بيت ۾ تذڪرو وحدانيت جو اقرار ڪندڙ جي لاءِ شرط قائم ڪئي وئي آهي شرط قائم ڪرڻ جي جواب ۾اقرار ڪندڙن کي نصيحت و هدايت ڪئي وئي آهي هدايت ۽ نصيحت ۾ رسول ڪريم کي ڪارڻي تسليم ڪرڻ جو ذڪر ٻين سامهون سر جهڪائڻ جو تذڪرو موضوع؛ هدايت و نصيحت بيت وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، جان ٿو چَئِين اِيئن(اِيَ)، تان مَڃ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتُون/نرتئون مَنجهان نِينهَن(نيهَه)، تان تُون وَڃِيو ڪِيئن(ڪِيَ)، نايين/نائين سِرُ ٻِيَنِ کي. معنيٰ جيڪڏهن هي اقرار ڪرين ٿو ته (الله تعاليٰ) هڪ آهي ۽ هن جو ڪوبه شريڪ ڪونهي ته پوءِ رسول ڪريم صه جن کي دل جي سچائي سان (پنهنجو) مددگار، شفاعت ڪندڙ تسليم ڪر. (وحدانيت جو اقرار ڪرڻ کان) پوءِ به تون ڪهڙي طرح(ڇو) ٻين جي سامهون وڃي پنهنجو پاڻ کي جهڪائين ٿو؟(توکي ائين هرگز نه ڪرڻ گهرجي) بيت جو فڪري پهلو بيت جا لفظ عام طرح واحد طور استعمال ڪيل آهن پر مفهوم مطابق هنن کي نه صرف جمع پر وسيع معنيٰ ۾ وٺبو بيت ۾ وحدانيت جو اقرار ڪندڙن کي مخاطب ڪيو ويو آهي. جيڪي وحدانيت جو اقرار ڪن ٿا انهن کي چيو ويو آهي ته جي اوهان اهو اقرار ڪيو ٿا ته الله تعالي هڪ آهي سندس ڪوبه شريڪ ڪونهي ته پوءِ ان اقرار سان گڏوگڏ هڪ ٻئي گواهي هڪ ٻيو اقرار ۽ ٻئي ڳالهه به اوهان کي تسليم ڪرڻي پوندي پنهنجي دل جي سچائي، صدق دل سان تسليم ڪرڻو پوندو ته الله جا رسول حضرت محمد صه جن اوهان جا مددگار، شفاعت ڪندڙ، هامي و هادي آهن. هاڻ جڏهن انهن ٻنهين ڳالهين کي تسليم ڪرڻ، انهن جو اقرار ڪرڻ، انهن کي قبول ڪرڻ وارو مرحلو طئه ٿي ويو ته پوءِ سازگار، ڪارساز، سڄي جهان جي قدرت رکندڙ الله کي ڇڏي ڪنهن به ٻئي جي سامهون پاڻ کي جهڪائڻ، ڪنهن ٻئي کان ڍڄڻ، ڪنهن ٻئي جي طاقت سامهون پاڻ کي حقير و ڪمزور سمجهي ان جي جائز ناجائز جي سامهون پاڻ کي جهڪائي ڇڏڻ هرگز قابل قبول نه هوندو. اهو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته الله جو بندو ڪنهن ٻئي جو بندو بڻجي وڃي، ڪنهن ٻئي کي تسليم ڪري. دراصل ٻين جي سامهون سرجهڪائڻ مان مراد آهي ته عدل و انصاف جي جاءِ تي ظلم ۽ ناانصافي کي قبول ڪرڻ، ان جي سامهون خاموش ٿي وڃڻ. سو وحدانيت کي تسليم ڪري رسول ڪريم جي مدد و نصرت جي پيروي ڪندي هر ظلم ۽ ناانصافي سامهون ڳاٽ اونچو ڪري رکڻو آهي، پنهنجو پاڻ کي پنهنجي قوم کي جهڪڻ کان بچائي رکڻو آهي. بيت جو حاصل مطلب بيت ۾ الله ۽ رسول کي تسليم ڪندي (حق ۽ انصاف تي قائم رهندي) ظلم و زيادتي سامهون اوچو ڳاٽ ڪري بيهي رهڻ جي نصيحت ڪئي وئي آهي . بيت جي ڏکين لفظن جي لغت وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، هو هڪ آهي، هن جو ڪو به شريڪ ڪونهي جان _ جي، جيڪڏهن، اگر ٿو چئين _ چوين ٿو، اقرار ڪري ٿو ايئن، اهو، هي، اهڙي طرح تان، ته، ته پوءِ، تنهن صورت ۾ مَڃُ، تسليم ڪري، ڪارَڻِي، مددگار، شفاعت ڪندڙ نرتئون، صدق سان، سچائي سان منجهان، مان نيهُن، محبت، پيار(دل) تان _ پوءِ به وڃيو، وڃي ڪيئن، ڪهڙي طرح، (ڇو) نائين، جهڪائين، سِرُ، ڪنڌُ، مٿو، (اصطلاحي پنهنجو پاڻ) ٻين کي، غيرن سامهون، غيرن اڳيان. **بيت جو فني جائزو** **************** بيت جو قسم اسان جڏهن بيت جي قافين جو جائزو وٺو ٿا ته پهرين ۽ ٻئي سٽ جو قافيو آخر ۾ آيل آهي جڏهن ته ٽيئن سٽ جو قافيو وچ ۾ آيل آهي ان حساب سان بيت جو قسم ٿيو دوهو ميل تفصيلي طور ان کي لکبو(دوهو، اڌ سورٺو بيت )جنهن ۾ پهريون ٻه سٽو دوهي واريون ۽ آخري سورٺي جي سٽا واري آهي. بيت جا قافيا ۽ انهن جا آواز بيت ٻن آواز وارين قافين تي مبني آهي جنهن ۾ پهريون ڊگهو(/Double Sound) جڏهن ته ٻيون ڇوٽو(سنگل) آواز آهي ايئن _ اِي + ئَن _ پهريون ڊگهو آواز (Double Sound)) زير سان ي جو جڏهن ته ٻيو آواز زبر جو ڇوٽو(سنگل) آواز آهي. نينهن _ نِين + هَن_ پهريون ڊگهو آواز (Double Sound)) زير سان ي جو جڏهن ته ٻيو آواز زبر جو ڇوٽو آواز(Single Sound) آهي.. ڪيئن_ ڪِي + ئَن _ پهريون ڊگهو آواز (Double Sound)) زير سان ي جو جڏهن ته ٻيو آواز زبر جو ڇوٽو آواز (Single Sound) آهي. **بيت جي پڙهڻي** **لفظن جون تبديليون** تان سر ڪنڌ بلوچ صاحب ٻئين سٽ جو لفظ *تان* نه لکيو آھي. آخر سٽ ۾ آيل لفظ *سر* کي مرزا قليچ بيگ ء علامه آئي آئي قاضي مٽائي *ڪنڌ* لکيو آھي جيڪا ھنن صاحبن جي پنھنجي راءِ ٿي سگھي باقي گنج واري لفظ *سر* کي اڪٽر محققين ساڳيو رکيو آھي. مختلف رسالن ۾ مطابق لفظن جِي لکت جون صورتون **پھريون لفظ** اِيَّ ايئن **ٻيون لفظ** نرتو نرتون نرتئون **ٽيون لفظ** نيه - نينھن نيھن **چوٿون لفظ** ڪِيَّ - ڪيئن - **چوٿون لفظ** نائين نايين نائيين بيت جو لساني مطالعو Word classes/ Parts of Speech in Bait بيت ۾ لفظن جا وياڪرڻي قسم اسم NOUN محمد، سر، نرتون، نينهن ضمير PRONOUN ٻين، تون صفت ADJECTIVE ڪارڻي ظرف ADVERB ايئن، تان، ڪيئن، فعل VERB چيئن ٿو، مڃُ، نايين، وڃيو حرف جر PERIPOSITION کي، منجهان حرف جملو CONJUNCTION جان حالت جري جي نشاندهي نرتئون، منجهان نينهَن، ٻِيَنِ کي نوٽ_ نينهن مذڪر واحد اسم آهي جنهن جي ههُ تي اصل ۾ پيش آهي پر منجهان سان گڏجي اچڻ ڪري حالت جري ٺهڻ ڪري هه جي پيش تبديل ٿي زبر ۾ جنهن تبدلي بعد بيت جو هي قافيو پهرين ۽ آخري سٽ واري قافي سان هم آواز بڻجي ويو آخري زبر جو آواز. Kinds & Tenses of verses lines بيت ۾ عبارت ۽ زمان جا قسم بيت جو قسم شرطيه آهي جنهن جي پهرين سٽ شرط کي ظاهري ڪري ٿي ٻئي سٽ جواب شرط آهي جنهن ۾ نصيحت/حڪم ڏنل آهي جڏهن ته ٽيئن سٽ پڻ جواب شرط ئي آگي جنهن ۾ ظاهري طرح سوال/حيرت ظاهر ٿئي ٿي. پر در اصل اها به نصيحت، حڪم جيڪو منع نامو چئجي ان جو مفهوم رکي ٿي. Lines are conditional type First line Present Indefinite Second line, Imperative (order) Third line Present indefinite Interrogative