نوان پٽڪا مختصر ڪهاڻي عبدالله جروار هڪ زميندار سٺي موڊ ۾ هو سو سڀني هارين کي ديري تي گهرايائين. پنهنجي ۽ پوکيل فصل جي خير خيريت پڇڻ بعد کين حوصله افزائي ڪندي چيائين ته "هن سال توهان مان جن به هارين جو فصل ڀلو لهندو انهن کي انعام ۾ بوسڪي جا پٽڪا ٻڌايا ويندا" وڏيري جي ڳالھ ٻڌي هاري ويچارا خوش ٿيا، پر انهن هارين ۾ هڪ جهوني هاري کي وڏيري جا پرڪار ساريل هئا، سو ويچارو اٿي بيٺو ۽ وڏيري کي مخاطب ٿي چيائين" وڏيرا! توکي شاباش هجي پر اسان جو عرض آهي ته اسان جي مٿي تي رڳو اسان جا پراڻا پٽڪا رهڻ ڏجئو. باقي نون پٽڪن تان اسان هٿ کنيو"