”سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ“ جمعي 19 مئي 2023 تي سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيل منهنجو ڪالم: محمد خان سيال

'ڪالم' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2023۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    ”سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ“ جمعي 19 مئي 2023 تي سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيل منهنجو ڪالم: محمد خان سيال
    https://sindhexpress.com.pk/editorial/story/86754/
    ___

    اها دکدائڪ خبر آھي ته سنڌ جي هڪ حصي ۾ ڌاڙيلن پنهنجي ظلم جون ڪارروايون گهڻو وڌائي ڇڏيون آھن، جنهنڪري سنڌ جي اتر واري علائقي جي عوام جو جيئڻ وڌيڪ جنجال ٿي ويو آھي. هونئن به ڏسجي ته ظلم جو اهو پراڻو داستان جاري آھي، جيڪو ڪڏهن گهٽ ته ڪڏھن وڌيڪ هوندو آھي. ان کان سواءِ گهوٽڪي، سکر، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ ٻھراڙي جي ٻين کوڙ علائقن ۾ ڌاڙيلن جي لاڳيتين ڪاررواين جي ڪري عام ماڻهو متاثر ٿي رهيا آھن ۽ سندن جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي.
    منهنجي ذاتي ڇنڊڇاڻ آھي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو وڌيڪ حملو ڪيترن سالن کان اتر سنڌ ۾ جاري آهي. مطلب اهو آھي ته ڏکڻ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو حملو گهڻو گهٽ ٿيندو آھي. هونئن به ادارن جي ڇنڊڇاڻ آھي ته حملو گهٽ ھجي يا وڌيڪ پر عوام تي حملو ته حملو ئي هوندو آهي. اهي نيڪ نيتيءَ سان ڪوششون ڪرڻ گهرجن ته ڌاڙيلن جا حملا ننڍا هجن يا وڏا ٻنهي کي روڪڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌ جو ماحول نه رڳو بهتر بڻائڻ گهرجي پر سنڌ جي عوام جي گڏيل ڀلائي لاءِ به سوچڻ گهرجي.
    اصل دکدائڪ ڳالهه اها آھي ته ڌاڙيل عام ماڻهن کي اغوا ڪري پئسا وصول ڪرڻ جو ڪاروبار ٿا ڪن جيڪو وڏو ظلم آھي. اهم سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڌاڙيل عوام کي بليڪ ميل ڪري پاڻ کي محفوظ ڇو ٿا سمجهن. ڌاڙيلن جي زيادتين کي ختم ڪرڻ لاءِ پوليس توڙي سنڌ سرڪار ٻنهي کي پنهنجون ڪاررواريون ترت وڌائڻ گهرجن ته جيئن سنڌ جي عوام جي ڀلائي لاءِ ظلم سبب ٿيندڙ ڪلور ختم ٿي وڃي پر ختم نٿو ٿئي ته ضرور گهٽجي وڃي پر جيڪڏهن ڌاڙيلن جو ڪاروبار گهٽجڻ بدران وڌندو ويندو ته عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو.
    اصل قصو اهو آھي ته سنڌ جي سردارن جو ٽولو مال يعني پئسا ڪمائڻ لاءِ ڌاڙيلن جي همت وڌائيندو رهندو آھي. اها وڏي بدقسمتي آھي ته ڌاڙيل ڀنگ لاءِ بليڪ ميلنگ جو سسٽم جاري رکندا اچن ٿا. هونئن به ڏسجي ته پوليس توڙي سنڌ سرڪار ٻنهي کي عوام جي ڀلائي واري ڳالهه کي اوليت ڏيڻ گهرجي.
    هڪ ٻي اهم ڳالهه آھي ته مون ڪيترا سال اڳ محسوس ڪئي هئي ته سردار، ڌاڙيلن سان ملي مختلف ذاتين وارن انسانن تي اهو چئي حملا ڪندا رهندا هئا ته انهن جون ذاتيون ڪريل آھن پر ڪيترا سندن سوچ موجب ذاتين جي لحاظ کان فرشتا بڻيل آھن. منهنجي سوچ موجب ذاتين جي بنياد تي نفرت ناجائز آھي. اصل ۾ سڀ انسان عزت لائق آھن، تنهنڪري انهن سان ذاتين جي بنياد تي ڌاڙيلن جو حملو ڪرڻ ناجائز آھي. اها ڳالهه به خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته ڌاڙيلن وٽ نئين قسم جا هٿيار آھن، جن سان عام ماڻهن جو مقابلو ڪرڻ سولو ۽ بچاءُ ڏکيو آھي. نه رڳو ايترو پر سردار عام ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري ڦريندا رهن ٿا ڇاڪاڻ ته اهو احساس پيدا ٿيل آھي ته ڌاڙيل نون هٿيارن جي بنياد تي پاڻ کي شاهوڪار ۽ ڪاروباري سمجهن ٿا. اها وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آھي ته ڌاڙيلن جو اثر گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آھي.
    ڌاڙيلن وٽ موجود جديد هٿيار ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان به زور آهن. سوال اهو آهي ته انهن وٽ اهي جديد هٿيار ڪٿان آيا، اهي ڪهڙيون ڌريون آهن، جيڪي ڌاڙيلن کي جديد هٿيارن جي فراهمي وڏي آسانيءَ سان ڪري رهيون آهن ۽ کين ڪير چوڻ وارو به ڪونهي. ان ڪري ڌاڙيل ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن ۽ عوام سدائين عدم تحفظ جو شڪار پيو ٿيندو آهي.
    بهرحال سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هو اهم قدم کڻي ۽ اهو ڏسي توڙي روڪي ته ڌاڙيلن کي نوان نوان هٿيار ملڻ جو سسٽم بند ٿيڻ سان ماحول ڪنهن حد تائين بهتر ٿيندو. اهو درست آهي ته ڌاڙيلن خلاف مختلف حڪومتون ڪوششون ڪنديون رهنديون آھن، جنهنڪري ظلم ۽ بدامني وقتي طور گهٽجي ويندا آھن پر ٿورو وقت گذرڻ کان پوءِ وڌي ويندو آھي. منهنجي ڇنڊڇاڻ موجب عام ماڻهن توڙي سنڌ سرڪار ٻنهي جو اهو مقصد هئڻ گهرجي ته عوام سان خاص ڪري ڌاڙيلن طرفان ٿيندڙ ظلم گهٽائي ڇڏجن. منهنجي ته اها به رٿ آھي ته عوام جي ڀلائي لاءِ سڄي سنڌ ۾ ڀلائي لاءِ خانگي ادارا به ٺهڻ گهرجن. بهرحال ائين ڪرڻ سان عوام جي ڀلائي ٿيندي ۽ ڌاڙيلن جا ظلم به گهٽجي ويندا.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 آگسٽ 2023
    ايس ايم درس ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  2. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سائين! ھڪڙو ننڍڙو عرض آھي تہ مضمون جو سنڌي مَتن يعني ٽيڪسٽ فارميٽ پڻ ھِتي رکندا ڪريو تہ جيئن سڀاڻ سنڌ ايڪسپري جي ويبسائٽ تان ڊَھي ويو تہ سنڌسلامت تي محفوظ رھندو.

    مون في الحال توھان جي مضمون کي رکي ڇڏيو آھي.
     
    ايس ايم درس هيء پسند ڪيو آهي.
  4. امن ابن سنڌ

    امن ابن سنڌ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏18 آگسٽ 2023
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    سنڌ۾ ڌاڙيلن جي تاريخ بابت معلوماتي ويڊيو ڏسڻ جي لاء لنڪ تي ڪلڪ ڪريو
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ممتاز علي وگهيو، شايد سنڌسلامت جو پُراڻو رُڪن آھي..
     
  6. امن ابن سنڌ

    امن ابن سنڌ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏18 آگسٽ 2023
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڇا اسان کي سائين ممتاز جو ڪونٽيڪٽ نمبر ملي سگھندو ....!
     
  7. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مون وٽ تہ ناھي سنڌسلامت جي سرواڻ سائين سليمان وساڻ وٽ متان ھُجي
     
    امن ابن سنڌ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو