مزدورن جي عالمي ڏھاڙي تي کين منھنجي طرفان ننڍڙي ڀيٽا.

'تعارف' فورم ۾ عمران علي ڀيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2023۔

  1. عمران علي ڀيو

    عمران علي ڀيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مئي 2023
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    ليڪچرار: علم سياسيات
    ھا مان مزدور آھيان...!
    مزدور جو پٽ مان مزدور آھيان,

    پرھ جو اٿان ٿو ۽ ڪوڏر کڻان ٿو
    وطن جي مٽيء کي زرخيز ڪيان ٿو
    محنت جي جذبي سان سرشار آھيان
    ھا مان مزدور آھيان...!
    محنت جي بدلي جا قيمت ملي ٿي
    گذر زندگي جنھن سان مشڪل ٿئي ٿي
    بکن جو مان ماريل مزدور آھيان
    ھا مان مزدور آھيان...!
    ڄمڻ سان ئي قرضن ۾ جڪڙيل رھان ٿو
    وڏيرن جي ڪوٽن جو ڪمي ٿيان ٿو
    مان مجبور محڪوم مسڪين آھيان
    ھا مان مزدور آھيان...!
    صدين کان ئي ساڳي آ حالت ڏسان ٿو
    مشينين ۾ گھيريل سدائين رھان ٿو
    مان بيمار بدحال بدبخت آھيان
    ھا مان مزدور آھيان...!
    نه تعليم ٻچڙن کي ملندي ڏسان ٿو
    ۽ ترقيء جو واٽون تڪيندي رھان ٿو
    جھنگل ۾ ڪو رھندڙ مان بنواس آھيان
    ھا مان مزدور آھيان...!
    طعنن ٺٺولين کي ھر پل سھان ٿو
    ڪنھن رھبر جون آسون اميدون رکان ٿو
    نه ڀڄندڙ نه ڀرندڙ ڀتر مان به آھيان
    ھا مان مزدور آھيان...!
    مزدور جو پٽ مان مزدور آھيان.

    عمران علي ڀيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو