پينگهو، هندورو، جهولڻو تحرير : عبدالله جروار اڳ عجيب دور هو هر ڪنهن گهر ۾ ضرورت جي شين طور پينگهو به ضرورت سمجهي گهر ۾ رکيو ويندو هو. جيئن ڪم ڪارين کان فارغ ٿي گهر ڀاتي ان ۾ ويهي سڪون وٺن. گهر ۾ ننڍڙو ٻار ڄائو ته ان جو مسڪن پينگهو ئي هوندو هو. پينگها يا ھندورا هر ڪو پنهنجي حال سارو وٺي گهر ۾ رکندو هو. عام ماڻهو جي گهرن سادا پينگها جيڪي مقامي واڍن جا ٺاهيل هوندا هئا. جڏهن ته وڏن ماڻهن وٽ جنڊي تي ٺاهيل وڏا ھندورا هوندا هئا. هر ڪو پنهنجي حال سارو وٺي پنهنجي گهر ۾ رکندو هو. پينگهي ۾ هڪ طرف شديد گرمي جي صورت ۾ لوڏا کائڻ سان پرفرحت هوا لڳندي هئي سڪون محسوس ٿيندو هو. ننڍڙا ٻارڙا راند روند ڪري ٿڪندا هئا ته انهي کي پينگهي ۾ سمهاري لوڏبو هو. پرسڪون ننڊ جو مزو وٺندا هئا. ننڍڙي ٻار کي مائرون پينگهي ۾ لوڏڻ سان گڏ مٺيون لوليون ڏينديون هيون. ان ماحول جي سڪون جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. وقت جا ڦيرا عجيب آهن. اهي پينگها عام گهرن مان ڪيئن ختم ٿيا؟ ڪا خبر ناهي پر منهنجي خيال ۾ جيئن ماڻهن جي دلين ۾ سوڙھ ٿيڻ لڳي ته عام گهرن مان پينگها به ويا. تمام گهٽ گهرن ۾ باقي رهيا آهن. غريب گهرن جون عورتون جن وٽ پينگها نه هوندا هئا ته ڪپڙي جي پوتي جا پلاند کٽ ۾ ٻڌي لوڏ ٺاهي اڄ به پنهنجي ٻارن کي ان ۾ سمهاري لولي ڏينديون آهن ته ٻار پر سڪون ننڊ ڪري وٺندو آهي. منهنجي خيال ۾ پينگهي جو رواج گهٽ ٿيڻ جو هڪ سبب ته بجلي جي پنکن جو عام ٿيڻ به آهي. جنهن جي هوا تي ويهي سڪون وٺجي ٿو. ٻيو سبب گهر ننڍا هئڻ ڪري هاڻ گهرن ۾ پينگهي رکڻ جي گنجائش به نه رهي آهي. هاڻ گهر جي ضرورت ۾ وڏيون لوهي پيتيون ۽ الماريون به شامل ٿيون آهن. هڪ ڪمري هڪ ٻه کٽون انهن سان گڏ هڪ وڏي لوهي پيتي رکجي وئي ته بس ٻيو ٿيو خير! پينگهي رکڻ جي گنجائش ڪٿي.؟ هندورا اڳوڻي دور ۾ راڻين جي به ڪرت ۾ شامل هئا جنهن کي شاھ صاحب پڻ سر ليلا چنيسر ۾ به ڳايو آهي. هيس هندورن ۾ پييم ڪانه پروڙ مڻيئي سندي مامري ڪوجھي وڌيس ڪوڙ سامهان ٿيم سور، ويو ولٽي ولهو. سنڌي ٻولي جي ڪيترن شاعرن پينگهي کي پنهنجي شاعري گيتن ۾ مختلف نالن سان ڳايو آهي. ڪٿي، پينگهو، ڪٿي هندورو ۽ ڪٿي جهولڻو لفظ ڪتب آندل آهي. پينگهي بابت سائين فضل احمد بچاڻي صاحب به پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ تفصيل سان لکيو آهي. ڄڻ پينگهن سان وابسته اهڙيون يادگيريون رڳو بچاڻي صاحب جون نه پر اسان سڀني جون ٿوري گهڻي فرق سان لاڳاپيل آهن. بچاڻي صاحب لکي ٿو تہ : پينگهو يا هندورو هاڻي جيئن پوء تيئن ماضي جي ياد ٿيندو وڃي جو نه جاين ۾ پينگهو رکڻ جي گنجائش آهي نه ماڻهن کي به ايڏي فراغت ۽ فرصت جو پينگهن ۾ ويهي پور پچائين. هي هڻ هڻان جو دور آهي جنهن آساس ڪٿي! ڪڏهن غريب غربو به پينگهو رکي سگهندو هو. وڏن سرندي وارن وٽ ته وڏا وڏا طرح طرح جي ڊزائين جا پينگها هوندا هئا، ڪن وٽ اڃا ئي جندي جا، ڀانت ڀانت جي چٽن گلن ۽ آرسين سان توڙي نواڙن سان مڙهيل، باقي گهٽ آمدني وارا به ٻٻر جا سادا سودا پينگها ٺهرائي وٺندا هئا. آسائش ساڳي، لوڏ ساڳي باقي شو ڪٿي گهڻو ڪٿي ٿورو، پينگهو پينگهو رڳو آسائش ۽ سهولت ئي نه هو بلڪ شان ۽ نيڪ بختي جي نشاني سمجهبو هو. دعائون ڪي پينگهي ۾ لڏن جون به ملنديون هيون. جنهن گهر ۾ سادو ڪي اوچو، ننڍو ڪي وڏو پينگهو نه هوندو ان گهر کي ئي بي فيض سمجهبو هو. پينگهي ۾ لڏڻ سان جا آسيس ٿي ملي اها پينگهي ۾ لڏڻ واري کان ئي پڇو. پينگهي ۾ لڏڻ ۽ ڀلي گهوڙي جي سواري هڪ ڳالھ هئي. پينگهي ۾ لڏندي لکي نه سگهبو. باقي پڙهڻ، کائڻ پيئڻ سمهڻ ۽ استراحت وٺڻ جو مزو ئي پينگهي ۾ هو. هونئن ننڊ اچي نه اچي پينگهي جي هلڪي لوڏ ماڻهو لاء مسمرزم جو ڪم ڪندي هئي. پور ۽ خيال پچائڻ، آئندي جا پلان تيار ڪرڻ لاء پينگهو وڏي مهميز هو. چار چار ٻار پينگهي ۾ سمهي سگھن. بيمارن لاء ته پينگهي جي لوڏ ڦڪين جي فرق ڪرڻ جو سبب بڻجي، زال مڙس پينگهي ۾ گوڏو گوڏي سان ملائي محبت ونڊڻ سان گڏ گهر ٻار جي مستقبل جو سٽائون ۽ صلاحون ڪن. اهي ڳالهيون هينئر ڊرائينگ رومن ۽ بيڊ رومن ۾ ڪٿي؟ رٺا به پينگهي ۾ پرچي ويندا هئا. ڪاوڙيل ۽ ڪروڌي ماڻهو به پينگهي ۾ ويٺو ته ڪاوڙ ڍري. ڪو ڏيل ڏکويو به پينگهي ۾ گهڙي پل لڏيو ته آنند اچي ويندس. بيشمار هيون پينگهي جون نعمتون. فضل احمد بچاڻي صاحب پينگهي جو خوبيون گهڻيون ڳڻايون آهن. پينگهو ثقافت جو آئيني دار آهي. هن دور ماڻهن جون ترجيحات بدلجي ويون آهن. هاڻ عام ماڻهن وٽ نه پينگها رهيا آهن. نه انهن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان آهي. هاڻ پئسي ۽ شوق وارا ماڻهو خريد ڪري سگهن ٿا. عام ماڻهو اٽي ۾ قابو آهي.