ليکڪ: محقق مير ٻڍو لغاري مرحوم تحرير : عبدالله جروار مير ٻڍو لغاري ولد عبداللطيف لغاري جو جنم بروز آچر 31 ڊسمبر 1950ع ۾ مطابق 21 ربيع الاول 1370هجري تي هڪ ديندار ۽ ساڃاه وند گهراڻي ۾ ٿيو. سندس جنم هنڌ ڳوٺ نصير لغاري تعلقه چمبڙ ضلع ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو. ٻڍي لغاري پنهنجي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ نصير لغاري جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. قرآن شريف جي تعليم بزرگ استاد سائين محمد ساجن ڪنڀار وٽ پڙهيو. پرائمري چار درجا ٻين استادن وٽ پڙهڻ کان پوءِ پنجون درجو ناليواري استاد مشهور تعليمي ماهر سرڳواسي سائين وسنداس اميداڻي وٽ پڙهيو. معاشي حالتن سبب وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهيو. گهريلو ماحول جي اثر هيٺ ننڍي هوندي کان ئي علم و ادب سان سندس دلچسپي، سير و سياحت جو شوق رهيو. شاھ سائين لطيف سرڪار جي ڪلام سان سندن بيحد دلچسپي رهي. شاھ سائين جي ڪلام ۽ فڪر کان متاثر پاڻ شاھ سائين جي ستن سورمين جي محتلف حوالن تحقيق ۽ ترتيب هڪ ڪتاب پڻ لکيائون. " شاھ لطيف جون ست سورميون" جيڪو تازو امرتا پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن سموري تحقيق کي ڇپائڻ جي سلسلي ۾ ناليواري اديب شاعر جاکوڙي انسان ڊاڪٽر ايم حنيف لغاري جون ڪوششون قابل قدر رهيون. جن مير ٻڍي مرحوم قلمي پورهئي کي ڪتابي صورت ڏئي صدين تائين محفوظ ڪرائڻ ۾ هٿ ونڊايو. مير ٻڍي لغاري مرحوم جو ٻيو ڪتاب ٻيو ڪتاب جيڪو پڻ تحقيقي پورهيو آهي اهو ڪتاب " سادات جا سنڌي ناناڻا" هي ڪتاب تاريخ جي روشني هڪ تحقيقي ڪوشش آهي جنهن ۾ امام صاحبان عليه السلام جن جي خاندان بابت تاريخ جي روشني ۾ ڪجهه حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن. مير ٻڍي جو ٻيو قلمي پورهيو يقينن هوندو پر هي ڪتاب سندس وفات کان مختصر عرصو اڳ سندس حياتي ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا ويا. مير ٻڍو لغاري جن 24 آگسٽ 2021ع تي وفات ڪري ويا آهن سندس ڪيل پورهيو ڪتابي صورت سدا قائم ۽ دائم رهندو. (روزاني آجيان شڪارپور سنڌ تاريخ 01 آڪٽوبر 2022ع) Hanif Laghari