ٽنڊو ڄام لڳ تاريخي ڀٽائي مسجد زبون حالي جو شڪار

'مختلف موضوع' فورم ۾ Akbar Ali طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2023۔

  1. Akbar Ali

    Akbar Ali
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مئي 2023
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    شھر ٽنڊو ڄام کان اٽڪل پنج ڪلوميٽر اڳتي ڳوٺ موسي کٽياڻ لڳ قديم وسندي ڀئن پور ۾ موجود ھڪ اھم تاريخي مسجد موجود آهي جنھن کي سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي مسجد جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
    چون ٿا ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ولادت ڀئن پور ٿي پوء انھي جڳھ تي ھي مسجد جوڙي وئي پر ھن متعلق مؤرخن جا مختلف رايا آهن ھڪڙا لکن ٿا ته شاهه صاحب ھالا حويليءَ ۾ ڄائو هو جڏهن تہ ڪي شاھ صاحب جي جاء پيدائش ڀئن پور لکن ٿا جڏهن تہ ڪجھ جي خيال مطابق شاھ صاحب جي پيدائش جو ھنڌ سئي قندر آھي جتي شاھ ڀٽائي جو والد صاحب شاھ حبيب گھڻو عرصو رھيو ھو ۽ اتي شاھ صاحب جي ٻين ڀائرن جون تربتون پڻ موجود آهن جن ننڍي ھوندي وفات ڪئي.
    سنڌ جي نامياري تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سئي قندر بابت لکن ٿا ته
    جيئن ته شاه حبيب جي رھائش واري جاء توڙي پهرين ٻن ٻارن جي ولادت ۽ وفات بابت مقامي طور پڪيون پختيون شاهديون توڙي پڪا پختا آثار موجود آهن، انهيء ڪري پوري وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ٽيون ٻار يعني شاه عبداللطيف پڻ اتي ئي ان ساڳئي گهر ۾ ڄائو۔ ٿي سگهي ٿو ته ٻارڙي جي خير سان صحيح سلامت ولادت بعد، سندس صحت عافيت ۽ دوادرمل خاطر شاه حبيب ڪي ڏينهن وڃي ڪنهن ٻي جاء تي رهيو هجي، پر اهڙي گمان موجب پڻ سندس ”ڀين پور“ وڃڻ وڌيڪ مناسب نظر اچي ٿو جو اتي جا ڪي سما فقير غالبن سندس مريد ۽ متقعد هئا،جن مان ميان اسماعيل فقير سمو پوء شاه عبداللطيف جو خليفو ٿيو۔ بهرحال جيڪڏهن اتي شاه حبيب جو رهڻ ٿيو ته به ٿوري وقت لاء ٿيو ھوندو جو وري پنهنجي حويلي ۾ موٽي آيو.
    ڪجھ مورخ اھو پڻ لکن ٿا شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه ھن جڳھ تي چلو ڪڍيو ھو جو پوءِ ھن جڳھ تي ھي مسجد تعمير ڪئي وئي.
    چون ٿا ته لونگ فقير مهيسر جنهن جي مزار شادي شهيد لڳ خيرپور ضلعي ۾ آهي ،تنهن جي فقيرن ڪٿان ٻڌو ته شاه عبداللطيف ”ڀين پور“ ۾ ڄائو هو يا اتي چلو ڪڍيو هئائين، سو اتي وڏي مسجد ٺاهيائون.

    ھي مسجد ھڪ وڏي دڙي تي تعمير ٿيل آهي ھي مسجد سرن ۽ گاري مٽيءَ سان ٺھيل آھي مٿان چن جو ليپو ٿيل اٿس ھن مسجد مٿان ھڪ وڏو گنبذ آھي ھي مسجد ٽنڊو الهيار لڳ ميان وھيون قبرستان ۾ موجود مسجد سان گھڻي مشابھت رکي ٿي جيڪا ھاڻي مسمار ٿي چڪي آهي. ھن مسجد ۾ اندر داخل ٿيڻ لاء ٽي دروازا آھن ھي مسجد ٻاھرين ٿلھي ويرانڊي ۽ اندرئين صحن تي مشتمل آهي موجوده وقت ۾ ھي مسجد انتھائي خستہ حالت ۾ آھي ۽ گھڻي عرصي کان بغير مرمت جي موجود آهي ڪجھ عرصو پھرين جي طوفاني برساتن پڻ ھن مسجد کي گھڻو نقصان پھچايو آھي ھن مسجد جي ڀتين ۽ ڇت ۾ وڏا ڏار پئجي چڪا آهن جن کي ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته ھي ڪنھن بہ وقت ڪري سگھن ٿا. ھن مسجد جي ھاڻي جلد از جلد مرمت جي ضرورت آهي نہ تہ ھي ھڪ اھم تاريخي مسجد مسمار ٿي ويندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو