فتح باغ جي تاريخي مسجد مسمار ٿي وئي

'مختلف موضوع' فورم ۾ Akbar Ali طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2023۔

  1. Akbar Ali

    Akbar Ali
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مئي 2023
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    تاريخ 13 مارچ 2022 ع تي اسان فتح باغ جو دورو ڪيو جتي اسان مير محمد خان جي مقبري سميت اتي موجود ٻين تاريخي آثارن جو تفصيلي جائزو ورتو اتي اسان ھمايون بادشاھ جي جوڙايل قديم مسجد جو به معائنو ڪيو جنھن جو صرف دروازي ۽ محراب وارو حصو سلامت ھو اتي موجود مقامي ماڻھن ٻڌايو ته ھي مسجد کوٽائي ۾ ظاهر ٿي ھئي پر مونکي ھي مسجد کوٽائي ۾ ظاهر ٿيل ڪونہ پي لڳي منھنجي انھي ڳالھ جي تصديق ھنن تصويرن مان بہ ٿئي ٿي جيڪي مون ھتي شيئر ڪيون آھن پھرين تصوير ڪتاب لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ مان ورتل جڏھن تہ ٻي تصوير تحفت الڪرام فارسي تان ورتل آهي جيڪو اڻويھ سو اسي ۾ ڇپيو ھنن تصويرن ۾ مسجد جون بلند و بالا ديوارون
    واضع ڏسي سگھجن ٿيون ٻيو ته ڌونري ھنڱوري جي ماڙين جا آثار ھجن يا اگھم ڪوٽ تي موجود قديم مسجدن جا آثار يا نصرپور واري تاريخي نصر مسجد ھجي ھر جڳھ تي بلند و بالا ديوارون پنھنجي جڳھ تي بلڪل واضع ڏسي سگھجن ٿيون اھي لڪڻ جھڙيون ڪونہ آھن جو مٽي جي ڍير ۾ لڪي وڃن. ايترو ٿي سگھي ٿو تہ فتح باغ جي ھن مسجد جو محراب مٽيءَ جي ڍير ۾ دفن ٿي ويو ھجي جنھن کي کوٽي ظاهر ڪيو ويو ھجي، ٿي سگھي ٿو ان معاملي ۾ آئون غلط ھجان دوست پنھنجي راء ڏيئي سگھن ٿا
    پر جنھن ڳالھ طرف آئون ڌيان ڇڪائڻ چاهيان پيو اھا ھي تہ اسان جي فتح باغ جي وزٽ جي ڪجھ ئي ڏينھن کانپوءِ ڪنھن دوست ٻڌايو ته ھي تاريخي مسجد ھاڻي نہ رھي آھي مقامي ڳوٺاڻن پاران ھن کي مسمار ڪري ھن جي جڳھ تي نئين مسجد ٺاهي پئي وڃي ھي ڳالھ ٻڌي گھڻو افسوس ٿيو تہ ھڪ اھم تاريخي ماڳ ھميشه لاء مٽجي ويو ، دل ۾ خيال آيو ته ٽنڊو محمد خان جا ڪجھ متحرڪ عالم اديب تاريخدان ضرور ان متعلق آواز اٿاريندڙ ھوندا پر ھر جڳھ تي مڪمل خاموشي نظر آئي
    خير وري تازوئي ڪجھ ڏينھن اڳ فتح باغ جي ھن مسجد جي حوالي سان آجيان اخبار ۾ سائين اعظم ڀٽي صاحب جو لکيل مضمون پڙھڻ لاء مليو پر ان مضمون ۾ بہ مسجد جي مسمار ٿيڻ جو ڪو ذڪر ناھي وڌيڪ لکيو اٿن ته ھن مسجد جي تعمير ٽنڊو غلام حيدر ٽائون ڪميٽي جي بجٽ مان ڪئي وئي ۽ ھن مسجد ۾ آس پاس جا ماڻهو عيد جي نماز ادا ڪن ٿا ۽ مسجد ھاڻي عيدگاھ طور مشھور آھي
    پر مون جيڪا ڳالھ معائني دوران نوٽ ڪئي ھئي اھا ھي ھئي ته عيد گاھ مسجد جي اڳيان الڳ سان ٺھيل ھئي مسجد ۽ عيد گاھ جي وچ ۾ ڪنڊا لاڻا ۽ کٻڙ ڦٽل ھئا مسجد جي تعمير تي ڪوبه خرچ ٿيل نظر ڪو نہ آيو ھو سواءِ ان جي جو محراب جي پاسن کان ڪجھ پراڻيون نيون ڀتيون ٺاھي مٿان ڇت رکي وئي ھئي ھا عيدگاهه تي خرچ ٿيل ضرور نظر آيو ھو پر اھا مسجد کان مڪمل طور الڳ ھئي ۽ قديم نہ ھئي بلڪہ ھاڻوڪي دور ۾ ٺھيل ھئي
    خير مقصد اھو تہ ٽنڊو محمد خان جو ھڪ اھم تاريخي ورثو مٽجي چڪو آهي سوچڻ جي ڳالھ اھا تہ مقامي ڳوٺاڻن کي انھي ڪم جي اجازت ڪنھن ڏني ۽ انھي عمل تي ٽنڊو محمد خان جي عالمن اديبن تاريخدانن جي مڪمل خاموشي پڻ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو