ڪڏهن وڏن وڏن ماڻهن جي به يادگيرين جا تاڪيا کلي پوندا آهن

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    يادگيريون اينديون آھن تہ سمنڊ جي ويرن جيان وري وينديون آهن!

    وڏن وڏن ناميارن ماڻھن جي يادن جا بہ تاڪيا کلي پوندا آھن!

    مٺل جسڪاڻي

    سائين عبداللہ جروار (رٽائرڊ استاد ۽ منتظم، مطالعي، ڪچھري ۽ موسيقي جو شوقين، ريڊيو لسنر، ليکڪ) پنھنجون ساروڻيون ساريندي، ”يادگيرين جو سفر“ سلسلي جي ھڪ ڪڙي ”ٽنڊي الهيار شهر ڪرائي جي سائيڪلن جا دڪان“ ۾ لکيو آھي تہ:

    ڪو زمانو هو جو ٽنڊي الهيار ۾ ڪرائي تي سائيڪلن جا دڪان هوندا هئا. جتان شهر ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ آساني سان تڪڙو پهچڻ واپس ورڻ لاء تڪڙي سواري سائيڪل جي ئي موجود هوندي هئي. مناسب ڪرائي تي سائيڪل وٺبي هئي. دڪاندار وٽ دڪان تي سائيڪلن جو چڱو اسٽاڪ هر وقت موجود هوندو هو. ڪرائي جي سائيڪل ملڻ جو پهريون شرط گراهڪ جي سڃاڻپ هوندي هئي. گراهڪ پنهنجو نالو رجسٽر ۾ داخل ڪرائيندو هو. اڻ واقف گراهڪ پنهنجي گهر گهٽي، پاڙي يا ڪنهن مشهور ماڻهو جي حوالي سان سڃاڻپ ڪرائيندو هو. تڏهن ئي کيس سائيڪل ملندي هئي. رجسٽر ۾ نالي لکڻ سان گڏ گهڙي ڏسي وقت جو اندراج ڪيو ويندو هو.
    اصل ۾ شهر ۽ آس پاس جي آبادي تمام گهٽ هوندي هئي. ان ڪري هر ماڻهو ٻئي کي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان، نالي سان نه تڏهن به منهن مهانڊي سان سڃاڻندو هو. اڄ ٽنڊي الهيار جي ايتري آبادي آهي ڄڻ ماڻهن جو ڪو سمنڊ اٿلي پيو آهي.
    مارڪيٽ ايريا ۾ فتاح سائيڪل ورڪس مشهور دڪان هو. جنهن جو مالڪ فتاح ميمڻ مرحوم هو. مشهور شفيع پان ڪئبن واري جي ڀرسان هو. وڏو لحاظي انسان هو. سندس پٽ عبدالغني ۽ ٻيا ڇوڪرا ڪم ڪندا هئا.
    ڪجھ عرصو حاجي علڻ ڳرواڻ جي دڪان ڀرسان ڪامريڊ يونس مڱڻهار پڻ سائيڪلن جو دڪان کوليو هو. دڪان چڱو هليو پر پاڻ عوامي تحريڪ جو سرگرم رڪن هئڻ ڪري ۽ مطالعي وڏو شوق ذوق رکندو هو. سندن دڪان سائيڪلن جو دڪان گهٽ پر اسٽڊي سرڪل وڌيڪ لڳندو هو. هر وقت ڪامريڊن جا ميڙا متل هوندا هئا.
    بس اسٽاپ تي مرتضيٰ هوٽل جي ڀر ۾ هڪ دڪان هوندو هو. اهو عجيب دور هو! شهر ۾ چٺي چپي تي اهڙا دڪان موجود هوندا هئا. جتان ماڻهو ٿوري گهڻي ڪم ڪار شهر ۾ هڪ ٻئي هنڌ ڪم ڪار سان تڪڙو وڃي وري موٽي سگهبو هو. ٻيو نوجوان ڇوڪراڻي وهي ۾ سائيڪل سکڻ ۽ هلائڻ جو جنون هوندو هو. اهڙي نموني اهو ڪاروبار بهتر پئي هليو.
    کتري پاڙي ۾ ٽي ڀائر هئا جن جي اکين جي نظر تمام گهٽ هئي. انهن جو سائيڪلن جو دڪان به گهڻو مشهور هو.
    ان زماني ۾ هڪ کان وڌيڪ ماڻهن لاء ٽانگي جي سواري هر هنڌ سولائي سان ملي ويندي هئي. جڏهن ته هڪ يا مجبوري کان ٻن ماڻهن سائيڪل جي سواري سولي ۽ سستي هوندي هئي.
    ڪجھ وقت کان جهان جو چرخو اهڙو ڦريو آهي جو گهوڙا ٽانگا اڻ لڀ ٿي ويا آهن.
    آهي سائيڪلن جا دڪان ٻين ڪاروبارن ۾ بدلجي ويا آهن.

