بيت ۾ تذڪرو الله تعاليٰ جي مختلف اوصاف سان ثنا ڪئي وئي آهي جنهن ۾ عالم(ڪائنات) جي ڌڻي هجڻ جو ذڪر ازل کان موجود هجڻ جو ذڪر رازق هجڻ، رب هجڻ، والي وارث هجڻ جو ذڪر سچي ڌڻي جي ساراهه ڪرڻ لاءِ نصيحت هن ڪائنات کي خالق پاران تخليق ڪرڻ جو ذڪر ******** موضوع خالق ڪائنات جي ساراهه ڪلياڻ 1-1 اَوَلُ، اللهُ، عَلِيمُ، اَعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي، قَادِرُ پَنهِنجِي قُدرَت سين، قائِمُ آهِ قَدِيمُ، والِي، واحِدُ، وَحَدهُ، رازِقُ، رَبُّ رَحِيۡمُ، سو ساراهِه سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ، حَڪِيمُ، ڪَري، پاڻَ، ڪرِيمُ، جوڙُون/جوڙئون، جوڙَ، جَهانَ جِي. ******** معنيٰ شروعات الله(جي نالي سان جيڪو)سڀ کان مٿانهون، سڀ ڪجهه ڄاڻيندڙ ساري جڳ جهان جو مالڪ آهي. (هو) سگهارو پنهنجي سگهه سان ئي ازل کان موجود آهي. (هو جڳهه جو) وارث سنڀاليندڙ ، رزق ڏيندڙ، پاليندڙ ۽ ٻاجهارو هڪ ئي آهي. انهي سچي مالڪ، حڪمت واري جي واکاڻ ڪندي تعريف ڪر. هو پاڻ مهر ڀريو (پنهنجي قدرت سان/جوڙي مان) جهان(ڪائنات کي) خلق ڪري ٿو. ******** بيت جي ڏکين لفظن جي لغت اَوَلُ_ سڀ کان پهرين عَلِيمُ_ وڏي علم وارو اعليٰ_ مٿانهون، بلند، وڏي مرتبي وارو. عاَلَمُ_ دنيا، جهان، ڪائنات ڌڻي_ مالڪ، قادر_ سگهه رکندڙ، طاقت وار، قدرت وارو قدرت_سگهه، الاهي طاقت، الله جي ڪاريگري، قوت قائِمُ_ هميشه رهندڙ، موجود قَدِيمُ_ازل کان، شروع کان(هتي بيت جي لغوي نه پر اصلاحي معني ورتل آهي) والي_ وارث، سنڀاليندڙ واحِدُ_ اڪيلو وَحدَهُ_ هڪ آهي رازِقُ_پاليندڙ، رزق ڏيندڙ رَبُ_ پاليندڙ رَحِيمُ_ ٻاجهارو سو_ اهو، ان جي/کي ساراهه، واکاڻ ڪر چئي حمد، تعريف ڪري حڪيم_ حڪمت وارو ڪري، ٺاهي ٿو پاڻ _ خد ٿو ٺاهي ڪريمُ_ مهر وارو، ڪرم وارو جوڙون جوڙ_ ڪاريگري سان بناوت/جوڙي مان تخليق. جهان_ڪائنات، جڳ جهان ******** **بيت جي پڙهڻي بابت** **بيت جا ڪافيا ۽ انهن جا اچار** عَلِيمُ، قَدِيّمُ، رَحِيۡمُ، حَڪِيّمُ، ڪرِيّمُ هي سڀ عربي لفظ آهن تنهن ڪري اچارڻ وقت عربي اصول مطابق پيش کي ختم ڪندي جزم جو اچار ڪري سگهجي ٿو. جنهن جو مطلب ته پيش کي اعلانيا پڙهڻ جي ضرورت ناهي. ان کان علاوه سنڌي لهجن تحت به اچارڻ وقت اها پيش گهڻو ڪري اچارڻ ۾ نٿي اچي. **سٽ ٻئين** قَادِرُ پَنهِنجِي قُدرَتَ سِين، قائِمُ آهِ قَدِيمُ، لفظ “پنهنجِي” جيڪو اڪثر رسالن ۾ بغير اعرابن جي لکيل آهي تنهنجي جيم“ج” هيٺيان “زير” لازمي پڙهڻ گهرجي **سٽ ٽئين** سو ساراهِه سچوڌَڻِي، چَئِي حَمد، حَڪِيمُ، اڪثر رسالن ۾ لفظ “چئي” بغير اعرابن جي آيل آهي جنهن مطابق اچارڻ سان معنيٰ ۽ مفهوم ۾ تمام وڏي تبديلي اچي ويندي تنهن ڪري لفظ ۾ موجود ئ هيٺيان زير لازمي ڏئي اچارجي جنهن جي لکت “چَئِي” ۽ اچار آهي “چَ اِي” ٿيندو. **سٽ پنجين** ڪَري، پاڻَ، ڪرِيمُ، جوڙَون جوڙَ جَهانَ جِي 6) هن سٽ ۾ آيل هي لفظ“جوڙون جوڙَ جَهانَ جِي” مختلف لکتن سان موجود آهن جوڙون جوڙ جهان جون- گنج- ٻانهون خان شيخ، استاد لغاري جوڙئون جوڙ جهان جي- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جوڙون جوڙ جهان جي - غلام محمد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، جوڙي جوڙ جهان جي- ممبي ڇاپو 1867 ******** Word classes/ Parts of Speech in Bait بيت ۾ لفظن جا وياڪرڻي قسم اسم NOUN الله، قدرت، حمد جوڙون. جوڙ. جهان، عالم ظمير PRONOUN سو، پاڻ، پنهنجي صفت ADJECTIVE صفاتي اسم عليم، اعليٰ، ڌڻي،قادر، قائم، قديم، والي، واحد، وحده، رازق، رب، رحيم، ڌڻي، حڪيم، ڪريم، سچو ظرف ADVERB اول، فعل VERB آهي، ڪري، ساراهه(فعل امر) چئي حرف جر PERIPOSITION جو، سين، جي بيت ۾ حالت اضافت ۽ حالت جري جي نشاندهي. حالت اضافت عالم جو ڌڻي، پنهنجي قدرت، جوڙ جهان جي حالت جري قدرت سين، جوڙون جوڙ Kinds & Tenses of verses lines بيت ۾ عبارت ۽ زمان جا قسم First, 2nd, 3rd lines “to be” Affirmative 4rh line Imperative 5th line “Present indefinite” affirmative