چوٽ چڙهيل مهانگائي ۽ بدحال عوام عبداللہ جروار اسان جو اڄوڪو زير بحث موضوع آهي، مهانگائي، جنهن هڻي عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، هڪ طرف هيلوڪين برساتن سبب عوام جو وڏو تعداد پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو هو، وڏي ايراضي تي پوکيل فصل تباھ ٿيا، عام ماڻهن بکن ۽ بيمارين کي منهن ڏنو، وڏي تعداد ۾ چوپايو مال مري ويو، جنهن سبب عام ماڻهوءَ کي به سخت مالي نقصان پهتو، انهن سڀني مسئلن کي ڀوڳيندڙ عام ماڻهو تائين نه راشن پهتو نه انهن کي رهڻ لاءِ تنبو ملي سگهيا، سمورو سرڪاري امدادي سامان پنهنجي پسند نا پسند تي ڏنو ويو، ائين سمجهجي ته سياست جي نظر ٿي ويو، امدادي سامان رات پيٽ ۾ من پسند ماڻهن کي پهچايو ويو، انهن وري پنهنجي من پسند ماڻهن تائين پهچايو، عام ماڻهو هڪ ٻئي جو منهن ڏسندو رهجي ويو. انهن سمورن مٿي ذڪر ڪيل مسئلن کي عام ماڻهو ڀرپور نموني منهن ڏيئي چڪو آهي، جڏهن هاڻ جنهن اهم مسئلي کي عام ماڻهو منهن ڏئي رهيو آهي، اها آهي جياپي جي جنگ، هڪ طرف عام ماڻهو وٽ ايترو پئسو نه بچيو آهي، جو گذر سفر ڪري سگهي، روزگار جا وسيلا گهٽجي ويا آهن، ڏهاڙي وارو مزور توڙي هاري سخت پريشان آهي، هن مهانگائيءَ جي دور ۾ جتي رڳو اٽو خريد ڪرڻ غريب ماڻهو جي پهچ کان مٿي هجي، ، ساين ڀاڄين کان ويندي دال چانور، گيھ، روزاني استعمال توڙي کاڌي جي شين جو اگھ چوٽ چڙهيل هئڻ ڪري عام ماڻهوءَ ۾ اهي شيون خريد ڪرڻ جي طاقت نه هجي، ٻئي طرف حڪومتي انتظامي ڍانچي جو هن طرف ڪو توجه نه هجي ته پوءِ آخر هنن دردن جي دانهن ڪنهن کي ڏجي؟ عام دڪاندار کان وٺي ريڙهي واري تائين هرڪو پنهنجي مرضيءَ جا اگھ وصول ڪندو هجي، عام ماڻهو ههڙي ماحول ۾ ڪيئن جيءُ سگهندو،؟ ان ڳالھ جو جواب ته حڪومت وارا ئي ڏيئي سگهن ٿا، پاڻ جهڙا رڳو سوچي سگهن ٿا، ڪاروباري طبقو موجن ۾ آهي، ٻيڻ کان ٽيڻ تي ڪمائي رهيو آهي. برسات جي ٿيل تباهيءَ جو وڏو نقصان ٻهراڙيءَ جي ماڻهو کي ٿيو آهي، جو ٻهراڙيءَ جو اڪثر ماڻهو زراعت پيشه آهي، جنهنجو سنئون سڌو واسطو زراعت سان آهي، زراعت وڏي پئماني تي تباھ ٿي چڪي آهي، زراعت جي ان تباهي ننڍي آبادگار کي به پيرن تي بيهڻ جهڙو نه ڇڏيو آهي، ڊيزل جي مهانگائي سبب ٽريڪٽر جي کيڙي في ايڪڙ 2500 کان 2800 سئو روپيا ٿي چڪي آهي، ان کان سواءِ ٻج ۽ ڀاڻ مهانگو آهي، زرعي دوائون ۽ ٽيوب ويل جو خرچ گهڻو هئڻ ڪري ننڍو آبادگار طبقو صفا ويهي ويو آهي، حڪومت طرفان رڳو ڪڻڪ جو ٻج سرڪاري طور ملڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، پر اهو ٻج ڪيئن ڪهڙي طريقي ڪٿان ۽ ڪڏهن ملندو؟ ان حوالي سان ڪا به واضح صورت نظر نه پئي اچي، لڳي ٿو ان ٻج جي حاصلات لاءِ روزاني جي بنياد تي مختيارڪار ۽ ڊي سي آفيس جا چڪر ڪاٽڻا پوندا ته ان ۾ سواءِ وقت جي زيان ٿيڻ جي ڪجھ نه ملي سگهندو، ڇاڪاڻ جو نومبر ڪڻڪ جي پوکيءَ جو مهينو آهي، ان ۾ ڪو رليف نٿو ملي ته ننڍو آبادگار وڌيڪ معاشي مسئلن جي ور چڙهي ويندو. هن وقت ڀاڄين جا اگھ چوٽ چڙهيل آهن، جن ۾ ٽماٽا ٻه سئو روپيا ڪلو، پالڪ هڪ سئو روپيا، گوبي 240 روپيا مطلب ڀاڄيون عام ماڻهو جي قوت خريد کان مٿي آهن، ڀاڄي جي مهانگائيءَ جي شڪايت هڪ ريڙهي واري سان ڪئي سون، جنهن شڪايت ڪئي پوليس سان لاڳاپيل مختلف کاتن جا اهلڪار اسان کان ڀتو وٺن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ مارڪيٽ کان پڙي تائين پهچڻ لاءِ ٽن چئن جاين تي پئسا ڀرڻا پون ٿا، اهو سمورو خرچ ڀاڄيون ۽ فروٽ مهانگي اگھ تي وڪڻي عوام کان وصول ڪيو وڃي ٿو، مهانگائيءَ جو اهڙو ئي حال اٽي جو آهي، ٻهراڙيءَ ۾ اٽو 110 روپيا ڪلو تائين وڪامي رهيو آهي، ان سان گڏ گيھ، داليون، چانورن جا اگھ به چوٽ چڙهيل آهن، کير ۽ ڏهي 200 روپيا تائين وڪامن پيا، حڪومت جي پرائيس ڪنٽرول وارو کاتو خبر ناهي ڪٿي گم آهي، شهر ۾ ڪٿي ڪٿي اگھ جون لسٽون لڳل آهن، جڏهن ته ٻهراڙيءَ ۾ ڪو پڇڻ وارو ڪونهي، ٻهراڙيءَ ۾ مزدور جي اجرت گهٽ هوندي آهي، سراسري 500 روپين جي لڳ ڀڳ ڏهاڙي ملي ٿي، جنهن مان هڪ خاندان جو گذر سفر سخت مشڪل سان ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٽن ويلن جي ماني به اڌ بک اڌ ڍئو تي نصيب ٿيندي آهي، ڀاءُ، برادري ۾ اٿڻ ويهڻ ڪو ننگ سنگ ڀرڻ، ڪنهن گهر ڀاتيءَ جي بيمار هجڻ تي دوائن جو خرچ ڪٿان اچي؟ تنهنڪري حڪومت سنڌ هن سلسلي ۾ ڀرپور قدم کڻي مهانگائيءَ تي ضابطو آڻي، سموري انتظاميه کي متحرڪ ڪري، کاڌي پيتي جي شين توڙي عام استعمال ۾ ايندڙ شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪري، عوام کي فوري طور تي رليف ڏيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، حڪومت طرفان اهڙو ڪو قدم فوري طور نه کنيو ويو ته عام ماڻهوءَ جون نه رڳو مشڪلاتون وڌي وينديون پر سندن گذر سفر به تنگ ٿي ويندو. ان کان علاوه ڪڻڪ جو امدادي اگھ سنڌ حڪومت تڏهن مقرر ڪري ها، جڏهن ڪڻڪ لهڻ تي هجي ها، ڪڻڪ جو امدادي اگھ ڪڻڪ جي پوکي ۽ ڪڻڪ جي لهڻ کان پنج مهينا اڳ ٻيڻو ڪري اٽي جو اگھ چوٽ چاڙهيو ويو آهي، جيڪو غريب جي پهچ کان مٿي آهي، پر بک بڇڙو ٽول جي مصداق سان گذر ته ڪرڻو آهي، هڪ طرف ٻوڏ جو سٽيل عام ماڻهو ٻئي طرف مهانگائي جيڪا گهٽ ٿيڻ ۾ نه پئي اچي جنهن ويتر ئي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت کي هاڻ ڪمند جي تيار فصل جو امدادي اگھ مقرر ڪري شگر ملز هلائڻ جو سنجيده ڪوششون وٺڻ گهرجن ها، پر سنڌ حڪومت طرفان شگر مل مالڪن جي تنظيم پاسما ۽ آبادگارن جي تنظيمن وچ ۾ ڪمند نئين اگھ مقرر ڪرڻ ۽ ان سان گڏ شگر ملون وقت سر هلائڻ بابت ٻه ميٽنگون ٿي چڪيون آهن، جن جو ڪو به نتيجو نه نڪتو آهي، جنهن ۾ شگر مل مالڪن جي تنظيم شگر ملن ۾ موجود کنڊ جي ايڪسپورٽ جي اجازت جو شرط رکيو آهي، ان شرط جو تعلق وفاقي حڪومت سان آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جو اختيار ۾ ئي ڪونهي، جنهن جي يقينن پاسما وارن کي به خبر هوندي، پر لڳي ٿو پاسما وارا نئين اگھ جي مقرري توڙي شگر ملون جلد هلائڻ جي موڊ ۾ ناهن، جنهن جو سڌو سنئون نقصان آبادگارن کي ٿيندو، هڪ ته وقت سر ڪمند نه نڪرڻ ڪري ڪڻڪ جي پوکي نه ٿي سگهندي، ٻيو آبادگار کي ڪا تڪڙي مالي سپورٽ نه ملي سگهندي، ٻئي طرف لڳي ٿو ته پاسما گذريل سال وارو ڪمند جو اگھ اڍائي سئو روپيا في مڻ جي حساب سان خريد ڪرڻ گهري ٿي ته ان سان آبادگار کي ڪجھ ڪون بچندو، پهرين فصل جي پوکيءَ تي ڪيل خرچ ڊيزل ۽ ڀاڻ سميت گهڻو ٿي چڪو آهي، مٿان مهانگائي سبب مزدوري ۽ ڪرايو وڌي ويو آهي انڪري آبادگار سخت نقصان ۾ وڃي رهيو آهي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته سمورا اختيار استعمال ڪري مهانگائيءَ تي ضابطو آندو وڃي، برسات سٽيل ماڻهن جي ترت سروي ڪرائي کين رليف ڏنو وڃي، شگر ملون وقت سر چالو ڪرائي ڪمند جو اگھ گهٽ ۾ گهٽ ساڍا چار سئو روپيا مقرر ڪيو وڃي، جيئن آبادگارن ڪو رليف ملي سگهي. (روزاني ”عبرت“ حيدرآباد، جمعو 28 آڪٽوبر 2022ع)