    سائين عبداللہ جي ساروڻين جي سحر ۾ مون لکيو:

    اھڙي سندر تحرير، جو گهڻن ۽ وڏن وڏن ناميارن ماڻھن جي يادن جا بہ تاڪيا کلي پوندا.
    مون کي ياد پيو اچي تہ ھڪ دوست ناچاڪ ھو، آئون تيماردار طور ساڻس ترسيل ھئس. اتي ھڪ پروفيسر طبيعت معلوم ڪرڻ آيو ھو.
    سائين، پاڻ وٽ ماڻھو ڏسندي ڏسندي بدلجي ويندا آھن. ان پروفيسر کي ننڍپڻ کان سڃاڻڻ باوجود، جڏھن ھو علم طب پڙھڻ ويو، آئون زراعت جو شاگرد ٿي ويس، اسان جون ملاقاتون ٿيڻ بند ٿي ويون.
    اتفاق اھو تہ اسان عھدي جي لحاظ کان تہ برابر ھئاسين، پر ڪٿي ماڻھن جو ڊاڪٽر ۽ ڪٿي آئون بوٽن جي تشخيص ڪندڙ. مون پنھنجي ليکي، ان پروفيسر سان اڻ واقف وارو ماحول جوڙيو. شايد منھنجو فيصلو غلط بہ نہ ھو! ڇو تہ پوءِ بہ بنا لالچ ملاقاتون ضرور ٿيون، پر اھا شناسائي نہ ٿي!
    خير، ٿيو ائين تہ منھنجي ناچاڪ دوست کان طبيعت پڇندي، ان پروفيسر مون سان ٻيھر ھٿ ملايو ۽ حيرت مان مون کي نالو وٺي چيائين ”مٺل! ڪھڙا حال آھن؟ يار! تو مون کي نہ سڃاتو ڇا؟ آئون اھو ساڳيو...“، پنھنجو نالو وٺي چيائين ”مون کي اھي ڏينھن، انھن ڏينھن ۾ ملڻ وارا، گڏجي سائيڪل ھلائڻ، پنھنجا ڪم ڪندي ڊوڙون پڄائڻ، مقابلا بہ ياد آھن“.
    سائين، مون کي پڪ آھي تہ اھو پروفيسر يا ڪير بہ، اوھان جي تحرير يا منھنجون سٽون پڙھندو، ان کي گهڻيون يادگيريون اينديون ۽ پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا، تہ يادگيريون اينديون آھن، تہ ڪھڙي عجيب غريب ڪيفيت ٿي پوندي آھي!؟...

    سائين عبداللہ ورنديءَ ۾ لکيو:

    بلڪل سائين. سائين يادگيريون اينديون آهن ته سمنڊ جي ويرن جيان وري وينديون آهن. توهان خوبصورت ياد شيئر ڪري حوصلہ افزائي ڪئي. آئون بيحد ٿورائتو آهيان.

    (روزاني ”آجيان“ شڪارپور، سومر 16 مئي 2022ع)
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو