ٽنڊي الهيار ۾ پڙهي ڏيڻ جو رواج (يادگيريون)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    116
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ٽنڊي الهيار ۾ پڙهي ڏيڻ جو رواج( يادگيريون)
    تحرير : عبدالله جروار

    اصل ۾ پڙهي ڏيڻ جو رواج قديم زماني جي بادشاهن جي وقت کان هلندو اچي. ٽنڊي الهيار شهر ۾ منهنجي سانڀر ۾ ميلي، ملاکڙي مختلف واقعن توڙي ڪمن ڪارين بابت عام اطلاع ڏيڻ جو رواج هوندو هو. اهو هن طرح ماسٽر غلام حيدر مرحوم مڱڻھار اهو ڏيندو هو. سندس هڪ هڪ هٿ ۾ گهنڊڻي هوندي هئي ۽ ٻي هٿ ۾ توتارو کڻندو هو. گهنڊڻي عام ماڻهو جو توجهه ڏانهنس ڏياريندي هئي. پوء پوء ماسٽر مڱڻھار توتارو وات تي رکي ۽ وڏي آواز سان اعلان ڪرڻ شروع ڪندو هو. شهر جي هر چوڪ تي ۽ عام پبلڪ جاين تي وڏي زور سان پڙهو ڏيئي عام ماڻهو تائين اطلاع پهچائيندو هو. بنا بجلي ۽ لائوڊ اسپيڪر جي به سندس چٽو آواز هر هڪ تائين پهچندو هو. ماسٽر مڱڻھار اصل ۾ چڻن جو ريڙهو لڳائيندو هو پر عام اطلاع حڪومتي هجي يا خانگي ماڻهن تائين پهچائڻ سندس فرض ۾ شامل هو. خبر ناهي ته کيس ان جو معاوضو ڪيترو ملندو هئس. يا بنا معاوضي اهو ڪم ڪندو هو. اڄ ٽنڊو الهيار ضلع جي حيثيت اختيار ڪري ويو. جنهن ڪري ڪيترائي حڪومتي اطلاع ۽ اعلان عمل ۾ اچن ٿا. پر سوشل ميڊيا جي دنيا آساني ڪري ڇڏي آهي. هر ڪنهن تائين حڪومتي اطلاع ۽ اعلان گهر ويٺي ترت ملن پيا.
    ٽنڊي الهيار ۾ پڙهي ڏيڻ جي رواج ۾ سئنيما وارا به گهٽ نه هئا. هر نئين اچڻ واري فلم جا پوسٽر کڻي ٽانگي تي چڙهي وڏن بالٽي وارن لائوڊ اسپيڪرن ذريعي فلمي گانن جي ڌوم متل هوندي هئي. وقفي وقفي سان ٽانگي ۾ ويٺل مڪراني نوجوان فلم جي مشهوري ۽ فلم لڳڻ جا اعلان ڪندا ويندا هئا. ڪيتريون ئي مشهور فلمون ٽنڊي الهيار جي سئنيمائن تي نمائش لاء پيش ٿيون. جن جي مشهور گانن عام ماڻهو کي متوجهه ڪيو. ان وقت ٽنڊوالهيار ۾ آدم گهٽ ۽ سڪون وڌيڪ هو. هاڻ ته شهر جو ڪو ڍنگ معلوم نه پيو ٿئي. چئني طرفن کان شهر خوب وڌيو آهي. ڪٿان ڪٿان جون خلقون اچي آباد ٿيون آهن . نه شهر صفائي. نه گندي پاڻي جي نيڪال جو سسٽم، درست ٿي سگهيو آهي. آدم جي وڌڻ سان ماحول تي وڏو اثر پيو آهي. هن شهر ڪو ڌڻي سائين ناهي. نه شهر جي ڀلائي ڪو ماسٽر پلان آهي. شهر ۾ ترقياتي ڪم به هلي رهيا آهن. تنهن هوندي به گندگي گٽر نالا اٿلڻ روز جو معمول بڻيل آهن. ان کان سواء رڪشائن توڙي ريڙهن وارن جي رش مٿان وري دڪاندارن جي دڪانن اڳيان والار هئڻ ڪري گاڏيون مشڪل سان نڪري سگهن ٿيون. پيادل هلڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو