هيلوڪي برسات ۽ ڪجهه حقيقتون! عبداللہ جروار جڏهن کان هن ڪائنات جو وجود عمل ۾ آيو آهي. انسان سميت سموري جيوت جو دارومدار پاڻيءَ تي ئي رهيو آهي. پاڻي نه رڳو پيئڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، پر ان کان سواءِ هن ڌرتيءَ تي ڪا شيءِ زنده نٿي رهي سگهي. قدرت جي قانون موجب پاڻيءَ جي ضرورت الله پاڪ برسات ذريعي پوري ڪندو آهي. برسات نه پوڻ سان، نه رڳو ڏڪار جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، پر هر جيوت جو گهڻو عرصو زنده رهڻ ممڪن نه هوندو آهي. برساتون هر سال پون ٿيون. ايشيا کنڊ جي وڏي ايراضيءَ ۾ برسات جُون، جولاءِ ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر مهينن ۾ ٿيندي آهي. جنهن کي مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. عام طور تي سانوڻيءَ جي مند، مُون سُون ۽ چوماسي هوائن جي مند سڏبو آهي. هن مند ۾ چڱي برسات وسڻ جي صورت ۾ سموري سال جي پاڻيءَ جي گهرج پوري ڪري سگهجي ٿي. هڪ ته موڪي پاڻي ڪئنالن ذريعي جاري رهي ٿو. ٻيو ته جر جي پاڻيءَ جي سطح (واٽر ليول) به بهتر رهندي آهي. ان ڪري ٽيوب ويلن رستي پوکي آسان رهي ٿي. برسات ٿوري يا گهڻي هر سال ٿيندي آهي. ڪنهن سال جهجهي برسات پوندي آهي. جنهنڪري نه رڳو زراعت کي نقصان پهچي ٿو پر ان سان گڏ عام ماڻهوءَ جي زندگي پڻ متاثر ٿئي ٿي. اهڙي طرح ڪڏهن ڪڏهن برسات رحمت بجاءِ زحمت ٿي پوندي آهي، پر زحمت چوڻ نه گهرجي. هر برسات نقصان بجاءِ نفعو ڏيندڙ وڌيڪ هوندي آهي. هن سال به سانوڻي جون برساتون، سنڌ ۾ آڳاٽيون شروع ٿيون. جُون جي ويهين تاريخ کان شروع ٿيون. جيڪي مختصر وقفي سان آگسٽ جي آخري هفتي تائين به وسيون آهن. جنهن سان عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو سمورو ڪاروهنوار گهڻو متاثر ٿيو آهي. ٻهراڙيءَ جو دارومدار گهڻو زراعت تي آهي، جنهن ۾ هارپو ڪرڻ، ڏهاڙيءَ تي مزدوري ڪرڻ توڙي چوپايو مال پالي گذر ڪرڻ. زراعت جي حوالي سان مکيه فصل ڪپهه جو هوندو آهي. جيڪو هن مند ۾ ئي پوکيو ويندو آهي. هي تقريبن ڇهن مهينن جو فصل آهي، جنهن جي شروعاتي مهينن جو زرعي ڪم ڪار مشقت طلب، بار بار گڏ ڪڍڻ، مرضن کان، جيتن جي حملي کان بچاءُ خاطر نقصانڪار جيتن کان بچاءُ لاءِ ڦوهارو (اسپري) ڪرڻ وغيره، جنهن کان پوءِ ٻيو مرحلو فصل لهڻ جو هوندو آهي. ڪپهه جي چونڊاڻي جي مرحلي ۾ لکين عورتون، کيت مزدور چونڊائي ذريعي گذر سفر ڪن ٿيون. هن سال ڪپهه جو فصل، ڪٿي ڪن علائقن ۾ اڃا چونڊاڻي شروع ٿي ته برساتون شروع ٿيون. جيڪا اک ٻوٽ وانگر هلندي رهي. ٻه ڏينهن برسات ته وري ڪجهه ڏينهن وقفو مليو. آگسٽ مهيني جي شروع ٿيڻ سان ئي برسات ۾ تيزي ايندي وئي، تان جو شديد برساتون پئجي چڪيون آهن. وونئڻن جو فصل گهڻي ايراضيءَ تي ختم ٿي چڪو آهي. عام زندگي بيحد متاثر ٿي آهي. برسات جو هڪ مرحلو اهڙو به آيو، جو 36 ڪلاڪ مسلسل برسات جاري رهي. جنهن ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. لکين ايڪڙ زرعي زمين پاڻيءَ هيٺ آهي. