مختصر ڪهاڻي تحرير : عبدالله جروار ننڍي هوندي رات جو سمهڻ ناڻي ڪهاڻيون ٻڌائيندي. اهي ڪهاڻيون ٻڌندي ننڊ وٺي ويندي هئي. ان وقت اڃا ڳوٺن ۾ بجلي نه پهتي هئي ٽي وي جو شور شرابو، پرسڪون ماحول هوندو هو. وڃين ويل ئي ماني جي تياري ٿيندي. جيڪا سج لهڻ جي ٿوري دير بعد سڀ ڪنهن کي کٽ تي ويٺي ملي ويندي هئي. سمهڻي ويل ڌاري سمهڻ جي تياري ڪبي هئي. سمهڻ کان پهرين ناني کي ڪنهن نه ڪنهن آکاڻي ٻڌائڻ جو ضد ڪبو هو. ناڻي به ڪڏهن ساڳيون ڪهاڻيون بار بار ته ڪڏهن نئين ڪهاڻي ٻڌائي اسان مان جان ڇڏائيندي هئي. ڪڏهن گدڙ ۽ ڪڪڙ جي آکاڻي جنهن جي شروع رستو وٺي ويندڙ گدڙ جيڪو مليس ٿو سو کائيندو اڳتي وڌندو ويندو آهي شروعاتي جملا هوندا چئونڪ ٻيڙن جو ڪچو کاڌم، چئونڪ ٻيڙن جو پڪو کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو ڀاء کاڌم، ڇيڻن چونڊڻ واري ڇوڪري کاڌم توکي ڇڏيندس ڇا؟ ان وقت تصور ئي ئي تصور ۾ اهو گدڙ، گدڙ گهٽ راڪاس برڙ باڪاس وڌيڪ لڳندو هو. جيڪو سامهون ايندڙ هر ڪنهن کي شئي کي ڳڙڪائيندڙ ويندو هو. اها ٿي گدڙ ۽ ڪڪڙ جي ڳالھ. اصل موضوع اهو هو ڪڏهن ڪڏهن ناڻي اسان جو هٿ جهلي ٻڌائيندي هئي ته توهان کي خبر آهي ته هي آڱريون ڇا ٿيون چون؟ اسان اڻڄاتاڻي ۾ چوندا ھئاسين اسان کي خبر ناهي. ته ناڻي سرائيڪي ۾ چيچ کان شروع ٿيندي هئي. چيچ چئي ٿي کائون کائون، ٻيو آڱريون پڇن ٿيون : ٻاچ آڱر پڇي ٿي ڪٿان کائون؟ وڃين آڱر چوي ٿي آڌار سڌار، ڏسڻي آڱر چوي ٿي ڀريندو ڪير؟ آڱوٺو ھڪل چوي ٿو هونداسين ته ڀرينداسين نه ته سڀني...... گاڏو ائين پيو هلي قرض وٺندا کائيندا پيا وڃون خبر ناهي ڪير ڀريندو؟ غير سياسي پوسٽ هي غير سياسي پوسٽ