سنڌ جي عظيم ديوار رني ڪوٽ جو سير

'مختلف موضوع' فورم ۾ Akbar Ali طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2023۔

  1. Akbar Ali

    Akbar Ali
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مئي 2023
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ضلعي ڄامشوري ۾ سن شهر کان اٽڪل ٽيھ ڪلوميٽر اڳتي ڏکڻ اولهه ۾ کيرٿر سلسلي جي لڪي جبل جي ٽن پھاڙن تي ھڪ تاريخي، طلسماتي ۽ پراسرار قلعو موجود آهي جنهن کي سياح دي گريٽ وال آف سنڌ يعني سنڌ جي عظيم ديوار سڏين ٿا جڏھن تہ تاريخ جي ڪتابن ۾ ھن قلعي کي رني ڪوٽ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو
    ھن قلعي جو گھيرو ٻاويهه ميل يعني ٻٽيھ ڪلوميٽر آهي ۽ دنيا جي وڏن مان ھڪ ھجڻ جو دعويدار آهي ھي قلعو لڪي سلسلي جي ٽن پھاڙن تي اڏيل آھي جن مان اوڀر طرف واري جبل کي لنڊو ، وچين کي ڏاڦڙو ۽ اولھ طرف واري کي ڪارو جبل ڪوٺيو وڃي ٿو ھن قلعي اندر ٻيا ننڍا قلعا آھن جن مان ميري ڪوٽ ۽ شير ڳڙهه کي وڏي اھميت وارا سمجھيو وڃي ٿو
    ھي قلعو ٻن قسمن جي ديوارن جو ٺھيل آھي ھڪ قدرتي ديوار جيڪا جبلن پھاڙن کاھين تي مشتمل آهي ۽ ٻي انساني ھٿن جي ٺھيل ديوار
    ھي قلعو گھڻن ئي پراسرار ، طلسماتي ۽ رومانوي داستانن سان ڀريو پيو آهي جيتوڻيڪ ڪيتريون ئي تحقيقون ھن قلعي متعلق ٿينديون رهيون آهن پر اڄ ڏينهن تائين ڪابه حتمي راء جڙي نہ سگھي آھي

    ڪي مورخ لکن ٿا ته ھي قلعو ايرانين پاران تعمير ڪيو ويو جڏھن تہ ڪن جي خيال موجب ھي قلعو يونانين تعمير ڪرايو ڪي مورخ ھن قلعي جا موجد عربن کي ڪوٺين ٿا ڪي ھن کي نيرون ڪوٽ پڻ سمجھن ٿا جڏهن تہ ڪي وري ھن کي چين جي عظيم ديوار سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا رني ڪوٽ تي موجود مقامي ڳوٺاڻا قلعي جي ديومالائي قدامت ڏسي ائين پڻ چون ٿا ته ھي قلعو ڪنھن انسان جي وس جي ڳالھ نہ آهي ھي ضرور حضرت سليمان عليہ السلام جي جنن تعمير ڪيو ھوندو

    سنڌ جي ھڪ وڏي تاريخدان محقق سائين
    بدر ابڙو صاحب لکن ٿا ته هي قلعو هڪ ٽائيم ۾ نه پر مختلف وقتن ۾ تعمير ٿيندو رهيو آهي. ۽ ڪنهن هڪ ماڻهون ناهي ٺهرايو پر مختلف وقتن ۾ مختلف ماڻهن ھن جي تعمير ۾ حصو ورتو آهي
    سنڌ جي ھڪ ٻي تاريخدان ۽ محقق جناب ايم. ايڇ. پنهور جو چوڻ آهي، ته رني ڪوٽ سٿين يا پارٿين جو ٺهرايل آهي ۽ پنجيتاليھ کان سو قبل مسيح ۾ تعمير ٿيو ھوندو

    رني ڪوٽ جي قلعي بابت پراڻي ۾ پراڻو نظريو اهو آهي ته غالباً اهو ايران جي ساساني بادشاهن جو ٺهرايل آهي،
    مسٽراي ڊبليو هيوز پنهنجي مشهور ڪتاب سنڌ گزيٽيئر ۾ پنهنجو رايو ڏيندي اهو خيال ظاهر ڪيو آهي ته هي قلعو رني ڪوٽ ميرن ٽالپرن تعمير ڪرايو هو هي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته هي قلعو رني ڪوٽ ميرن ان لاء ٺهرايو ته جيئن ڪنهن به ڏکئي وقت ۾ ھو پنهنجو قيمتي سامان دشمن جي نظر کان محفوظ رکي سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي به محفوظ ڪري سگھن
    مسٽر ھينري ڪزنس پنھنجي مشھور ڪتاب اينٽي ڪوئيٽيز آف سنڌ وٿ ھسٽاريڪل آئوٽ لائن ۾ سنڌ گزيٽيئر جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ھي قلعو مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ سندس ڀاءُ مير مراد علي خان ٽالپر ارڙھن سؤ ٻارنهن ۾ تعمير ڪرايو ۽ ھن قلعي تي انھي دور ۾ ٻارنهن لک رپيا خرچ ٿيا
    سنڌ جي نامياري تاريخدان ۽ ليکڪ مرزا قليچ بيگ پڻ مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر کي رني ڪوٽ جا تعمير ڪرائيندڙ لکيو آهي
    مير حسن علي خان ٽالپر پنھنجي فتح نامي ۾ لکن ٿا ته رني ڪوٽ سندس وڏن جو يادگار آهي ۽ ھن ڪوٽ جو نالو علي آباد رکيو ويو مير حسن علي خان ٽالپر ھن ڪوٽ تي ايندڙ لاڳت سترهن لک لکي آهي
    بحرحال اڪثر مورخ انھي جو انڪار ڪن ٿا ته ھي قلعو ٽالپرن تعمير ڪرايو سندن دليل اهو آهي: ته جڏهن هزارين مزدورن، ماهر انجنيئرن جي نگرانيءَ هيٺ، ورهين جا ورهيه ڪم ڪيو هوندو، تڏهن مس مس وڃي رني ڪوٽ ٺهي راس ٿيو هوندو. ايڏو خرچ ۽ ڪشالو ڪا اهڙي حڪومت ئي برداشت ڪري پئي سگهي، جنهن وٽ وڏي سلطنت هجي ۽ اڻ مـَـيو ڌن دولت هجي. ان ڪري اها ڳالهه ٽالپرن جي وس کان ٻاهر هئي،
    پر سنڌ جي ھڪ ٻي نامياري تاريخدان ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکن ٿا ته
    سنڌ جي ھن شاندار قلعي جي تعمير ۽ بنياد بابت ان وقت جي تاريخي حوالن مان پوري تحقيق سان اھا ڳالھ ثابت آھي تہ ھي قلعو ٽالپرن جي دؤر ۾ تعمير ٿيو ان دور جي شاعر غلام علي مائل جي تاريخي قطعن مان اھا ڳالھ ثابت ٿي چڪي آھي ھي قلعو جنھن جو نالو علي آباد رکيو ويو سو سن ٻارنھن سو ٽيھ ھجري مطابق ارڙهن سؤ پندرهن عيسويءَ ۾ ٺھڻ شروع ٿيو ۽ ٻارنهن سؤ چوٽيھ ھجري مطابق ارڙهن سؤ اڻويھ ۾ ٺھي راس ٿيو ھن قلعي جي تعمير بابت ان وقت جي پڪين ثابتين ھوندي وڌيڪ ڪنھن بحث جي گنجائش نہ ھئي تہ ھي قلعو ڪڏھن ٺھيو ۽ ڪنھن ٺھرايو پر ون يونٽ واري دور ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ايڊمنسٽريٽر ڪرنل رشيد ھي شاھي قلعو ڏسي پنھنجي ذاتي راء قائم ڪئي ته ھي قلعو ضرور ڪنھن ٻاھرين طاقت ٺھرايو ھوندو سنڌ وارا ڪيئن ٿا اھڙو ڪارنامو ڪري سگھن ان دؤر جي وڏي آفيسر جي راء کي وڏو وزن ھو پوءِ ڪي ٻيا لکندڙ بہ تاريخي حوالن کان منھن موڙي ھن قلعي جا ٻاھريان اڏيندڙ ڳولڻ لڳا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکن ٿا ته ھي قلعو نواب ولي محمد خان لغاري جي نگراني ۾ جڙيو ۽ ڪل ستن نوابن پنھنجن اٽالن سميت ھن ڪم ۾ حصو ورتو
    بحرحال جيڪڏھن ھن قلعي جو تفصيلي جائزو وٺجي ته سڀ کان پهرين سن شھر کان ٽيھ ڪلوميٽر اڳتي ھڪ مشڪل گزار رستو طئي ڪري ھن قلعي وٽ پھچجي ٿو ته سڀ کان پھرين ھن قلعي جو جيڪو داخلي دروازو سامھون اچي ٿو ان کي سن دروازو سڏجي ٿو
    مؤرخ ھن قلعي جا چار دروازا لکن ٿا ۽ ڪجھ ھن قلعي جا ٻہ دروازا پڻ لکن ٿا جن مان ھڪ موھن گيٽ ۽ ٻيو ھي سن گيٽ ھتان کان ھڪ نئن پڻ وھي ٿي جنھن کي نئن موھن يا نئن رني ڪوٺين ٿا چون ٿا تہ نالو رني ڪوٽ انھي نئن جيڪري پيو ھي نئن اتر اولھ طرف کان پھاڙن کان اچي موھن گيٽ وٽان ھن قلعي ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ ھتان سن دروازي وٽان ٻاھر نڪري ٿي برسات جي موسم ۾ ھي نئن اڄ بہ جوش سان وھي ٿي پر عام ڏينھن ۾ چشمي جو پاڻي ھتان کان وھي ٿو ھن نئن جي ٻنھي پاسن کان قلعي جون ڊگھيون ديوارون آھن جن ۾ جڳھ جڳھ تي برج ۽ مورچا ٺھيل آھن ٻئي ديوارون ٻنھي پاسي مٿي جبلن جي چوٽي تائين وڃن ٿيون ھنن ڀتين جي ڪل ڊيگھ پنج ھزار فٽ کن بڻجي ٿي چون ٿا ته ھتي قديم دور ۾ ھڪ پل پڻ ھئي جا ھن نئن جي مٿان تعمير ڪئي وئي ھئي جا بعد ۾ تباھ ٿي وئي ماھرن جو خيال آهي تہ ھتي نئن جي پاڻي کي روڪيو پڻ ويندو هو

    ٻنھي ديوارن تي مٿي چڙھڻ لاء سيڙھيون آھن تي مٿي پھچڻ لاء برج جي پاسن کان مٿي چڙهڻ لاءِ سوڙھيون سيڙ ھيون ٺھيل آھن جتان مٿي چڙهڻ سان سامھون وري ويڪريون سيڙھيون آھن جن جي مدد سان سامھون دروازي وٽ پھچجي ٿو ھتي برج ڏانهن وڃڻ لاء سيڙھيون ۽ سپاھين جي گشت لاء رستا آھن ھتي موجود برج گول شڪل جا ٺھيل آھن مٿن تيرن يا بندوقن سان حملو ڪرڻ لاء مارا ٺھيل آھن
    قلعي جي ديوارن جي پاسن کان ھڪ ننڍڙي ڪوٺي پڻ ٺھيل آھي جنھن جي مٿان گنبذ ٺھيل آھي ھن جي باري ۾ پڻ الڳ الڳ رايا آهن ھڪڙن جي نزديڪ ھي ٻڌ عبادتگاھ ھئي ٻين جي نزديڪ ساسانين جي رھائش گاھ ھئي جڏھن ته ڪن جي نزديڪ ھي بارود خانو ھو

    سن دروازي جي وزٽ کان پوءِ ميري ڪوٽ ڏانهن سفر شروع ٿئي ٿو سن دروازي کان ميري ڪوٽ پھچڻ لاء نئن جي ڪنارن سان ئي ھڪ مشڪل گزار رستو طئي ڪرڻو پوي ٿو سن دروازي کان ميري ڪوٽ لڳ ڀڳ پنج ڪلوميٽر اڳتي آھي ھتي رستي جي حالت انتھائي خراب آھي جنھن ڪري سفر ۾ گھڻي ڏکيائي پيش اچي ٿي وچ ۾ ھڪ اڌورو تعمير ٿيل پل اچي ٿو جيڪر ھي پل تعمير ٿي وڃي ته ھي سفر گھڻو آسان بڻجي پوندو ھي پل خبر ناهي ڪيتري عرصي کان ائين ئي موجود آهي ھن رستي تي سفر دوران جبلن جون قطارون ھڪ خوبصورت منظر ضرور پيش ڪن ٿيون ميري ڪوٽ جبل جي چوٽيءَ تي اڏيل آھي ميري ڪوٽ رني ڪوٽ جي مرڪزي حصي ۾ موجود آهي
    ھن ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاء لوھي دروازو آهي جنھن جي سٺي مرمت ٿيل آهي ھن دروازي جي ٻنھي پاسن کان سپاھين جي ويھڻ لاء محراب ٺھيل آھن ھن ڪوٽ جي چوڌاري ڏنل ڀت جي ڪل ايراضي ماھرن مطابق چوڏھن سؤ چوٽيھ فٽ آهي ميري ڪوٽ کي پنج برج آھن جن مان چار ڪوٽ جي ڪنڊن تي ۽ ھڪ مکيه دروازي وٽ آھي دروازي وارو برج وڏو ٺھيل آھي ميري ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ سان دروازي جي ويجهو ھڪ قديم کوھ پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ھن کوھ کي اڄ بہ ٻيھر استعمال جي قابل بنائي سگهجي ٿو
    ميري ڪوٽ اندر ڪجھ ننڍا ننڍا ڪمرا ٺھيل پڻ نظر اچن ٿا جن مان ڪجھ قديم ۽ ڪجھ بعد جي دور جا ٺھيل آھن قديم ڪمرن جون صرف ڀتيون سلامت آھن
    چون ٿا ته ميري ڪوٽ ڪنھن امير يا سپھ سالار جي رھائش جي جڳھ ھئي
    ميري ڪوٽ جي ڀت ھيٺيان کان يارنهن فٽ ۽ مٿان کان اٺ فٽ موڪري آھي ھن ڀت تي ھڪ گھوڙو آرام سان ڊوڙي سگھي ٿو ھي ڀت زمين کان لڳ ڀڳ ٽيھ فٽ کن اوچي آهي ھن ڀت تي چوڌاري چار فٽ کن اوچو پلويڙو ڏنل آهي جنھن ۾ بندوقن ۽ تيرن سان وار ڪرڻ لاء مارا ڇڏيل آھن
    چون ٿا ته ميري ڪوٽ رني ڪوٽ جي تعمير کان ڪافي عرصي بعد تعمير ٿيو آهي
    ميري ڪوٽ کان اڳتي موھن گيٽ يا موھن پل جي طرف سفر شروع ٿئي ٿو موھن گيٽ، ميري ڪوٽ کان اڳتي لڳ ڀڳ ڇھن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي ھي سفر گھڻو مشڪل گزار آھي جنھنڪري اڪثر سياح ھن طرف اچي نہ سگھندا آهن
    ميري ڪوٽ کان موھن گيٽ طرف ويندڙ رستو نئن جي ڪناري سان نڪري ٿو ھن رستي تي ھڪ خوبصورت چشمو پڻ اچي ٿو جنھن کي مقامي ماڻھو پرين جو تلاء سڏين ٿا ھي چشمو ھتان جي ماڻھن لاء ڪنھن آب حيات کان گھٽ ناھي جو ھي چشمو ھتان جي ماڻھن لاء پاڻي جو واحد ۽ وڏي ۾ وڏو ذريعو آهي جنھن تي ھو پوکي پڻ ڪن ٿا اتي موجود مقامي ماڻھن مطابق ھتي لڳ ڀڳ ٽيھ ايڪڙ زمين ھن چشمي جي پاڻي تي پوکي وڃي ٿي ھن چشمي جو پاڻي شيشي جھڙو صاف ۽ گھڻو فرحت بخشيندڙ آھي ھن چشمي جي پاڻي سان ھڪ ننڍڙو تلاء بڻجي ٿو جنھن ۾ مڇون پن موجود آهن ھن تلاء متعلق مقامي ماڻھن ۾ اھا ڏند ڪٿا پڻ مشھور آھي تہ سال جي ڪجھ راتين ۾ ھتي پريون اچي تڙ ڪن ٿيون جنھنڪري ھن تلاء کي پرين جو تلاء پڻ سڏين ٿا
    ھتان کان اڳتي موھن گيٽ جي طرف پيادل سفر ڪرڻو پوي ٿو جيڪو لڳ ڀڳ ٻہ ڪلوميٽر بڻجي ٿو
