برسات متاثرين جي گهرن ڏانهن واپسي ڪيئن ٿي سگهندي؟ تحرير : عبدالله جروار جولاء جي ٻئي هفتي کان شروع ٿيل برساتون وقفي وقفي سان جاري رهيون پر آگسٽ جي ٻئي ۽ ٽئين هفتي انهي ۾ تمام گهڻي شدت آئي. جنهن سان لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل ته تباہ ٿيا. پر لکين ماڻهن کي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن جون توڙي چوپائي مال جون جانيون بچائڻ لاء بي گهر ٿيڻو پيو. ٻي گهر ماڻهو محفوظ هنڌن تي پکڙا اڏي ويٺا. سنڌ جي ويجهي تاريخ ۾ هن قسم جي شديد برسات پوڻ جو ڪو مثال نٿو ملي. سنڌ صوبو شديد متاثر ٿيو. جنهن ڪري حڪومت سنڌ جي 28 ضلعن کي آفت زدہ قرار ڏيڻو پيو. آفت زدہ قرار ڏيڻ جو مطلب هنن ضلعن کي ريسڪيو ڪرڻ جي ضرورت آهي. چاهي اهي برسات جي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهو هجن يا محفوظ هنڌن پناه گاه ۾ ويٺل هجن. انساني زندگي جون ضرورتون، کاڌي پيتي جو سامان ، بيماريون جن ۾ خاص طور تي مليريا، گيسٽرو، چمڙي جون بيماريون انهن جو علاج گهربل دوائن تائين رسائي ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نظر نه پئي اچي. کاڌي پيتي جي سامان اڻاٺ آهي. روڊن رستن تي موجود توڙي ڳوٺن ۾ موجود مستحقين تائين راشن صحيح نموني نه پيو پهچي. ان سلسلي ۾ ڪا حڪومتي پلاننگ نظر نه پئي اچي . مستحقين جو لسٽون ٺهڻ گهرجن ها. جنهن سان انهن جي سار سنڀال لهڻ آسان ٿي پوي ها. ظاهر ۾ اهڙو ڪو عمل نظر نه پيو اچي. ڳوٺن م حڪومت کان مليل سمورو سامان پسند ۽ نا پسند تي ملي رهيو آهي. جنهن تان متاثر ماڻهن ۾ مايوسي پکڙيل آهي. پيئڻ جو صاف پاڻي متاثر علائقن ۾ نه پيو ملي. ٻارڙن جي خوراڪ اهم مسئلو بڻيل آهي. سڀ کان اهم ڳالھ وڏي ايراضي تي موجود پاڻي آهي. جنهن جي نيڪال بابت حڪومت ڪا واضح پاليسي نه ٺاهي سگهي آهي. جنهن ڪري پاڻي جي موجودگي جو مسئلو حڪومت جي مٿي جو سور بڻيل آهي. پر انهن سان گڏ متاثر ماڻهن لاء ڳڻتي جوسبب بڻيل آهي. جن علائقن ۾ برسات جو پاڻي گهٽيو آهي. انهن علائقن ۾ ماڻهن جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي ممڪن ٿي سگهي ٿي. جنهن ۾ به متاثر ماڻهن کي گهرن جي ٻيهر اڏاوت سان گڏ روزي روٽي جو بندوبست به ڪرڻو آهي. سموري صورتحال منجهائيندڙ ۽ ڏکي آهي. هن سموري صورتحال کي عام ماڻهو کي ڀوڳڻو آهي. ٻهراڙي ۾ گذر سفر جا وسيلا تمام گهٽ آهن. ٻي حڪومتي پاليسي سبب مهانگائي ۾ روبروز اضافو ٿي رهيو . خاص طور تي اٽي جي اگھ ۾ واڌ خلق جو متيون منجھائي ڇڏيون آهن. ان سان گڏ تيل جي قيمتن ۾ واڌ جون خبرون اچن پيون. جنهن سان مهانگائي ۾ ويتر اضافو ٿيندو. جنهن سان عوام ۾ مايوسي وڌندي. دوائون مهانگيون ٿي چڪيون آهن جن جي قيمتن ۾ روزبروز اضافو ٿي رهيو آهي. سرڪاري اسپتالون پري هئڻ ڪري مشڪل سان ماڻهو اسپتال پهچن ٿا. بهتر ائين ٿئي موبائل دسپنسريون هنگامي بنيادن تي ڪم ڪن. متاثرين تائين پهچن. ائين نه ڪرڻ ڪري بيماريون وبائي شڪل اختيار ڪري وڏو جاني نقصان ڪري سگهن ٿيون. روڊن تي موجود ماڻهن کي عام ماڻهو توڙي اين جي اوز وارا مدد ڪري رهيا آهن. سرڪاري امداد ڳوٺن ۾ من پسند ماڻهن کي ملي پئي. عام ماڻهو کي مشڪل سان ملي ٿي. ان صورت ۾ روڊن رستن تي موجود متاثرن کي ڪيتري سرڪاري امداد ملي سگهندي.؟ سڀ ڪجھ بهتر ائين ٿيندو جن علائقن ۾ پاڻي لهي ويو آهي اتي هر صورت ۾ سندن گهر واپسي لاء ڀرپور قدم کنيا وڃن .گهرن جي ٻيهر بحالي ۾ مدد ڪئي وڃي. جيئن متاثر ماڻهو پنهنجن گهرن جي ٻيهر تعمير ڪري زندگي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهن.