجي محنت سان وڏن عهدن تي پهتا.
     
  2. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88

هن صفحي کي مشهور ڪريو