    موھن ڪوٽ، موھن گيٽ يا موھن پل جي نالي متعلق مقامي ماڻھو اھا روايت بيان ڪن ٿا ته قديم زماني ۾ ھتي موھن نالي هڪ ماڻھو جو دڪان ھو جنھن کان مقامي ماڻھو ضرورت جون شيون خريد ڪندا ھئا جنھنڪري موھن نالو مشھور ٿيو
    موھن گيٽ وٽان نئن رني ڪوٽ جي اندر داخل ٿئي ٿي جيڪا پوءِ سن دروازي کان ٻاهر نڪري ٿي ھن نئن کي ھتي نئن موھن سڏين ٿا ھتي نئن جي مٿان ٻڌل پل جا آثار ملن ٿا ھن پل کي موھن پل سڏيندا آهن ھن پل جي ٻنھي پاسي مورچا ٺھيل آھن ھن پل جي الھندي پاسي جي ديوار لڳ ڀڳ سورنھن سؤ فٽ ڊگھي آھي ھن ديوار ۾ ٽي برج آھن ھي ديوار مٿي جبل جي چوٽيءَ تي هڪ ننڍڙي قلعي ۾ وڃي ختم ٿئي ٿي ھن ننڍڙي قلعي کي موھن ڪوٽ سڏين ٿا
    پل جي اترئين پاسي واري ديوار لڳ ڀڳ پندرهن سؤ فٽ ڊگھي آھي ۽ ھن ديوار ۾ پنج برج آھن پھرين برج کان ديوار مان ڪوٽ ۾ اندر داخل ٿيڻ لاء رستو ڇڏيل آهي ھتان اڳتي ديوار تي مٿي چڙھن لاءِ ھڪ ٿڪائيندڙ سفر شروع ٿئي ٿو جو مٿي چڙهڻ لاءِ اڀيون سيڙھيون آھن جن جي مدد سان مٿي چڙھي ٻي برج تي پھچجي ٿو
    ھن برج تان ٻنھي ديوارن سميت پوري واديءَ تي نظر رکي سگھجي ٿي ھتان کان ديوار سڌي طرح نڪري ٿي ۽ ٽئين برج تائين وڃي ٿي ھن ديوار تي پڻ ٻين ديوارن جيان تيرن ۽ بندوقن سان وار ڪرڻ لاء مارا ٺھيل آھن ھي ديوار ٽئين برج تائين پھچي ڦيرو کائي مٿي جبل جي چوٽيءَ تي هڪ گول مورچي تي وڃي ختم ٿئي ٿي
    موھن گيٽ کان ٿورو ئي اڳتي شير ڳڙهه جو قلعو اچي ٿو جيڪو جبل جي چوٽيءَ تي اڏيل آھي ھي رني ڪوٽ جي سڀ کان مٿانھين جڳھ آھي ھن ڪوٽ جو ڪل گھيرو ٻارهن سو پنجونجاھ فٽ آهي ھن ڪوٽ کي ڪل پنج برج آھن ھي قلعو ميري ڪوٽ کان ڪجھ ننڍو آھي ماھرن مطابق ھتي قديم زماني ۾ رھائشي بستي ھئي.
    رني ڪوٽ جو قلعو دنيا جي وڏن قلعن منجھان ھڪ آھي ھي قلعو نہ صرف سنڌ جي ھڪ سڃاڻپ آھي پر دنيا ڀر جي سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز پڻ آهي پر افسوس ھتي ڪابہ سھولت نہ ڏني وئي آهي جنھنڪري ھتي گھمڻ لاء ايندڙ سياحن کي گھڻي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو آھي جيڪڏھن وس وارا ھن عظيم قلعي طرف ڌيان ڌرين تہ ھوند ھي قلعو سنڌ جو هڪ اھم سياحتي مرڪز بڻجي پوي.
    حوالا: رھاڻ ھيرن کاڻ از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا از اشتياق انصاري
    سنڌ جي ريجاڻي تاريخ جا ڇھ ھزار سال از ايم ايڇ پنهور
    رسالو مھراڻ (رني ڪوٽ نمبر) سال 2006
    سنڌ گزيٽيئر از اي ڊبليو ھيوز
    اينٽي ڪوئيٽيز آف سنڌ وٿ ھسٽاريڪل آئوٽ لائن از ھينري ڪزنس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو