انتھائي غفلت ۽ بي ڌياني جو شڪار ٽنڊو محمد خان جو تاريخي ميون امان شاھ قبرستان

'مختلف موضوع' فورم ۾ Akbar Ali طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2023۔

  1. Akbar Ali

    Akbar Ali
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مئي 2023
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    سنڌ سونھاريءَ جا تاريخي آثار ، واھڻ وستيون، تاريخي اھميت وارا قبرستان ھر جڳھ تي انتھائي غفلت ۽ بي ڌياني جو شڪار آهن.
    اھڙو ئي ھڪڙو ماڳ ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ پڻ موجود آهي جيڪو زماني جي بي حسي ۽ بي ڌياني جو دردناڪ داستان بيان ڪري ٿو ، ھن ماڳ کي قبرستان ميون امين يا امان شاھ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
    ھي قبرستان ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ باقر نظاماڻي کان لڳ ڀڳ ٻہ ڪلوميٽر اڳتي آھي ،
    ھن قبرستان ۾ ڳوٺ باقر نظاماڻي، فلڪارا، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين اسپاس پاس ۾ رھندڙ ڪيترن ئي قومن جا ماڻهو مدفون آھن پر ھتي سڀ کان وڌيڪ جيڪي شيون ڌيان ڇڪائن ٿيون ، اھي ٽنڊو غلام علي وارن ماڻڪاڻي مير صاحبان جون پٿر جون ٺھيل قديم تربتون آھن جيڪي موجوده وقت ۾ انتهائي خستہ ۽ رحم جوڳي حالت ۾ آھن.
    ھن قبرستان جا ٻہ حصا آھن، جن مان هڪ حصي کي ميون امين جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ٿو جو اتي ميون امين شاھ جي درگاھ آھي ھي درگاھ سادي نموني جي ٺھيل آھي، چون ٿا ته ميون امين شاھ انگريزن خلاف لڙي ويندڙ مشھور جنگ مياڻي ۾ شريڪ ھئا،
    ھن قبرستان جي ٻي حصي کي سيد امان شاھ جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ٿو جو ھن حصي ۾ سيد امان شاھ جي مزار آھي، ھي مزار درگاھ ميون امين شاھ کان ٿورو ئي اڳتي ھڪ اوچي دڙي تي آھي ۽ مٿان ڪو بہ گنبذ ٺھيل نہ آهي. سيد امان شاھ جي باري ۾ پڻ چيو وڃي ٿو ته مياڻي واري جنگ ۾ شريڪ ھئا.
    ھن قبرستان ۾ ٽنڊو غلام علي وارن ماڻڪاڻي مير صاحبان جون پٿر جون ٺھيل خستہ حال تربتون آھن..