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي نيڪال ڪيو آهي. هزارين ڳوٺ اڃا تائين زير آب آهن. هڪ ته انهن ڳوٺاڻن وٽ پاڻيءَ جي نيڪال جي مشنري موجود ناهي. جن وٽ سامان موجود آهي، سندن آس پاس جا زميندار پاڻي نيڪال ڪرڻ نٿا ڏين. گهڻن جاين تي ائين به ٿيو آهي. پنهنجي ڳوٺن يا زرعي زمين مان پاڻي ڪڍي ٻاهر روانو ڪري ڇڏيو آهي، پوءِ اڳتي وارن جو کٽي ڀاڳ. پاڻي جي نيڪال جا پراڻا ڀڏا ۽ واهن تي ماڻهن قبضا ڪري فصل پوکي ڇڏيا آهن، ته ڪٿي ماڻهن گهر ٺاهي ڳوٺ ٻڌي ڇڏيا آهن. جنهنڪري پاڻي جا قدرتي وهڪرا متاثر ٿيا آهن. گهڻين جاين تي ايترو پاڻي جو وهڪرو آهي، ڄڻ ڪو دريا ٽُٽو هجي. عام ماڻهوءَ جي زندگي گهڻي متاثر ٿي آهي. ڪيترن ڳوٺن جا ماڻهو مال مويشي، ٻارن ٻچن سميت روڊن رستن تي موجود آهن. ڪافي سرڪاري عمارتن ۾ قائم ڪيل عارضي ڪئمپن ۾ ويٺل آهن. سندن سرڪاري سار سنڀال جو ڪو گهڻو امڪان ڪونهي. سرڪاري توڙي سياسي ماڻهن جي اڪثريت فوٽو سيشن تائين محدود آهي. مشڪلاتون قومن تي اينديون آهن. اسان کي به هنن مشڪل گهڙين ۾ همت هارڻ نه گهرجي، حوصلا بلند رکڻ گهرجن. اسان جي اڪثر ڳوٺن ۾ ننڍا وڏا آبادگار موجود آهن، جن وٽ چائنا جون مشينون، عرف عام ۾ ڊگڊگيون موجود هونديون. ان سان لفٽ مشين به موجود هوندي آهي. ڊيزل جي رقم سرنديءَ وارا ڳوٺاڻا ڏين، ته آسانيءَ سان پاڻي نيڪال ڪري سگهجي ٿو. ٻي صورت ۾ سرڪاري آفيسن يا سياسي هائوسز جا چڪر هڻڻا پوندا. بهتر آهي عام ماڻهو همت ڪري، مصيبتن کي همت سان منهن ڏيڻ سان ئي بهتري ايندي. سرڪاري امدادن جي آسري تي هلي هلي جتيون گسي وينديون، ملندو ڪجهه ڪونه. جيڪڏهن ڪجهه مليو ته به ايترو هوندو جو نه هجڻ برابر. اسان پنهنجي ڳوٺ مان، برساتي پاڻي، بنا ڪنهن جي مدد سان، ان نموني ترت ئي ڳوٺاڻن جي مدد سان ڪڍي ڇڏيو آهي. ان ڪري هاڻ پورو ڳوٺ، الله پاڪ جي فضل سان سڪون ۾ آهي. اسان اهي پوسٽون سوشل ميڊيا تي رکيون، ته ڪافي ٻين ڳوٺن وارن ماڻهن به پنهنجي مدد پاڻ تحت بنا ڪنهن ٻاهرين ماڻهوءَ جي مدد، سندن ڳوٺن مان برساتي پاڻي ڪڍائي، رستا ۽ گهٽيون صاف ڪري، سڪون سان رهيل آهن. الله پاڪ سڀني سان ڀلائي ڪري. هي مصيبت جي گهڙي، الله پاڪ پاران ڪو امتحان آهي، گذري وڃي. وري ڌرتي تي سک سڪون ۽ خوشحالي موٽي اچي، آمين. (روزاني ”عبرت“ حيدرآباد، خميس 25 آگسٽ 2022ع)