سنڌ جي ناليواري شاعر "پانڌي فقير آريسر" جي شخصيت ۽ سندس شاعري منهنجي نظر ۾ عبدالله جروار سنڌ ڌرتي تي ڪئين املھ ماڻڪ پيدا ٿيا آهن. جن پنهنجي علم، فن ۽ فڪر کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي زرخير مٽي ضلع ٽنڊي الهيار ۾ به اهڙيون کوڙ شخصيتون پيدا ٿيون. جن فقيري ۽ صوفياڻي فڪر ذريعي تصوف، مذهبي هم آهنگي انساني قدرن جي اعلي معيار قائم رکڻ لاء شاعري کي پنهنجو ذريعو بڻايو. جن ۾ شاھ عنايت رضوي، پير اشرف شاھ ڪاماري شريف وارو. مصري شاه نصرپور وارو شامل آهن. وڏا وڏا عالم دين پڻ هن علائقي جي حصي ۾ آيا. جن عام ماڻهن تائين اسلامي تعليمات جي پرچار ڪرڻ سان دنياوي تعليم لاء به ڪوششون ورتائون جن ۾ مولوي محمد اسماعيل لغاري، مولوي عبدالڪريم لغاري ، مولوي عبدالحق رباني شامل آهن. انهن علمي ادبي شخصيتن جن ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو انهن شخصيتن ۾ هڪ شخصيت جيڪو شاعر هئڻ سان گڏ پنهنجي فقيري مزاج هئڻ سبب کيس پانڌي فقير آريسر جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. پانڌي فقير مذهب سان گهرو لڳاء رکندڙ شخصيت هئڻ سان گڏ حب رسول ڪريم ﷺ سان سرشار هئا. اهوئي سبب آهي جو فقير صاحب سنڌ جي شاعري توڙي گائيڪي جي هڪ خاص صنف مولود جنهن ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جو شان بيان ڪبو آهي مولود شريف لکيا. جن کي سنڌ جي مشهور مولودين جي ٽولين ڀرپور انداز سان ڳايو آهي. اڄ به پانڌي فقير آريسر جا چيل مولود ۽ مداحون شوق سان پڙهيون وينديون آهن. پانڌي فقير ٽنڊي الهيار ضلع ۾ تعلقي چمبڙ جي ڄارڪي اسٽاپ لڳ ڳوٺ ڇتن آريسر ۾ جنم ورتو. ڳوٺ ڇتن آريسر هڪ قديم ڳوٺ آهي هي آريسر برادري جو ڳوٺ آهي. هتي جا ماڻهو زراعت پيشه هئڻ سان گڏ پڙهيل لکيل پڻ آهن هن ڳوٺ ۾ آريسر برادري کان سواء سهتا ۽ ڪنڀار برادريون پڻ آباد آهن هتي جون زمينون تمام ڀليون آهن. انبن ڪيلن جا وڏا باغ آهن. پانڌي فقير آريسر خوشحال گهراڻي جو فرد هئڻ باوجود ننڍپڻ ۾ تنها رهڻ پسند ڪندا هئا. ننڍپڻ کان فقيراڻا خيال رکندڙ هئا. جڏهن پاڻ چوڏهن ورهين جا ٿيا تڏهن مسجد جي پيش امام، ملن مولوين ۽ عالمن جي صحبت ۾ رهي قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪيائون. قرآن شريف مڪمل ڪرڻ بعد سنڌي ۽ فارسي پڻ پڙهيو. ويهن ورهين جي عمر ۾ کين عشق مجازي لڳو. جنهن ڪري سندس زندگي ۾ پريشانين واسو ڪيو. جنهن ڪري سڪون جي تلاش ۾ سرگردان رهيا ان دوران سندس ملاقات وڏي عمر جي هڪ بزرگ فقير سان ٿي جنهن جي عمر تقريبن سئو سالن کان مٿي هئي. اهو فقير ڪنڀار ذات جو هو. سندس نالو حاجي خميسو هو. جيڪو مشهور تاريخي حيثيت رکندڙ اجڙيل شهر اگهاماڻي ويجهو بزرگ مخدوم آري جيڪو درس ذات جو هو. (جنهنجي درگاھ پڻ موجود آهي.) ان جو خدمتگار هو. ان درويش جي نظر مٿس غالب ٿي ويئي. جنهن سان دنيا جا خيال ترڪ ٿي ويا. الله پاڪ جو قرب ۽ حب رسول ﷺ سندن شخصيت تي غالب ٿي ويا. پانڌي فقير آريسر بڪيرا شريف جي مخدوم پير ولايت شاھ جن جي خدمت ۾ به ڪجھ وقت رهيا. ان وقت پاڻ فقيري رنگ ۾ رنگجي چڪا هئا. اتان ئي شاعري ڏانهن پڻ راغب ٿيا. فقير سائين جي شاعري ڪيترين ئي صنفن تي مشتمل آهي. جن ۾ مولود، مداحون، ڪافيون، ڏور، بيت، غزل، جنگناما شامل آهن. مارئي، سسئي، سهڻي، جي سرن تي پڻ بيت ۽ ڪافيون چيائون. ان کان سواء جمع جا خطبا ۽ نصيحتون ۽ سلوڪ پڻ چيا اٿن. پانڌي فقير جي ڪلام جو مجموعو" بياض پانڌي" ۾ سندن ڪافي شاعري موجود آهي. هن مجموعہ ڪلام ۾ فقير سائين پنهنجي دل جو حال، هر رنگ ۾ درد وارن اوشاقن فقيرن ۽ درويشن جي محبت ۾ لکيو آهي. سندن ڪلام جو مجموعو "پانڌي جا پيغام" 1968ع ڌاري شايع ٿيو هو. جنهن کي ترتيب ان وقت جي هڪ ناليواري استاد سائين ڪمال الدين دائوداڻي بلوچ صاحب ڏنو هو. وڏي عرصي گذرڻ باوجود ٻيهر سندن ڪلام ڇپجي نه سگهيو آهي. جڏهن ته پانڌي فقير جو ڪافي ڪلام ڇپجڻ کان پڻ رهجي ويو آهي. جيڪو پڻ ڪنهن نوجوان محقق جو متلاشي آهي. جيڪو فقير سائين جي ڪلام کي گڏ ڪري منظر عام تي آڻي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن پنهنجي مشهور ڪتاب ڪافيون ۾ پانڌي فقير جي زندگي جو مختصر احوال ڏنو آهي. . ان سان گڏ ڪجھ ڪافيون پڻ ڪتاب ۾ شامل آهن. پانڌي فقير بابت سنڌي ڪافيون ڪتاب ۾ ڇپيل احوال انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ پڻ ڇپيل آهي فقير سائين جي جنم توڙي وفات جي تاريخ ڪوشش باوجود نه ملي سگهي آهي. جڏهن ته فقير سائين جي پونئيرن سندن نالي سان لائبريري ضرور قائم ڪئي آهي. پانڌي فقير آريسر مولود شريف جي صنف تي گهڻي شاعري ڪئي آهي. جن مان ڪجھ هيٺ ڏجن ٿا. ڪڏهن قسمت ڪندين منهنجي حاجين سان گڏ مديني ۾ نماڻي هي هنجون هاري سدا سڪ ۾ ٿو سڄڻ ساري محبت ۾ شل مونکي ماري محبن سان گڏ مديني ۾, ڏکيائي ۾ ڏکيا ڏينهڙا، وڇوڙي ۾ ورهيه ٿيڙا، وسن محبت سندا مينهڙا، ڀلن سان گڏ مديني ۾ لڳي لالڻ جي لنئون لوري، جدائي جي جهڄڻ جھوري جانب تان جان جند گهوري، محبوبن سان گڏ مديني ۾ "پانڌي" کي پھ اچي پيئڙو، ڦٽي مون سک تڏهن ويئڙو لهي غم سور ڪل ويئڙو، ساٿين سان گڏ مديني ۾ پانڌي فقير جي هي مناجات جنهن ۾ مديني جي مير ﷺ سان محبت جو اظهار آهي. مناجات - وڃي رھ تون مديني ۾ وڃي رھ تون پرين پاڙي، مسافر ٿي مديني ۾ گذارج دم حياتي جا مهاجر ٿي مديني ۾ هليو وڃ تون هتان هاڻي، احمدي عشق تون آڻي. ڄاڻڻ وارو سدا ڄاڻي، وڃي رھ تون مديني ۾ هتي واجب وھڻ ناهي، هوتن ڏانهن هاڻ هلڻ آهي، محبوبن سان ملڻ آهي، وڃي رھ تون مديني ۾ لاڳاپا لوڪ جا لاهي، هتي تنهنجو ادا ڇاهي پھچ ڪعبي اندر ڪاهي، وڃي رھ تون مديني ۾ دنيا جو پيچ آهي پئيڙو، ڪوڙ لالچ لڳي ويئڙو حرص هٺ ۾ خفي ٿيئڙو، وڃي رھ تون مديني ۾ ڌنڌا سارا ڇڏي وڃ تون عجيبن ڏي لڏي وڃ تون، سڳر پنهنجا سڏي وڃ تون، وڃي رھ تون مديني ۾ مديني وڃ رکي محبت، حاجين سان وڃ رکي صحبت ڪعبي وارن سان ڪر قربت، وڃي رھ تون مديني ۾ عرب جو ملڪ عطر وارو، کٿوري مشڪ عنبر وارو خاصي خوشبوء سان پر سارو، وڃي رھ تون مديني ۾ فقير سائين ڪيتريون ئي ڪافيون پڻ چيون آهن. جن جو مختصر ذڪر ڪبو. هڪ ڪافي جو ٿلھ هن طرح آهي. منهنجي ڪان ڪيائون پچار اديون آهيان بند ۾ بندي لاچار اديون ڪافي 2 ادا مون کي سدا آهي اڪنڊ الڪو اباڻن جو عمر مون کي نٿو وسري، ڏسان شل ڏيھ ڏاڏاڻن جو ڪافي 3 پڄاڻان پوء مرڻ منهنجي لالڻ لاشو کڻي ويندا، عمر آهن اميدون مون، منهنجا دلبر ڌڻي ٿيندا. پانڌي فقير جي شاعري جون مختلف صنفون مختلف رنگ آهي. جنهنجو مثال چند شاعرن ۾ ئي ملي ٿو. پانڌي فقير جا مولود مختلف مولودي پڙهندا رهڻدا آهن. جن ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن سان محبت جا اعلي ا مظهر ملن ٿا. پانڌي فقير جي هڪ ڪلام ۾ مرشد ڪامل جي ڳالھ ڪري ٿو. سالڪ کي مشورو ڏئي ٿو ته مرشد ڪهڙو هئڻ گهرجي. "پير مغان ٿو ڪامل گهرجي، حق جي راھ ڏيکاري جو"" وقت ۽ حالات جي نزاڪت کي سمجهندي فقير سائين سچي ڳالھ لکي. جا هن طرح آهي ٿلھ: مان مهابو ماڻهن ڇڏيو، ادب ويو اخلاق ويو 1. ڪوڙا واعدا ڪوڙيون ڳالهيون، هرڪو ٿي چالاڪ ويو، 2. ننڍ وڏائي وئي ويچاري، ٿي حرص ۾ ڪل هلاڪ ويو، 3. رڳي بغاوت ۽ بڇڙائي، گم ٿي اتفاق ويو 4. مک ڏسڻ ۾ مومن جهڙو، پر تن ۾ پئجي طاق ويو 5. " پاندي" ڪوڙو ڌنڌو دنيا جو، ٿي دفن برابر خاڪ ويو. پانڌي فقير آريسر اعلي ا پايي جو بزرگ شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن وقت جي محققن ۽ سنڌي شاعري ۽ ادب جي تاريخ تي ڪم ڪندڙن لاء سندن ڪلام گڏ ڪرڻ ۽ سندس شخصيت بابت ڄاڻ گڏ ڪرڻ هڪ چئلينج آهي. پانڌي فقير جا پونئيرن ۾ ناليوارين شخصيتون حاجي مريد آريسر ، ڏاڏا بچل آريسر. سائين محمد خان آريسر مرحوم ۽ نوجوان صحافي ۽ سماجي ڪارڪن وفا ماجد آريسر شامل آهن. به الله پاڪ جي ڀلائي سان گهڻا پڙهيل لکيل خوشحال آهن. . سماجي سرگرمين ۾ به اڳرا رهن ٿا. پنهنجي ڳوٺ ۾ ۾ پانڌي فقير ادبي فورم قائم ڪئي اٿن. کين گذارش آهي ته پانڌي فقير جي ڪلام کي ٻيهر سهيڙي نئين ترتيب سان "بياض پانڌي" توڙي مولود ۾ مداحن تي مشتمل ڪتاب "پانڌي جا پيغام" ڇپرائڻ گهرجي. جيئن فقير سائين جو ڪلام محفوظ ٿي سگهي. Wafa Majid Arisar Roshan Ali Arisar