• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مزدور جي پيڙا...

عمران علي ڀيو

فعال رڪن
وقت گذري پيو, دنيا بدلجي پئي, ترقيءَ جا نت نوان طريقا سامنھون اچن پيا جنھن سان مزدور طبقي جي زندگي بھتر ٿئي پئي پر اسان وٽ وڏيرا ۽ سردار اڃا تائين لٺ کنيون خدا لڳا ويٺا آھن. ڪو چوڻ آکڻ وارو ناھي غنڊا راڄ ھلي پيو, جنھن کي وڻين جتي وڻين ماري ڇڏين, دجال جا به پيءؙ ٿيا ويٺا آھن. غريب مزدورن کي مرضيء مطابق ساھ کڻڻ به ڪون ٿا ڏين. مؙلڪَ جيڪي مزدورن جي آسري ھلن پيا اھي مزدور وري الله جي آسري پيا ھلن ۽ ويٺا گيت ڳائن ته محنت ۾ عظمت آھي ۽ ڪڏھن نه ڪڏھن کين ضرور اَجؙرؙ ملندن. کين ڪير سمجھائي ته ائين ڪڏھن به ٿيڻو ناھي ڇو ته انھن جو استحصال پيو ٿئي جنھن کي صرف انقلاب سان ئي ختم ڪري سگھجي ٿو. ٻيو ته جنھن جي نالي تي موڪل ڪئي ٿي وڃي اھي ويچارا صبح سانجھي ئي ڪوڏر ڪلھي تي سڄو ڏينھن ڳڀي لاء ھڻ ھڻان پيا ڪن; موڪل جا مزا وري امير ۽ شاھوڪار ننڊون ڪري پيا وٺن. اڄوڪي ڏينھن تي حڪومت, سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز طرفان جلسا ۽ جلوس ٿيندا جنھن جي سربراھي وري ساڳيا ئي وڏيرا, سردار ۽ سرمائيدار پيا ڪندا. شيطان جي آنڊي جيڏا وڏا اعلان ڪيا ويندا پر ٿيندو ڪجھ به نه. مزدورن جي ساڳي ماني ساڳ سان.

#labourday2023
 
Back
Top