نالو: عمران علي ذات: سومرو تعليم: گريجوئيشن (جاري) موجوده رهائش: ڪراچي ڀٽائي آباد مستقل رهائش: راڻي پور ، نزد درگاه سچل سرمست ۽ بودله بهار تخلص: درويش تخلص جي وضاحت: عمران جي مولا سڃاڻ آهي مَٽائي تنگ دست زندگي کان هو پُر عيش بڻجي ويو مولا جو ڪرم ايئن ئي رهي ساري زندگي بس انڪري سڀ ڪجهه ڇڏي درويش بڻجي ويو
جواب: السلام عليڪم ماشاء الله؛ رب اوهانکي ايترو ڏئي جو اوهانجي زندگي پر ايمان گذري ۔۔۔ اوهان جي لکڻين سبب اوهان سان ملاقات ته ٿي چڪي آهي ۔۔۔ پر هاڻ مڪمل ڏيٺ ٿي آهي ”ڀٽائي آباد کان سچل جي ننگريءَ تائين جي سنڌي نوجوان، عمران ”درويش“ سان۔ ادا سائين سنڌ سلامت کي ته اوهان سمجهي ويا هوندا ته سنڌ دوستن جي اوطاق آهي، سچ ته بيٺو نچ جي پرچارڪ اوطاق آهي، هن اوطاق تي موجود سڀ دوست سچ جا ساٿي آهن، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ ڪرڻ وارا دوست آهن ۽ سنڌ سلامت ساٿ سلامت جي نعري سان سلهاڙيل اوطاق آهي ۔۔۔ اوهان مان به اميد آهي ته اوهان پنهنجي اندر جي سچائيءَ سان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ۾ هن اوطاق جي دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندا رهندا ۔۔۔ اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿي چئجي ۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان ۔۔۔ رب العالمين سنڌ ۽ سنڌين کي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
جواب: السلام عليڪم ادا عمران درويش سومرا صاحب توهان کي سنڌ سلامت جي فورم تي اسان طرفان دل جي گهراين سان ڀلي ڪار هجي۔ ادا اميد ته سنڌ سلامت جو ساٿ جاري ۽ ساري رکندا ۽ پنهنجي پوري ڪوشش ڪري ٻين سنڌي دوستن کي به سنڌ سلامت تي وٺي ايندا،
جواب: السلام عليڪم ادا درويش۔۔۔ مست جي طرفان سنڌ سلامت تي ڀليڪار، توهان جا ڪالم پڙهي توهان جا ديوانا ته اونئين ئي ٿي ويا آهيون۔۔ هاڻي توهان جو تعارف پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي۔۔ اميد ته سنڌ سلامت جي اڱڻ جي مقصد " سنڌ جو ڀلو ۽ سنڌيت جي پرچار" مطابق توهان پنهنجا ڪالم ونڊ ڪندا رهندو۔۔۔