سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ ورتل ڪوششون، وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ورتل ڪوششون، وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت
    عبدﷲ جروار
    سنڌ پاڪستان جو اهو صوبو آهي جنهن ۾ بهتر تعليم نه هجڻ بابت بحث عام و خاص جو مرڪز رهيو آهي. ان جا سبب ته ڪيترائي رهيا آهن. ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ ملڪي ڪار وهنوار هلائڻ لاء مختلف شعبن پروفيشنل افرادي قوت جي ضرورت هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر ملڪ جي حڪومتن جو گهڻو زور ۽ توجھ تعليم تي هوندي آهي. اسان جي سنڌ صوبو تعليمي حوالي سان ڪجھ ڪمزور رهيو آهي. پر صفا حالت خراب به ناهي. مختلف شعبن ۾ انتهائي قابل نوجوان اڳيان اچن پيا. ان ڪري ئي صورتحال اميد افزا آهي. سنڌ ۾ وڏي عرصي کان تعليم کاتو گھڻن مسئلن ۽ معاملن جو شڪار آهي. جنهن ۾ اهم جز هڪ طرف سياسي مداخلت آهي. ٻي طرف پرڏيهي ادارن کان وڏي رقم طور ملندڙ قرض به آهن. جن کي تعليم جي بهتري لاء استعمال ڪرڻو آهي. انهن پئسن کي بهتر نموني ڪم آڻڻ لاء ڪوششون جاري آهن.
    جيئن ته اسان وٽ تعليم ٽن حصن ۾ انتظامي طور ورهايل آهي. پهريون پرائمري تعليم ۽ ٻيو سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري تعليم ٽيون اعلي ا تعليم جيڪا ڪاليجن يا يونيورسٽين ۾ ملي ٿي. پنهنجو هن مضمون جو موضوع اسڪولي تعليم آهي جنهن ۾ پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري اسڪول اچي وڃن ٿا. سنڌ جي تعليم جي خراب حالت جا ذميوار ٻيا گهڻا عنصر آهن. انهن ۾ سڀ کان اهم فيڪٽر کاتي ۾ سياسي مداخلت آهي. سياسي مداخلت جي شروعات جنرل ضياء الحق جي دور کان ٿي. خاص طور 1985ع جي غير جماعتي اليڪشن جي نتيجي ۾ چونڊجي آيل اسيمبلي ميمبرن کي مليل مراعتن ۾ نوڪريون به هيون. جن ۾ اسڪولن ۾ استادن جي ڀرتي سياسي بنيادن تي ٿي. اهو سلسلو مختلف حڪومتن ۾ به جاري رهيو. جنهن دوران 1988ع ۾ پيپلزپارٽي حڪومت ۽ 1990ع ۾ جتوئي صاحب جي وزارت عظمي ا ۾ قائم نگران حڪومت . نواز شريف ۽ پ پ پ حڪومتن جي مختلف دورن ۾ اهو سلسلو هلندو رهيو. پرويز مشرف جي شروعاتي دور استادن توڙي ٻين کاتن ۾ ڀرتيون ميرٽ تي ٿيون. پرويز مشرف جي حڪومت ۾ جيئن ئي سياسي ماڻهن کي حڪومت ۾ حصيدار بڻايو ويو ته ان ۾ نوڪرين ۾ ڀرتين سان گڏ آفيسرن جون مقرريون پڻ سياسي بنيادن ٿيڻ لڳيون. 2008ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ سان پهريون قدم اهو کنيو پراڻو ڊويزن سسٽم بحال ڪيو ويو. ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر جا اختيار واپس ڊائريڪٽر کي ڏنا ويا. هر ڊويزن تي ڊائريڪٽر سيڪنڊري هاير سيڪنڊري ۽ پرائمري الڳ الڳ مقرر ڪيا ويا. تعليم کاتي ۾ استادن جون ڀرتيون ٽيسٽنگ نظام جي آڌار تي آء بي اي سکر جي تحت ٽيسٽ وٺي استاد ڀرتي ڪيا ويا. جيڪا سٺي شروعات هئي.. ٻيو دفعو ڀرتيون سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽنگ نظام هيٺ ٿيون استادن جو چڱو خاصو تعداد ڀرتي اسڪولن جي تعليمي سسٽم سان شامل ٿيو. جنهن عمل کي عام ماڻهن ۾ چڱي پذيرائي ملي پيپلز پارٽي حڪومت هلندي 2012 ع ۾ اسڪولن جي ادر ڪيدرس ڊي ٽي، او،ٽي، پي ٽي آء جي استادن جي ڀرتي ڪئي وئي. جنهن ڀرتي جي ٽيسٽ واري طريقيڪار کي نظر انداز ڪري ڀرتيون ٿيون. جنهن ۾ ميرٽ جي وڏي پئماني تي لتاڙ خلاف آواز اٿيا. انهن استادن جي ڀرتين تي اڃا تائين تحقيقات هلندڙ آهي. بهرحال پيپلز پارٽي جي ٻئي دور حڪومت ۾ 2014ع ۾ ٿيل اين ٽي ايس ذريعي ٿيل ڀرتين ۾ مرد استادن جي مقابلي ۾ عورت اميدوارن کي اضافي مارڪون ڏيئي نوڪريون ڏنيون ويون. جنهن ڪري ڪيترا اهل مرد اميدوار نوڪري کان محروم رهيا. جن ڪافي دانهون ڪوڪون ۽ احتجاج ڪيا پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو. انهن مان ڪجھ استادن جي هاء ڪورٽ ۾ وڃڻ سان اٺن سالن جو عرصو گذرڻ کان پوء سنڌ هاء ڪورٽ کين استاد طور ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي پر حڪومت طرفان کين استاد طور ڀرتي جي ڪا تياري نظر نه پئي اچي. ان جو سبب گذريل سال جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جي آء بي اي سکر معرفت ورتل ٽيسٽ ۾ پاس اميدوارن کي رعايت ڏيئي 40 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جنهن ڪري 2013 ع ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن لاء في الحال گنجائش نظر نه پئي اچي. تعليم کاتي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ انتظامي ڍانچو آهي ٻيو تعليم کاتي ۾ اصلاحات آڻڻ لاء قائم ڪيل ريفارم سپورٽ يونٽ. آر ايس يو.
    تعليم کاتي جو انتظامي ڍانچو جنهن ۾ ڊائريڪٽرز، ڊي اي اوز، ڊپٽي ڊي اي اوز، ٽي اي اوز وغيره شامل آهن جڏهن ته پرائمري تعليم سطح تي سپروائيزر به مقرر هئا. پر اها پوسٽ ڪافي ضلعن ۾ ختم ڪتي وئي آهي. هن سسٽم ۾ آفيسرن جي پروموشن ٿيڻ سان ڪافي سٺا آفيسر اڳيان آيا آهن. ضروري آهي تعليم کاتي جي هن سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي. کاتي ۾ سياسي مداخلت جو خاتمو آندو وڃي. سٺن ۽ ٽيلينٽيد آفيسرن کي اڳيان آندو وڃي. انهن کي ئي تعليم جي بهتري جو ٽارگيٽ ڏيئي ڪم ورثو وڃي. اهڙي طرح ڪافي بهتري جي اميد رکي سگهجي ٿي. نون استادن جي ڀرتين سان اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ جي شڪايت جو ڪافي حد تائين ازالو ٿيو آهي. جنهن سان سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ بهتري جي اميد پيدا ٿي آهي. پر اسڪولن جا مسئلا حاص طور اسڪولن جي عمارتن جي مرمت، فرنيچر، سائنس جي سامان جي فراهمي، پيئڻ جو صاف پاڻي، اسڪولن ۾ بدحال ليورتي بلاڪ جي بحالي،. جن اسڪولن ۾ بجلي جي فٽنگ پکا، کوڙ سارا مسئلا موجود آهن . جن طرف گذريل 10 سالن کان ڪو ڌيان نه ڏنو ويو آهي. اسڪولن کي ملندڙ ڪانٽيجنسي گذريل ڏهن سالن کان بند آهي. اسڪول ۾ ڊولپمينٽ جا ڪافي ڪم اسڪول جي شاگرد کان وصول ٿيندڙ فين مان ڪرايا ويندا هئا. اهي گذريل ٽيهن سالن کان معاف ڪيا ويا آهن. سنڌ سرڪار سنڌ جي بورڊ آف انٽرميڊيٽ ۽ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن مان سرڪاري اسڪولن جي في معاف ڪرائي آهي. بورڊ کي شاگردن جي امتحان جي في سموري رقم سنڌ سرڪار ادا ڪري ٿي. اهڙي طرح سرڪاري اسڪولن کي في شاگرد جي حساب سان في ادا ڪئي وڃي. جيئن اسڪولن جا مالي مسئلا حل ٿين. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سڀني اسڪولن خاص طور ها۽ اسڪول توڙي هاير سيڪنڊري اسڪولن جي هيڊ ماسترن ۽ پرنسپال تي اعتماد ڪندي اسڪولن کي ملندڙ سالياني بجيٽ بحال ڪئي وڃي. جنهن سان اسڪولن جي روزمرہ جي معاملن کي حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. ايس ايم سي معرفت هاء اسڪولن کي ملندڙ هڪ لک روپيا، مڊل اسڪول کي ٽيھ هزار روپيا ۽ پرائمري کي ملندڙ ٻاويھ هزار روپيا ناڪافي آهن. گذريل وڏي عرصي کان تعليم کاتي سنڌ تي وڏا تجربا ڪيا ويا آهن. جن لاء اهو حڪم ڪيو ويو آهي ته سالياني امتحان جي في توڙي ڇھ ماهي امتحان جي في ٻارن کان وصول نه ڪئي وڃي اها ايس ايم سي مان ادا ڪئي وڃي. ته باقي ڇا بچندو. تنهنڪري اسڪولن ۾ استادن جي ڀرتين ۽ استادن جي کوٽ جهڙا مسئلا حل ڪرڻ تعريف جوڳو عمل آهي. پر اسڪولن جا باقي مسئلا پنهنجي جاء تي موجود آهن. جن جي حل ڪرڻ جي تڪڙي ضرورت آهي. اسڪولن جي عمارتن جي بدحالي، تعميراتي ڪم نه هئڻ برابر هجن، فرنيچر جي کوٽ، پيئڻ جي پاڻي، توڙي ليورتي بلاڪن جي بحالي جهڙا مسئلا حل نه ٿيندا. تيستائين ڀرتي ٿيل استادن جي محنت به بهتر تعليمي نتيجا نه ڏئي سگهندي. اسان جي سنڌ جي تعليم جي وزير سردار علي شاه صاحب ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري صاحب ۾ چڱيون اميدون آهن. هن طرف توجھ ڏيندا. سنڌ جي آبادي جو وڏو حصو پورهيت طبقو آهي جيڪو پڻ پنهنجي ٻارن لاء بهتر تعليم چاهي ٿو. سندن اها خواهش آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائي بهتر ٿئي جيئن سندن ٻارن کي بهتر تعليم ملي. تنهن ڪري ضروري آهي ته سنڌ سرڪار سرڪاري اسڪولن جي ۾ استادن جي ڀرتي جي عمل مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اسڪولن جي باقي مسئلن کي به حل ڪري.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو