پنجاب کي سي جي ڪئنال مان پاڻي فراهمي جاري، سنڌ کي واعدي موجب پاڻي نه مليو، وفاق ج

'مختلف موضوع' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسلام آباد (رپورٽ: اصغر کانوٺي) چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ پنجاب جي مطالبي تحت 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي. ارسا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بحران، وفاق جو ميمبر بشير احمد ڏهر سي جي ڪئنال کولڻ جي خلاف احتجاجن موڪل تي هليو ويو جڏهن ته واعدي جي باوجود چشما بئراج وٽان سنڌ لاءِ 2 لک 85 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ جي بجاءِ 2 لک 81 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو. 15 جولاءِ تي ارسا جي حڪم موجب پنجاب جي درخواست تي چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولرائڻ واري حڪم کانپوءِ واپڊا اختيارين ڪئنال ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ارسا پاران 14 جولاءِ تي واعدو ڪيو ويو هو ته سنڌ ۽ بلوچستان کي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ چشما بئراج وٽان 2 لک 85 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويندو ۽ ان تي3 ڏينهن گذرڻ جي باوجود اڃا تائين عمل نه ٿيو آهي ۽ ان کان 4 هزار ڪيوسڪ گهٽ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. ارسا جي انگن اکرن موجب هن وقت به اڪارڊ جي حصي موجب سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 10 هزار ڪيوسڪ گهٽ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ٻئي طرف پنجاب جي مطالبي تي سي جي ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف ذريعن وٽان خبر پئي آهي ته ارسا ۾ وفاق جو ميمبر بشير احمد ڏهر سي جي ڪئنال کولرائڻ خلاف احتجاجن موڪل تي روانو ٿي ويو آهي. واضح رهي ته جنهن ڏينهن سي جي ڪئنال کولرائڻ لاءِ ارسا پاران حڪم نامو جاري ٿي رهيو جنهن تي سنڌ ۽ وفاق جي ميمبرن جون به صحيحون هيون ته اسلام آباد ۾ اها دعويٰ ڪئي پئي وئي ته سنڌ ۽ وفاق جي ميمبرن تي سخت دٻاءَ آهي ۽ ان دٻاءَ جي نتيجي ۾ انهن ان آرڊر تي صحيحون ڪيون. رابطو ڪرڻ تي ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر محمد خان ميمڻ چيو ته سنڌ کي 2 لک 40 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته بلوچستان جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ 2 لک 85 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو پر اهو اڃا پورو نه ٿيو آهي. هن چيو ته پاڻي جو وهڪرو گهٽ هجڻ سبب ائين ٿيو آهي جڏهن ته وفاق جي ميمبر پاران موڪل تي هليو وڃڻ واري سوال تي هن چيو ته بشير احمد ڏهر ٽن ڏينهن جي موڪل تي هليو ويو آهي باقي سندس موڪل جي وڃڻ جو سبب مون کي معلوم ناهي. جڏهن ته سي جي ڪئنال کولرائڻ واري حڪم نامي تي صحيح ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ سنڌ جي ميمبر چيو ته ان تي آءٌ ڪجهه به نه ٿو ڳالهائي سگهان اسان مجبور آهيون.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنجاب کي سي جي ڪئنال مان پاڻي فراهمي جاري، سنڌ کي واعدي موجب پاڻي نه مليو، وف

    پاڻي تي اڄ پاڻي ٿيندو، توسان منهنجو پاڻي ٿيندو ۔۔۔ خبر ناهي ته سنڌ ڪڏهن پاڻي تي ٻه پاڻي ڪندي ۔۔۔

    اڙي ادا خئير آهي ڀلا وڏو ڀا پنجاب پا پاڻي جو واڌارو کڻي ويو ته ڇا ٿي پوندو؟ سندس جي گندي ۾ داڻا ڀربا ٻيو ڇا ٿيندو ۔۔۔
    ننڍو ڀا سنڌ صوفي منش آهي جي بک ۽ ڏک ۾ رهندو ته ڇا ٿيندو؟ ۔۔۔ سنڌي ته هون فقير ۽ درويش ماڻهون آهيون ۔۔۔ ٻين کي آسودو ٿيڻ ڏيو ۔۔۔ !!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو