ڪڻڪ جو مقرر ڪيل امدادي اگھ ۽ آبادگارن جا مسئلا

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ڪڻڪ جو مقرر ڪيل امدادي اگھ ۽ آبادگارن جا مسئلا
    عبدالله جروار

    حڪومت سنڌ هر سال زرعي جنسن جو امدادي اگھ مقرر ڪندي آهي. پر وقت جي ڪا حد ناهي هوندي. جڏهن مرضي ٿئي ڪابينه کان منظوري وٺڻ بعد نئين اگھ جو اعلان ڪن ٿا ن. اصل ۾ هئڻ ائين گهرجي ته آبادگارن جا مسئلا معلوم ڪيا وڃن. انهن جي حل لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن پر هتي اسان وٽ سنڌ صوبي ۾ آبادگارن ۽ حڪومت وچ ۾ پوروڇوٽ ليڪ وارو مفاصلو آهي جيڪو نه ڪڏهن ختم ٿيو آهي نه ئي ان کي گهٽائڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش به ٿي آهي. حالانڪ سنڌ حڪومت جي اڳواڻن وزيرن مشيرن توڙي اسيمبلي ميمبرن جون پنهنجون زرعي زمينون آهن. جيئن ته هيلوڪي برساتن ۾ سڀ کان گهڻو نقصان زرعي زمينن تي پوکيل فصلن کي ٿيو آهي. گهڻو متاثر طبقو به آبادگارن، هارين ۽ مزدورن جو آهي. برساتن کي پندرهن ڏينهن گذرڻ باوجود سنڌ جي زرعي زمين جو وڏو حصو برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. جنهن مان پاڻي جي نيڪال جو جوڳو بندوبست نه ٿي سگهيو آهي. ان جا سبب ته هر ڪنهن کي معلوم آهن پر مختصر ذڪر ڪنداسين ته قدرتي وهڪرن جو بند هجڻ آهي. اهي قدرتي وهڪرا وڏي عرصي کان سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري بند آهن. ٻيو اهم سبب وڏن با اثر ماڻهن طرفان ڪيل قبضا آهن. با اثر ماڻهو با اثر ئي هوندو آهي. چاهي اهو حڪومتي ڌر سان هجي يا مخالف ڌر سان پر اهو پنهنجي طاقت رکي ٿو. جنھن ڪري ان کي وهڪرن جي قدرتي رستي تان هٽائڻ ميڙ منٿ سان يا سگهاري طاقت سان ممڪن بڻائي سگهجي ٿو پر بابت اڃا تائين ڪجھ نه ٿي سگهيو آهي هر ڪو پنهنجي هوڏ تي قائم آهي . اهو ئي سبب آهي جو وڏي زرعي ايراضي تي پاڻي وڏي مقدار ۾ موجود آهي. جنهن کي سمنڊ ڏانهن نيڪالي جو رستو نه پيو ملي. ان وڏي برساتي پاڻي سبب ماڻهن جو وڏو انگ پنهنجا گهر ڇڏي ڪئمپن، روڊن رستن ۽ محفوظ جاين تي پکڙا اڏي ويٺل آهي. جيئن ته سيپٽمبر جو اڌ مهينو گذرڻ تي آهي. ان سان گڏ مون سون جون برساتون پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ واريون آهن. سنڌ صوبي جي وڏي زرعي ايراضي برساتي پاڻي ۾ ٻڏل هئڻ ڪري ايندڙ ربيع يا چيٽ جي فصل جي پوکي بابت غير يقيني صورتحال آهي. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته "چيٽ ته آهي پيٽ" چيٽ ۾ ڪڻڪ پوکبي آهي. جيڪا کائڻ لاء رکجي ٿي جيئن پورو سال گذر جو سامان ٿي پوي. اضافي ڪڻڪ جو وڪرو ڪيو ويندو آهي. جنهن مان پوکي تي خرچ به نڪري ٿو. ٿوري گهڻي بچت به ٿئي ٿي. هن سال جي غير يقيني صورتحال ۾ جتي سنڌ جي اڪثر ضلعن آفت زدہ قرار ڏنو ويو آهي. ان آفت زدہ هئڻ باوجود ڪنهن حڪومتي رعايت جو اعلان نه ٿي سگهيو آهي. حڪومت انهن ضلعن جي زراعت جي بحالي لاءِ ڪهڙا قدم کڻندي. يقينن هي هڪ منجهائيندڙ صورتحال آهي. جو ووئنن، ڪيلي ڪمند ۽ ٻين زرعي فصلن کي پهتل نقصان جو ازالو ڪيئن ڪيو ويندو؟ ايندڙ ربيع يا چيٽ جي فصل جي پوکي لاء حڪومت ڪهڙي رعايت ڏيندي؟ فصل جي پوکي تي ٽريڪٽر ڊيزل، ٻج، ڀاڻ وغيره جو خرچ جو پورائو ڪيئن ڪري سگهبو. ان سمورن مسئلن ۾ سنڌ جو آبادگار سخت مونجهارن جو شڪار آهي. ڪڻڪ جو فصل اڃا پوکيو ئي ناهي. ڪڻڪ جي پوکي شروعات آڪٽوبر مهيني جي اڌ کان ٿيندي آهي. اهڙي طرح پوکي ۾ هڪ مهينو پيو آهي فصل لهڻ تائين چئن مهينن جو وقت درڪار آهي. تنهن ڪري پنج مهينا اڳ ڪڻڪ جو امدادي اگھ 4000 روپيا مقرر ڪرڻ سان آبادگارن کي ڪو فائدو مشڪل ٿئي پر ان جو ٻيڻو فائدو فلور مل مالڪن ۽ واپارين ۽ دڪاندارن کي ٿيندو جيڪي اڳ ئي 4000 هزار روپين تائين اٽي جو وڪرو جاري آهي. غريب ماڻهو مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهي. خبر ناهي سنڌ حڪومت کي ڪڻڪ جي امدادي اگھ مقرر جي تڪڙي ضرورت ڇو پيش آئي. جڏهن ڪمند جي فصل جي ڪٽائي نومبر ڊسمبر ۾ ٿيندي آهي. پر ڪمند جي امدادي اگھ مقرر ڪرڻ بابت ڪو فيصلو سامهون نه اچي سگهيو آهي. اهڙو ئي مسئلو آهي ساريال جي فصل جو پڻ آهي. ڪمند جي فصل توڙي سارين جي فصل جو جو سٺو امدادي اگھ ڏيڻ سان آبادگار کي تڪڙو رليف ملي سگهي ٿو.
    ڪڻڪ توڙي ربيع جي ٻين جنسن ڀاڄين، تيلي ٻج وغيره جي بهتر فصل لاء آبادگارن کي سنڌ حڪومت طرفان رليف ملڻ گهرجي.
    ڍل، آبيانو ۽ لئينڊ ٽيڪس توڙي عشر معاف ڪيو وڃي.
    زرعي قرض معاف ڪيا وڃن. نوان زرعي قرض گهٽ وياج ۽ آسان شرطن تي ڏنا وڃن
    ٻج ڪيميائي ڀاڻ، ڊيزل جي اگهن ۾ رعايت ڪئي وڃي.
    ننڍن آبادگارن کي اڌ قيمت تي ٽريڪٽر ۽ زرعي اوزار ڏنا وڃن.
    زرعي جنسن جو بهتر اگھ ملڻ يقيني بڻايو وڃي.

    (روزاني عبرت حيدرآباد تاريخ 14 سيپٽمبر 2022 بروز اربع)
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو