سنڌي شاعريء جي افق جو چمڪندڙ ستارو: صوفي امتياز ٻلال نويد ناز اڄڻ ساهتي پرڳڻي سنڌي ادب جي هيرن جي کاڻ رهي آھي. انڱريز دؤر جا نامور ليکڪ ديوان ڪوڙومل کلناڻي ۽ گوبند مالھيء سميت ساهتي پرڳڻي جا ڪيترائي اديب سنڌي نثر ۾ پاڻ ملھائي چڪا آھن. آزاديء کان پوء به ساهتي پٽي ادبي ميدان ۾ پاڻ موکيندي رهي آھي. جديد دؤر ۾ غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر نجم عباسي، پارس حميد، پروفيسر اصغر ڀٽي ڀريائي، مشتاق باگاڻي ۽ خليق ٻگهيي سميت هڪ ڊگهي لسٽ ٺھي ٿي، جن ادب ۾ جوڳي مقبوليت ماڻي آھي. ٻئي طرف نظم جي صنف ۾ محترم راشد مورائيء جو قدڪاٺ سڀني کان مٿاهون بيھي ٿو. راشد مورائيء جي شھر موري ۽ ان جي تر جا ڪيترائي نالا آھن، جيڪي نظم جي دنيا ۾ پاڻ مڃائي چڪا آھن، انھن ۾ حافظ خاصخيلي، گدا خاصخيلي، رضا لانگاھ، سنڌي ادبي سنگت جو موجوده جنرل سيڪريٽري احمد سولنگي، مسرور چانڊيو، مختيار شاھ، منظور شاھ، پروفيسر انور ساگر ڪانڌڙو، معشوق محسن ابڙو ۽ انيس خاصخيلي سميت ڪيترائي نالا شامل آھن. مٿين نالن جي سٿ جو هڪ ساٿي ٻيو به آھي، جيڪوصوفي امتياز ٻلال جي نالي سان سنڌي شاعريء ۾ پاڻ مڃائي چڪو آھي. هن نوجوان پھريان امتياز علي امتياز جي تخلص سان شاعري ڪئي هئي ۽ هاڻي صوفي امتياز علي ٻلال جي نالي سان شاعري ڪري ٿو. شاعراڻو نالو شاعر جي فطرت کي ظاهر ڪندو آھي. جيئن ته امتياز علي ٻلال صوفي سوچ رکندڙ ۽ ڌرتيء جو درد رکندڙ شاعر آھي، جنھن ڪري سندس مٿان هي تخلص به واھ جو بيھي ٿو. سندس جنم موري کان دادو ويندڙ رستي تي کاٻي طرف بند جي ڀرسان ڪچو سڏجندڙ فتو ٻلال نالي ڳوٺ ۾ ٿيو. کيس شاعريء ۾ ڪو وڏو مدو ڪو نه گذريو آھي، صرف چئن سالن جي مختصر عرصي ۾ هن شاعريء جا سڀ دڳ پيچرا لتاڙي، منزل ماڻي آھي. هو درد ميڙي مون رکيا جھڙي خوبصورت عنوان سان صاحب ڪتاب بڻجي چڪو آھي. مذڪوره ڪتاب منھنجي هٿن آھي، جنھن کي پڙھڻ کان پوء سگهجي ٿو ته شاعريء جي عشق واري رستي تي هلڻ لاء اڃا کيس محنت جي سخت ضرورت آھي. هو ادبي محنت ڪندي، هڪ ڏينهن ضرور شاعريء جي اڀ جو چمڪندڙ ستارو بڻبو. سندس ڪتاب تي هيٺ تبصرو پيش ڪجي ٿو. شاعر جي ڪلا جو آواز ايترو ته زوردار هوندو آھي جو آسمان جو هنيانء به ڦاڙي وجهندو آھي. اهو شاعراڻه آواز بادشاهن جي محلن جا برج به لوڏي وجهندو آھي. محبوبه جي مختلف اندازن، نازن، نخرن، ٽھڪن ۽ ٻين ادائن تي سرجيل شاعريء جي پرواز جي ڪا حد نه هوندي آھي. اها شاعري ئي مڃتا ماڻيندي آھي، جنهن ۾ محبوب جي ادائن جو ذڪر ڪبو آھي. محبوب ئي شاعريء جو محور هوندو آھي ۽ وري محبوب جون ادائون ئي شاعريء جي اثر کي ختم ڪنديون آھن. شاعر عاجز هوندو آھي ۽ محبوب جي هر شيء کي مٿاهون سمجهندو آھي. صوفي امتياز ٻلال به پنھنجي شاعريء ۾ عاجزي اختيار ڪري ٿو. هو محبوبه جي نازڪ ڪرائين ۾ پاتل چوڙين جي آواز کي به وڻندڙ سر سمجهي ٿو. ان سر کي پنھنجي غزلن جي آواز کان به وڌيڪ سمجهي ٿو. هو هن وڻندڙ سر ۾ پنهنجا غزل به ٻوڙي ڇڏي ٿو ۽ ڇير جي ڇمڪڻ جو به بھترين اظھار ڪري ٿو. اهڙو خيال هو هن طرح پيش ڪري ٿو؛ چوڙين جي سرن ۾ غزل هن ٻڏا، ڇير ڇمڪي پئي ڄڻ ته جذبات ۾. (ص 46) ورسٽيون جتي انساني ذھنن جي آبياري ڪن ٿيون، اتي پيار جون پناھ گاهون به آھن. ڪيترائي جوان ھرڻ،نوجوان هرڻين جي پيار ۾ مست ٿي، هميشه لاءگڏ رهڻ جا قول فعل ڪندا آھن. ڪافي نوجوان، حسينائن جي ڪارن زلفن جي زنجيرن جا ڍڪ کائي رلي ويندا آھن. يونيورسٽيء ۾ پڙھندڙ هوء ڪيترن ئي نوجوانن کي رلائي به ڇڏيندي آھي. ساڻس گڏ گذاريل يادون هميشه دل ۾ ڪنڊي جيان چڀنديون رهنديون آھن. سٺي شاعر جي اها سڃاڻپ به آھي ته هو علمي، ادبي جاين کي پنهنجي شاعريء ۾ جڳھ ڏئي. ڄامشورو هونئن ته پٿرن جو شھر آھي پر ان پٿريلي شھر کي سنڌ ورسٽيء جون اپسرائون ايترو ته نازڪ، نفيس ۽ حسين و جميل بڻائينديون آھن جو اهو سخت شھر زنده دلين جو شھر بڻجي پوندو آھي. صوفي امتياز به سھڻي نموني ان زنده دلين جي شھر کي ياد ڪري ٿو؛ هن لاء ڄامشورو هڪ ڀلارو ۽ عظمت وارو شھر آھي. چوي ٿو؛ ڄامشورو اکين ۾ رهي ٿو سدا، سو سڳورو اکين ۾ رهي ٿو سدا. (ص 47) هوء جي وڇڙي وڃڻ وارو غم جيءجهوري وجهندو. اهو ڏک نه وسارڻ جوڳو هوندو آھي. شورو تمام ڏکيو قافيو آھي. ڏکين قافين سان نڀاء علم عروض تي دسترس رکندڙ ۽ ڏاهو شاعر ئي ڪري سگهي ٿو.اسان جو هي شاعر به قابل آھي، سو هوء جي ورسٽي ڇڏي وڃڻ وارو تذڪرو ڪيڏيء نه خوبصورت ڪاريگريء سان ڪري ٿو!! هوء ڇڏي ورسٽي وئي اوچتو، غم نه ٿورو اکين ۾ رهي ٿو سدا. (ص 47) جن سان روح جا رشتا هوندا آھن، انھن لاء پيار پستن وانگر پيارو ۽ قرب ڪشتن وانگر هوندا آھن. اهي وسريل پيار جڏهن شاعر ياد ڪندو آھي ته پوء هيٺيون سٽون سرججي وينديون آھن. روح جا توساڻ ڪي رشتا هيا، پيار پستا قرب ڄڻ ڪشتا هيا. (ص 53). هن وقت هر شيء خريدڻ کان مھانگي آھي. سنڌ جو شاعر ته خوشيون خريدڻ لاء سڪندو وتي ٿو. اڪثر شاعرن جي زندگي غربت ۾ گذرندي آھي. اهي خوشيون خريد ته ڪونه ڪري سگهندا آھن پر صرف درد ئي کين جهوليء ۾ ايندا آھن. سوچيندو آھيان ته درد صرف شاعرن جي ئي حصي ۾ ڇو ايندا آھن؟ انجو هڪ سبب ته اهي وٺڻ ۾ سولا هوندا آھن ۽ ٻيو سبب ته درد بڻيا ئي شاعرن لاء آھن. صوفي امتياز ٻلال کي به درد سڀ کان سستا ٿي مليا هئا، ان ڪري هن سڄيء دنيا جا درد پاڻ وٽ سنڀالي رکيا آھن. مٿئين غزل جي پھرئين مصرعي ۾ ڪتاب جي عنوان جي هن طرح عڪاسي ڪئي اٿائين. ٿي خريدڻ کان مھانگي هر خوشي، درد ميڙي مون رکيا سستا هيا. (ص 53) سخا ڪڏهن به خراب نه ٿيندي آھي. جيتري اسان سخا ڪنداسين، اوتري ئي ڏنل شيء ۾ واڌ ٿيندي آھي. ان ڪري ته چوندا آھن، ڏنو ٻنو هوندو آھي. شاعر محبوب کان حسن جي سخا گهرندو آھي. هتي به صوفي امتياز مٿئين چوڻيء جي مصداق محبوب کان سونھن جي سخا هن طرح گهري ٿو؛ سخاوت سونھن جي ڪر ڪا، ڏنو هوندو ٻنو آھي. (ص 56) سنڌ جي لوڪ داستان سھڻي ميھار کان ته هر ڪو واقف آھي. سھڻيء جو رات جي وڳري ۾ پنھنجي گهر کي ڇڏي، درياء جو سينو چيري، عزت بيگ (ميھار) سان ملڻ جو قصو ته ڪنهن کان به ڳجهو ڪين آھي. اها رسم ڪنهن نه ڪنھن صورت ۾ ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان جاري آھي. جنھن خطي ۾ عورت کي حق نه ملندو آھي، ان خطي ۾ عورت رات جي وقت پنھنجي گهر ڀاتين کي اگهور ننڊ ۾ سمھاري، پنھنجي محبوب سان ملڻ لاء ويندي آھي. ڪجھ دقيانوسي سوچ رکندڙن جي خيال ۾ اهو غلط عمل آھي پر حقيقت ان جي ابتڙ آھي. جيتوڻيڪ هي شاعراڻه خيال پراڻو آھي، تنھن هوندي به صوفي امتياز ٻلال هن خيال کي سادن لفظن ۾ آسان طريقي سان پيش ڪيو. صوفيء جي قلم اهو خيال آسان لفظن ۾ هن طرح لکيو آھي؛ گهر جا ڀاتي ننڊ سمھاري، مون وٽ آڌيء ڌاري آئي. (ص 59). هڪ شاعر ٻين شاعرن جو اثر قبول ڪندو آھي. اها شاعراڻه عظمت آھي جو هو سندس دؤر يا ان کان پھريان جي شاعرن جو اثر قبوليندو آھي. شاھ سائينء به پنھنجيء شاعريء ۾ رومي، حافظ ۽ ڀڳت سميت ڪيترن ئي شاعرن جو اثر قبول ڪيو آھي. اهو اثر قبول ڪرڻ سان شاھ صاحب جي شاعراڻه عظمت وڌي آھي. شاھ سائينء جيڪو ´او ڪو ٻيو فھم` سان پرين پسڻ جو ذڪر ڪيو آھي، اهو هڪ طرف ته موجوده دؤر جي اهم ضرورت آھي، ٻيو ته جديد دؤر جي ڪيترن ئي شاعرن ٻئي فھم سان پرين پسڻ وارو اثر به قبوليو آھي. صوفي امتياز ٻلال به ان تسلسل کي قبول ڪندي، نفل ۽ نمازن کي ڀلو عمل سڏي ٿو پر هو انسانيت وارو عمل ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو. ان لاء هو هن طرح رقمطراز آھي؛ نفل ۽ نمازون ڀلا ٿيا برابر، اڃا ٻيو عمل ڪو سکين ها ته ڇا هو؟ (ص 60) هتي هڪ ڳالھ جي وضاحت ڪجي ته نفل به نماز جو هڪ قسم آھي. جڏهن ته شاعر جي مٿئين خيال مطابق نفل ۽ نمازون ٻه جدا جدا عبادتون ٿين ٿيون. ان ڪري شاعر کي نفل ۽ عبادتون لکڻ گهرجي ها ته ڀلو هو. ڪو ماڻهو چاهي ڪيترو به نرم دل هجي پر جيڪڏهن کيس سڄي زماني جا سور ملندا ته سور سھيڙيندي سھيڙيندي سندس سينو تنگ ٿي پوندو. سور ڏيندڙ وري اهو سنجهندا آھن ته سور سھندڙ جي دل ۾ ڪا ڇلي آھي، جنھن مان سور ڇڻي پوندا. پر سور وٺندڙ سور سھي سھي مڻين سور پنھنجي سيني ۾ دفن ڪري ڇڏيندو آھي پر پوء سندس سينو ڇلي ڪو نه بڻبو آھي. صوفي امتياز ٻلال سور ڏيندڙ جا احسان مڃيندي چوي ٿو ته مون سندس ڏنل سور ڇليء مان وهائي ڪو نه ڇڏيا آھن پر سيني ۾ سانڍي رکيا آھن، ڇو جو سندس سيني ۾ سورن جي اچڻ جي جاء آھي پر واپس وڃڻ جي نه. سھيڙي رکي ويو سڀئي سور آ، سندم آھ سينو ڇلي ڪا نه آ. (ص 62). سنڌ جو وڏيرو ڪڏهن ڪو نه سڌرندو. هو هميشه ڀليل رهندو. ڪڏهن به سڌي رستي تي ڪو نه ايندو. هو صرف پنھنجي ذات لاء سوچي ٿو.ائين لڳندو آھي ته ڄڻ ڀوتار عام ماڻهن لاء ڪا ڪچي گار آھي. سندس مان ڪو به راضي نه هوندو آھي. سڄي راڄ تي هو بار هوندو آھي. سندس وجود مان غير جي بدبوء ايندي آھي، هو غير کي ئي راضي ڪندڙ هوندو آھي. کيس ديس جي دردن تي ڪڏهن به ڪا غيرت نه ايندي اٿس. سندس پيٽ ڪڏهن نه ڀريو آھي ۽ نه ڀربو. هو برو ۽ بيڪار آھي. انھن سڀني ڳالھين جو گڏيل اظھار صوفي امتياز هيٺينء طرح کليل نموني ڪري ٿو. تون ڀليل ڀوتار ٿو مون کي لڳين، ڄڻ ڪچي ڪا گار ٿو مون کي لڳين. ڪو نه راضي آھ ڪو تو مان هتي، راڄ تي تون بار ٿو مون کي لڳين غير جي بدبو پئي تومان اچي، ڪو حرامي ٻار ٿو مون کي لڳين. ڇو نه غيرت ٿي اچئي ڪا ديس تي؟ دشمنن جو يار ٿو مون کي لڳين؟ پيٽ تنھنجو آ ڀريو، ڀربو نڪو، تون برو بيڪار ٿو مون کي لڳين. ٺاھ توسان ڪو نه آ، امتياز جو، تون پرايو يار ٿو مون کي لڳين. (ص 63) حسن کي ڪڏهن به لڪائي نه ٿو سگهجي. لڪائڻ سان حسن کرندو آھي پر چمڪندو نه آھي. جيڪا سونهن راڻي پنھنجو حسن لڪائيندي آھي، اها پنھنجو حسن کاري ڇڏيندي آھي. جڏهن سونھن پري چوڏهينء جي چنڊ ڏي نھاري مرڪندي آھي ته چنڊ جي چانڊوڪي وڌيڪ چؤکي ٿي چمڪندي آھي. اهو اظھار اسان جي هن شاعر وٽ هن طرح آيل آھي؛ چانڊوڪيء کان هن جو چھرو چمڪي چؤکو، سونهن لڪائي پاڳل پنھنجي کاري ويٺي. (ص 67) جڏهن عورت کي مختلف رسمن جي ڪري حويليء جي ڪوٽن ۾ قيد ڪيو ويندو آھي۽ ڪو به سندس دردن کي سمجهڻ وارو نه هوندو آھي ته سندس حالت جيئري ئي مئلن جھڙي هوندي آھي. هوء حويليء ۾ اڪيلي رهندي، آھن کي پنھنجو ساٿي بڻائيندي آھي. هوء اھڙي حالت تي ايترو ته درد مان دانهون ڪندي آھي جو آسمان جا برج به لڏي پوندا آھن ۽ آسمان جا پردا به ڏري پوندا آھن. اهڙي منظرڪشي صوفي امتياز وٽ هن طرح قلمبند ٿيل آھي. هاء حويليء ۾ امتياز اڪيلي آتي، آھن سان هوءعرش سڄي کي ڏاري ويٺي. (ص 67) ڪافي ماڻهن جي اھا فطرت ھوندي آھي ته پنھنجي مٿان ھڪ ڪک به ڪو نه سھندا آھن. سندن ڪپڙن تي اتفاقً ڪا ٿوري به مٽي پوندي آھي ته ھو ھر ھر اھا پيا صاف ڪندا آھن. سندن ڪپڙن تي پيل مٽيءَ تي ته کين چڙ لڳندي آهي پر جيڪڏھن ديس مٿان ڪو ڏکيو وقت ايندو آھي ته اھڙن ماڻهن کي ڪو به احساس نه ٿيندو آهي نه ئي کين ڪا چڙ ايندي آھي. اھڙي منظر ڪشي سادن لفظن ۾ ھو ھن طرح ڪري ٿو. ذات پنھنجي تي سھي جو ڪک نه ٿو، ديس تان سو ڪو نه چڙندي ٿو ڏسان. (ص 68) ھڪ سچيت شاعر جي اھا به خوبي ھوندي آھي ته ھو نه ته غيرن غدارن سان دل لڳائيندو آهي ۽ نه ئي وري ڌرتيءَ جي دشمنن سان. اھڙي ڳالھ سنڌي ٻوليءَ جا شاعر نه صرف دل ۾ ڪندا آھن، پر اھڙي وارتا قلم جي نوڪ تي آڻي، سڀني جي سامهون نروار ڪندا آهن. صوفي امتياز ٻلال به اھڙي سوچ رکندڙ شاعر آھي. ھو به اھڙي ڳالھ بنا ڪنهن گهٻراهٽ جي اسان جي اڳيان ھن طرح آڻي ٿو؛ لڳي آ دل نڪي لڳندي ڪڏھن غيرن غدارن سان، ڪيو جن ڪِيسُ آ قائم سمورن سنڌ وارن سان. (ص 71) وليم ورڊس ورٿ لکيو آهي ته "Today's child is father of tomorrow". مطلب ته اڄ جو ٻار سڀاڻي جو پيءُ آھي. فرض ڪيو ته جيڪڏھن ھن ڌرتيءَ تان ٻارن جو وجود ختم ٿي وڄي ته ڇا ٿيندو؟ ٿورن لفظن ۾ انجو جواب ھي آهي ته ڌرتي دوزخ کان وڌيڪ ڀيانڪ بڻجي ويندي. ٻارن جي ڪري ئي ھيء ڌرتي جنت سمان لڳي ٿي. ٻارن جي وجود سان ئي ھن ڌرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا قائم آھي. ٻارن جي ٽھڪن سان ئي ٿڪل ۽ ٽٽل وجود پنھنجو جيئندان برقرار رکيو پيا اچن. ٻارن کان سواءِ ھيءَ ڌرتي قبرستان ۽ شمشان گهاٽ بڻجي ويندي. گهر ۾ ٻارن جي نه ھجڻ سان گهر جو سنسان بڻجڻ ۽ ٻارن جي ھجڻ سان گهر فردوس لڳڻ جو اظھار، صوفي امتياز وٽ ڪيڏو نه آسان ۽ سادو ٿيل آهي! سڄو سنسان لڳندو آ نه جي موجود ھوندا ھن، لڳي فردوس ٿو گهرڙو گلن جھڙن ته ٻارن سان. (ص 71) دنيا ۾ ادبي ادارا، پنھنجي ملڪ جي شاعرن جا ڪتاب ڇپائڻ سان گڏ کين رائلٽي به ڏيندا آھن. پر اسان وٽ الميو اھو آھي ته ھڪ ته شاعر ڪتاب پاڻ شايع ڪرائيندا، ٻيو ته اسان وٽ ڪتاب خريد ڪرڻ جي بجاءِ شاعر کان ڪتاب مفت ۾ وٺي پڙھڻ جو مرض وڌندو پيو وڃي. ان صورت ۾ شايع ٿيل ڪتابن جو خرچ به مس نڪرندو آهي. جيڪڏھن شاعر نوجوان ھوندو آھي ته ڪجھ نه ڪجھ ڪمائي، گهر جو گاڏو گهليندو آھي پر جڏھن ھو پوڙھو ٿيندو آهي ۽ ڪمائڻ لائق نه رھندو آھي ته سندس شايع ڪتابن جو وڪرو ئي سندس گهر جي وهنوار جو واحد ذريعو ھوندو آھي. اھڙي عڪاسي اسان جي شاعر وٽ ھن طرح موجود آهي؛ جهور بڻيو آ شاعر ڪين ڪمائڻ جھڙو، ھن جي شعرن جا ھت ڪاش ڪتاب وڪامن! (ص 74) اسان قبرن جي پوڄيندڙ قوم آھيون. قبرن مٿان لکين روپين جا پڙ، ان نيت سان وجهنداسين ته اسان کي آخرت ۾ جنت ملي. پر افسوس ته اسان جي نيت ڪنھن اگهاڙي جسم کي ڍڪي، جنت حاصل ڪرڻ جي نه ھوندي آھي. ھن ڌرتيءَ تي روز ڪيترائي لاوارث، غريب ۽ يتيم، بنا ڪفن جي اگهاڙا روڊن تي پيا ھوندا آھن. آھي ته جيئري به بنا ڪپڙن جي بت ڍڪڻ جي ڪوششن ۾ ھوندا آھن. تنھن ھوندي به اسان قبرون پڙن سان سجائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهيون. جيڪڏھن اسان پيرن تي پڙ وجهڻ جي بجاء ڪنھن جو اگهاڙو جسم ڍڪيون يا بنا ڪفن واري لاش کي ڪفن پارايون ته اسان جا ٻئي جھان سکيا ٿيندا ۽ ھيءَ ڌرتي به جنت سمان بڻجي پوندي. اھڙو اظھار صوفي امتياز ھن طرح ڪري ٿو؛ پون پڙ پيرن تي ڪيڏا ھتي ڏس تون، مگر ڪنھن لاش لئه ڪنھن وٽ ڪفن ناھي. (ص 75) محبوب کان سواءِ زندگي ڪيئن تنھا ڀٽڪي گذار ي آھي، اھو ته اھڙي ڪيفيت ۾ گھاريندڙ ھڪ عاشق ئي ڄاڻي سگهي ٿو. اھڙي ڪيفيت ۾ گذاريندڙ جي حالت پاڻيءَ کان ٻاهر ڦٿڪندڙ ڪُرڙيءَ جھڙي ھوندي آھي. اھڙي عڪاسي صوفي امتياز وٽ ھن طرح ملي ٿي؛ تنھا تڙپيو ڦٿڪيو آھيان، ڪُرڙيءَ وانگي ڀٽڪيو آھيان. (ص 81) ھتي وضاحت ڪجي ته ماڻهو تنھا ڀٽڪندو آھي ۽ ڪُرڙي ڦٿڪندي آھي. ھتي تنھا ڦٿڪڻ ۽ ڪُرڙيءَ وانگي ڀٿڪڻ ابتو خيال آهي. ٿي سگهي ٿو ته ھتي پروف جي چُڪ به ھجي، تنھن ھوندي به اھو خيال ھن طرح ھئڻ گهرجي. تنھا تڙپيو ڀٽڪيو آھيان، ڪُرڙيءَ وانگي ڦٿڪيو آھيان. سنڌ صدين کان وٺي غدارن، لٽيرن، وڏيرن ۽ ڀوتارن جي عتاب ھيٺ رھي آھي، جنھن ڪري سنڌ ۾ نه ته صحيح معنيٰ ۾ ڪا ترقي ٿي آهي ۽ نه ئي وري بک ختم ٿي آھي. سنڌ کنڊر بڻجي چڪي آھي. سکي ستابي سنڌ، دردن جو ديس بڻجي چڪي آهي. شاعرن جي نظر ۾ اھو سڀ ڪجھ وڏيرن ۽ ڀوتارن جي ٽولن جي ڪري آھي. ھي سڄوغزل اڀياس طور ھتي پيش ڪجي ٿو. اڃا سنڌ تو ۾ غدارن جا ٽولا، وڏيرن، لٽيرن، ڀوتارن جا ٽولا. سڄي آ خدائي ڇو راڪاس وانگي؟ کٽا ڪين ڇا لئه بکارن جا ٽولا؟ اڃا مس ڳنڍيو تم ھنن حسرتن کي، مڪا تو به ٻيھر بکارن جا ٽولا. اگهاڙو بدن ڪو رِليءَ لئه سڪي پيو، مٿان ڪڙڪيا ڪيڏا سيارن جا ٽولا! مئن جو دڙو ھو سندم ڄڻ اندر ۾، ويا بڻجي اڻ کٽ مزارن جا ٽولا. اکين ساڻ امتياز تو جام پياريو، ويا سڀ لھي اڄ مونجهارن جا ٽولا . (ص 84) حسن جي عبادت ڪرڻ به ثواب آھي ته ڪينجهر جھڙين اونھين ۽ حسين اکين جي تلاوت ڪرڻ به ثواب آھي. ھن غزل ۾ شاعر محبوب جي ادائن سان گڏ قومي رنگ به ڀريو آھي. اھو غزل به اڀياس طور پيش ڪجي ٿو. اوھان جي اکين جي تلاوت ڪبي، حسن جي ھميشه رياضت ڪبي. کنئي ديد بد ديد جنھن ديس ڏي، ٽڪي جي نه ان سان رعايت ڪبي. پائي گيڙو الفي ته نوڙت منجهان، اڙي عشق تنھنجي عبادت ڪبي. وري جي ڪو ارغون ترخان ٿيو، ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪبي. اگر نفس نادان امتياز ٿيو، زماني ۾ ان تي ملامت ڪبي. (ص 89) نڪور خيال پڙھندڙن جي اڳيان پيش ڪرڻ ڪنھن بہ شاعر جي خوبي ھوندي آھي. صوفي امتياز ٻلال جي شاعريءَ ۾ به ڪئي نڪور ۽ اڇھيل خيال موجود آهن. اھڙي قسم جي شاعري ئي مقبوليت ماڻيندي آهي. صوفي امتياز ٻلال به خيال اڏام به تمام مٿانهين رکي ٿو. نيڻن کي وڻ بڻائڻ، ان مان درد ٽمائڻ، ڪيڏو نه اتم خيال آهي! اھو خيال ڏسو! درد ٽميا نيڻن جي وڻ مان، پيار منجهان تو ڀاڪي پاتي. (ص 97) يا ھي ھيٺيون خيال ڏسو، ٽاڪي ٽاڪيان گھاو به ڪھڙا؟ ڇيھون ڇيھون آھي ڇاتي. (ص 97) سنڌ جا ثقافتي ماڳ يادن جو به ھڪ ذريعو آھن ھڪ ڀيرو ڪو ماڻهو ڪنھن ماڳ تي ويو ۽ ٻئي ڀيري ساڳي جاء تي جيڪڏھن ڪو دوست موجود نه ھوندو آھي ته اتي گهمڻ به ھڪ ياد بڻجي ويندو آهي. دادو مورو پُل به تفريح جو ھڪ ماڳ آھي. شاعر جڏھن اھا اڪيلو گهمڻ وڃي ٿو ته ماضي سندس اڳيان ياد جو ھڪ قصو بڻجي پوي ٿو. اھو قصو ياد ڪري، سندس نيڻ به ڇلڪي پون ٿا. اھو پس منظر شاعر ھن طرح ڇڪي ٿو، ياد جا سارا قصا آيا تري، نيڻ ڇلڪيا دودو مورو پل ڏسي. (ص 93). صوفي امتياز ٻلال ترقي پسند شاعر آھي. ھو مظلوم ۽ محڪوم طبقي جي ترجماني ڪري ٿو. ان ڪري ئي ھو نوجوان طبقي ۾ جلدي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. اھڙي قسم جي شاعري ڏسوس! ڪنھن جي قسمت آھي ڊڳڙي، ڦاٽل چولو، اڳڙي اڳڙي. ھڪڙي لولي خاطر پيءُ جي، پٽ وڌي آ لاھي پڳڙي. ھر ھر ٽوڙي جوڙي ويٺو، روح اسان جو ڄڻ آ رٻڙي. دل جو واھيرو آ خالي، چقمق وانگي پؤ تون چنبڙي. تنھنجي زلفن ۾ ٿي سونهي، گلڙن واري سهڻي سڳڙي.. س تنھنجن ماڻن، نازن، نخرن، دل امتياز ازل کان جڪڙي. (ص 99) مضمون جي طوالت کان بچڻ لاءِ ھتي سندس ڪجھ نڪور خيال پيش ڪجن ٿا.. ڪيان سونهن سامهون جهڪي روز سجدا، اھو حال سرعام اوري ڇڏيو آ. (ص 100) ھي غزل پڙھو ۽ ڏسو ته ڪيئن نه مظلوم طبقي جي بيوسيءَ جي ترجماني ڪئي اٿائين؛ ڪري ڇا چِڙي ڏس عُقابن جي آڏو، نچي ٿي نياڻي نوابن جي آڏو. ڏسو خالي مسجد، رڳو ھل ھوٽل تي، رڍون ڇا ڀلا ڪن ربابن جي آڏو. رھيا رات ڪڙمين سندا پٽ بکن ۾، گڏي رئيس بيٺو ڪبابن جي آڏو. ڪڃر کان کڻي قرض ڪڙميءَ ڍڪيو تن، ڪڇي ڪيئن ڏس سو عذابن جي آڏو. سڏائين ٿو مؤمن يا مُلو تون ذاڪر، دليون پيو ڏکائين ثوابن جي آڏو.(ص 103). پاڻ ولين جيان آء ھڪ ٿي وڃون، جنوريءَ ۾ اسان کي ٿو سيارو سڏي. ٽھڪ مون اڄ ھوا ۾ اڏائي ڇڏيا، ٻار مون کي پيو جو بکارو سڏي. (ص 108) زر مال کي ڪاڏي ڪيان نٿو گهران، محبوب جي ھڪ مرڪ ئي مھان آ. (ص 112) مان مٽي جان مگر ڇھي مون کي، رک منجهان ھر رتن ڪري ڄاڻي. (ص 113) ھن ڪتاب ۾ پنج نظم به شامل آهن، جيڪي سڀ لاجواب آھن. پر حافظ محمد بخش خاصخيليءَ جي ياد ۾، ڪراچي سنڌ ئي آھي ۽ حق گهران ٿي؛ سندس شاھڪار نظم آھن. درد ميڙي مون رکيا ڪتاب جو حصو ٽيون، "ٽيڙو" جو آھي. سندس ٻه ٽيڙو نموني طور ڏجن ٿا. ريشم جھڙا وار، چؤنڪي چھري تي ڏين، ڪيئن ڪجن ديدار؟ گيڙي پئي نلڪو، مون کي ماري ھن جي، ڇاتيءَ جو ڇلڪو.(ص 128). چوسٽي جي صنف تي جهجهو ڪم ٿيو آهي. صوفي امتياز به ھن صنف تي سٺو ڪم ڪيو آهي. ھن ڪتاب ۾ ڏنل سندس چوسٽن مان ھڪ چوسٽو مطالعي لاء ڏجي ٿو. اسان جا نيڻ وارياسا، اوھان جي ڪاڻ ھن پياسا، ڪري پئي جهوپڙي دل جي، دلاسن جا ڏيو داسا. (ص 130) ادب جي کيتر ۾ جيتري محنت ۽ دل جي حضور سان ھر ھلائبو، اوترو ئي ڦل ملندو. صوفي امتياز ٻلال جيتوڻيڪ ادبي دنيا ۾ نئون آھي، تنھن ھوندي به پاڻ ھن وقت تائين سٺو نالو ڪمايو اٿائين. ادبي دنيا ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪرڻ لاء کيس اڃا به وڌيڪ محنت جي ضرورت آھي. اسان پراميد آهيون ته لڳاتار محنت جي بدولت، صوفي امتياز ٻلال ادبي افق جو چمڪندڙ ستارو ثابت ٿيندو ۽ اھو ڏينھن به پري نه آهي جو سندس فن ۽ فڪر تي تحقيقي مقالا لکيا ويندا. ڪتاب جي مثبت ڳالھ اھا به آهي ته ڪتاب تي رايا شاعر پنھنجي تر جي شاعرن ۽ سندس بلڪل ويجهو رھندڙ شاعرن کان لکرايا آھن، جن ۾ بيوس سجاد گاڏھي، سيد منظور علي شاھ منظور، سيد مختيار علي شاھ، رضا لانگاھ، پروفيسر انور ساگر ڪانڌڙو، معشوق محسن ابڙو، ۽ پير شمس الدين شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ جديد شاعريءَ جي مقبول نالي وسيم سومري صاحب "سار جي سفر جي شاعري" جي نالي سان لکيو آهي. جڏھن ته پس ورق back titleھر دل عزيز شاعر ايوب کوسي جو لکيل آهي. احساس پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ٿيل ھي ڪتاب 136 صفحن تي مشتمل آهي، جنھن جو اگھ 250 روپيا رکيو ويو آھي.