حڪومتي اڻپوريون امدادي سرگرميون ، مايوس متاثرين. عبدالله جروار گذريل آگسٽ مهيني جي شديد برساتن سبب سنڌ جي 28 ضلعن کي سخت متاثر ڪيو. لکين ايڪڙ زرعي زمين جي بيٺل فصل ٻڏي ويا جنهن سبب زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. لکين ماڻهن کي پنهنجا گهر ڇڏڻا پيا. جيڪي محفوظ هنڌن تي وڃي ويٺا. جن مان اڪثريت روڊن رستن تي پکڙا اڏي ويٺا ۽ ڪن امدادي ڪئمپن ۾ پناه ورتي. شديد برساتن جي حوالي حڪومت سنڌ جي پهرين ترجيح شهر هئا. حڪومت توڙي شهر ۾ ڀرپور نموني تحرڪ ورتو. سموري انتظامي مشينري کي شهرن مان پاڻي جي نيڪالي جي ڪم سان لڳائي ڇڏيو. جنهن ڪري شهرن برسات جي ختم ٿيڻ سان ئي پاڻي جي نيڪال سبب جلدي ئي ڪاروباري سرگرميون بحال ٿي ويو. ٻي طرف ٻهراڙي جي حالت شديد برسات ڪري تمام خراب ٿي وئي. ڳوٺن ۽ زرعي فصلن ۾ برسات جو پاڻي اچي ويو. روڊ رستا پاڻي سبب بند ٿي ويا. لکين ماڻهن کي پنهنجا گهر ڇڏي روڊ رستن تي پناه وٺڻي پئي. حڪومت سنڌ جو ان وقت ڪو خاطر خواہ توجہ نظر نہ پئي آيو. پهرين مرحلي ۾ سنڌ حڪومت 28 ضلعن کي آفت زدہ قرار ڏنو. متاثرين امداد جا اعلان ٿيندا رهيا پر عملي طور تي فيلڊ ۾ ڪاري وارا ڪک هئا. ٻهراڙي جي عام ماڻهو جو روزگار جو مسئلو زرعي زمين ۽ فصلن سان جڙيل آهي. اڪثريت هاري ۽ کيت مزدور طبقو آهي. شديد برساتن سبب جتي فصل ئي نه بچيا ته روزگار ڪٿان ٿئي؟ چوپائي مال جي گاہ جو مسئلو پڻ پيدا ٿيو. چوڌاري برسات جو پاڻي، مڇرن جو آزار وڌي ويو. مڇرن جي ڪري مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ واڌارو ٿيو. وڏي افسوس جي ڳالھ آھي ته حڪومتي توڙي مقامي انتظاميا جي ڪارڪردگي مايوس ڪن رهي آهي. امدادي سامان، راشن تنبوء ٻيو سرڪاري سامان ڊپٽي ڪمشنر هي هٿ هيٺ هوندو آهي. جيڪو مختيارڪار ۽ تپيدارن معرفت مستحقین تائين پهچائيندو آهي. اڳ کان پهرين ديه وائيز مستحقين جون لسٽون ٺهنديون آهن. هن دفعي اهڙي ڪا چر پر ڏسڻ ۾ نه آئي. گهر ويٺي لسٽون تيار ٿيون. ڇا ٿيو ڪو پتو ڪونهي. تپيدار ڳوٺن ۾ مڇردانيون ورهائي ويا. هر ماڻهوءَ جي مڃر داڻي وٺڻ وقت تصويرون ورٿون ويون انهن کان شناختي ڪارڊ ورتا ويا. جڏهن راشن ڏنو ويو مخصوص ماڻهن حوالي ڪيو ويو. اسان جي ڳوٺ جو مثال ڏيندس ته مڃر دانيون پنجاھ ماڻهن کي مليو جڏهن راشن ٽن ماڻهن حوالي ٿيو. ان مان امدادي سامان جي ورهاست جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ڊپٽي ڪمشنر صاحب سندن عملو ڇا ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح فصلن جي نقصان جو ڪو ڪاٿو ڪونهي نه ئي سروي ٿي آهي. نه ڪنهن نقصان بابت پڇا ڳاڇا ڪئي آهي. آخر برسات سٽيل آفت زدہ علائقن جي آبادگارن کي سنڌ حڪومت کان ڪهڙيون رعايتون ملنديون.؟ جنهن جو پري تائين ڪو امڪان نظر نٿو اچي. عام ماڻهو ٿورو گهڻو رليف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن ملڻ سان ٿيو آهي. جنهن سان ماڻهو ڏکين حالتن کي سامهون ٿيڻ جهڙو ٿيو آهي. شديد برسات جي شروعاتي ڏينهن ۾ سنڌ حڪومت جي امدادي سرگرمين جي سردمهري کان اندازو هو. حڪومت متاثرين کي ٺلها آسرا ڏئي وقت ڪڍڻ چاهي ٿي. ائين ئي ٿيو جنهنجو اندازو هو. امدادي سامان مڇردانيون وغيره متاثرين پهچائڻ ۾ انتظاميا تمام سست رهي. ڇاڪاڻ پهرين مرحلي ۾ مڇردانيون ورهائي متاثرين جا شناختي ڪارڊ نمبر ورتا ويا. ۽ صحيحون ورتيون ويون. پر امداد مهل عام ماڻهو کي پري رکي مخصوص ماڻهن تائين پهچائي وئي. جنهن جو مقصد سياسي فائدو حاصل ڪرڻ ٿي سگهي ٿو. اهو سمورو ڪم انتظاميه ڪيو. ان عمل کي وڌيڪ ڊيگھ وٺرائي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پاسي روزي روٽي جي تنگي ٻي . بيماريون ۽ مڇرن جو آزار. تنهنڪري هن علائقن ۾ پاڻي ٿو آهي يا لهي پيو اتي ماڻهو نون فصلن پوکڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. هاڻ ٻهراڙي ۾ ڪجھ مزدوري به کلي آهي. ان ڪري متاثر ماڻهن پنهنجي سهولت موجب روڊن رستن وغيره تي اڏيل پکڙا ڇڏي واپسي جو رخ ڪيو اٿن. جن علائقن اڃا تائين گهڻو پاڻي آهي گهر توڙي فضل اجڙي ويا آهن. نئين چيٽ جي فصل پوکڻ جو ڪو امڪان ڪونهي. اتي جا ماڻهو نه گهرن ۾ واپس وڃي سگهن ٿا. نه ئي انهن جي روزگار جو ڪو ذريعو آهي اهي الله پاڪ جي آسري آهن. حڪومتي امداد جو ڪو آسرو ڪونهي . وڏا ماڻهو جتي به هجن انهن جو تعلق ڪهڙي به پارٽي سان هجي پر هڪٻئي جا سهولتڪار آهن. جهڏي جي پيان واري قديم وهڪري جي بحالي جو مثال اسان سامهون آهي. حڪومت پنهنجي تي اچي ته اهو وڏو مسئلو ناهي. اهو مسئلو حل ٿي سگهيو پئي. حڪومت هن مسئلي کي ايترو اينگهايو جو هنن جي سامهون ڪٽ جي مخالفت ڪندڙ مخالف ڌر به پنهنجا ماڻهو گڏ ڪري هڪٻئي سامهون مد مقابل ٿيا. جنهن ڪري ڪجھ جهڙپون ۽ ڪيس به ٿيا. هاڻ هن وقت بااثر سياسي ڌرين ڪري حڪومت ڪجھ نٿي ڪري سگهي عام خلق کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو اٿن. هن سموري معاملي جو حل اتفاق ۽ ٻڌي ۾ آهي. ( روزاني عبرت حيدرآباد سنڌ تاريخ 04 آڪٽوبر 2022ع بروز اڱارو)