    ھن قبرستان ۾ سڀ کان وڌيڪ واضع مير پيروز جو مقبرو آھي جيڪو انتھائي خستہ حالت ۾ آھي. ھن مقبري کي کٻڙن جھاڙين پوري طرح گھيري رکيو آھي، ھن مقبري جي ڇت ڪري چڪي آھي ھن مقبري اندر ٽي تربتون آھن جن مان ھڪ وڏي تربت جڏھن تہ ٻہ ننڍيون تربتون آھن. ھتي موجود ڪنھن بہ تربت تي ڪوبه ڪتبو نہ آهي. چون ٿا ته ھتي موجود وڏي تربت مير پيروز خان جي آھي, مير پيروز خان مير جادو خان جو پٽ ھو، مير جادو خان ميرپورخاص لڳ چٽوڙي قبرستان ۾ مدفون آهي.
    ھن مقبري جي اترئين طرف ٿوري فاصلي تي ھڪ پٿر جو چبوترو آھي ، ھن چبوتري جا ٻارنهن ٿنڀ ھئا جن مان ڪجھ تہ ڪري چڪا آھن باقي جيڪي بچي سگھيا آھن اھي بہ انتھائي خستہ آھن ۽ ايندڙ ڪجھ وقت ۾ سلامت رھي نہ سگھندا. ھن چبوتري جي ڇت پڻ ڪريل آھي، ھن چبوتري ۾ چار تربتون آھن ۽ ڪنھن بہ تربت تي ڪو ڪتبو موجود ناھي جو پتو پئجي سگھي ته ھي تربتون ڪنھن جون آھن ھن چبوتري جي اترئين طرف ٿوري فاصلي تي پڻ ڪيتريون ئي تربتون موجود آهن جن مان سڀني کان واضع ھڪ شاندار نموني جي ٺھيل پر موجوده وقت جي خستہ حال تربت آھي، چون ٿا ته ھي تربت ٽنڊو غلام علي جي باني مير غلام علي ٽالپر جي فرزند مير خان محمد ٽالپر جي آھي ھي تربت پٿرن جي وڏن تھن تي مٿي اوچي ٺھيل آھي انھن پٿرن تي خوبصورت چٽساليءَ پڻ ٿيل آهي جڏھن مٿي چڙهي معائنو ڪبو تہ سفيد پٿر جي ھڪ وڏي پليٽ نظر اچي ٿي جنهن تي ڪجھ بہ لکيل نہ آھي ھن پليٽ جي پاسن کان ھڪ خستہ حال تربت آھي جيڪا اندر پورجي چڪي آهي، مير خان محمد ٽالپر مير غلام علي ٽالپر کانپوءِ ماڻڪاڻي ميرن جو نئون جاگيردار ھو ۽ ارڙهن سؤ ٻاھتر عيسويءَ ۾ وفات ڪيائين
    مير خان محمد ٽالپر جي تربت جي پاسن کان ٻيون ڪيتريون ئي بغير ڪتبي واريون تربتون موجود آهن چيو وڃي ٿو ته انھن مان ھڪ تربت مير خان محمد جي فرزند مير غلام علي ثاني جي ۽ ان جي پاسن کان مير غلام علي ثاني جي ٻن فرزندن مير امام بخش ۽ مير الھ بخش جون تربتون آھن سڀني تربتن تي قرآني آيات اڪريل آھن سيرانديءَ کان ڪلمہ طيبہ پڻ اڪريل آھن.
    ھتي صرف ھڪ تربت تي ڪتبو موجود آهي ھي تربت مير خان محمد ٽالپر جي ڀاءُ مير ٻڍو خان جي آھي، ھي تربت سفيد پٿر جي ٺھيل آھي، مٿس قراني آيات اڪريل آھن سيرانديءَ کان ڪلمہ طيبہ اڪريل آھي جنھن جي ھيٺان نالو ۽ وفات جو سال ٻارنھن سو اسي اڪريل آھي ھتان کان ٿورو ئي اڳتي ھڪ ٻي پٿرن جي ٻن تھن تي ٺھيل تربت موجود آهي ھن تربت جي حالت پڻ انتھائي خستہ آھي ھي تربت ڪنھن جي آھي ان متعلق ڪجھ معلوم نہ ٿي سگهيو
    ھتي ٽالپر خاندان جي ٻين سردارن، اميرن مرد توڙي عورتن جون ٻيون به ڪيتريون ئي تربتون موجود آهن جن مان اڪثر جي حالت انتھائي خستہ آھي
    ھي قبرستان ضلعي ٽنڊو محمد خان جي وڏن قبرستانن منجھان آھي پر نہ صرف اعلي عملدارن پر ٽالپر خاندان وارن پڻ ھن طرف ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي جنھن ڪري ھي تاريخي قبرستان تباھ ٿي رھيو آھي ھن ڳالھ جي گھڻي ضرورت آهي تہ ترت ڪوششون ڪري ھن ماڳ کي بچايو وڃي نہ تہ ٻي صورتَ ۾ ھي ھڪ اھم تاريخي ماڳ ھميشه لاء مٽجي ويندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو