#4 شاهه جي ڪلام جي اسمن جي سمجهاڻي تحرير و ترتيب _ صراط بلوچ 8 اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ، هيڪائِي هيڪُ ٿِيا، اَحَدَ سين عالِمَ، بي بَها بالِمَ، آڳي ڪِيا اَڳَهِين. 9 آڳي ڪِيا اَڳَهِين، نِسورو ئِي نُورُ، لَا خَوفُ عَلَّيۡهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُوۡنَ، سَچَنِ ڪونَهي سُورُ، موليٰ ڪِيو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو. اَوَتَڙِ سُتَڙِ نُورُ، سُورُ اَنگُ ****************************** اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ، اَوَتَڙِ(اسم عام واحد مذڪر) حالت اپداني اَوَ+تَڙُ(اَوَ _خراب، ڏکيو + تَڙُ_ لنگهه، گهٽ، پاڻي ۾ لهڻ وارو هنڌ ماڻهن، جهازن۽ ٻيڙن وغيره لاءِ) مرتب لفظ “اوتڙ” معني اهو تڙ جيڪو خراب هجي جتي ٻيڙين، جهازن جي لنگر ڪرڻ واري جاءِ نه هجي جتان ماڻهن لهڻ جو گهيڙ نه هجي. اصطلاحي طوراوتڙ جي بيت ۾ معني ٿيندي گمراهي. لفظ جي آخري اکر واري پيش جي زير ۾ تبديلي هي لفظ جيئن ته واحد مذڪر آهي تنهن ڪري هن جي اصل صورت اَوتَڙُ آخري اکر ڙ جي مٿان پيش آهي پر بيت ۾ ڙ جي هيٺيان زير ڏنل آهي جنهن ڪري هي حالت اپدان بڻجي ٿي. پيش جي زير ۾ تبديلي مان مراد آهي ته اوتڙ سان “ڏانهن” به گڏ آهي. تنهن ڪر معنيٰ ڪبي خراب تڙ ڏانهن(حالت اپداني ڪنهن به جڳهه ۾ ، مان يا ڏانهن، کان وارن لفظن کي ظاهر ڪري ٿي) سُتَڙِ(اسم عام واحد مذڪر) حالت اپداني سُ+تَرُ(سُ_سٺو + تَڙُ_ لنگهه، گهٽ، پاڻي ۾ لهڻ وارو هنڌ ماڻهن، جهازن۽ ٻيڙن وغيره لاءِ)) مرتب لفظ “سُتَڙِ” سٺو تڙ جتي ٻيڙين، جهازن جي لنگر ڪرڻ جي بهترين جاءِ هجي جتان ماڻهن جي لهڻ جو بهترين گهيڙ هجي. اصطلاح طور ستڙ جي بيت ۾ معني ٿيندي. بهترين جاءِ مقام تائين پهچڻ. نوٽ؛ هن لفظ جي ڙ جي هيٺيان زير جي سمجهاڻي ساڳي اوتڙ واري آهي جنهن تحت هنن لفظ ستڙ جي حالت پڻ اپداني ئي آهي. جنهن ڪري “سُتَڙ ويا سالم” جي لغوي معني ٿيندي سٺي تڙ ڏانهن سالم ويا.(اصلاحي معني بهترين جاءِ/هنڌ/مقام تائين سالم پهتا.) آڳي ڪِيا اَڳَهِين، نِسورو ئِي نُورُ، نورُ(اسم عام واحد مذڪر) نور_ سوجهرو، روشنائي اچار جي سمجهاڻي _ *نورُ* لفظ جي *رُ* جي *پيش واري اچار کي ساڪن ڪري ڇڏبو. *********************************** لَا خَوفُ عَلَّيۡهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُوۡنَ، سَچَنِ ڪونَهي سُورُ، سُورُ(اسم عام واحد مذڪر) سُورُ_ درد، پيڙاهه، تڪليف اچار جي سمجهاڻي _ *سُورُ* لفظ جي *رُ* جي *پيش واري اچار کي ساڪن ڪري ڇڏبو. ************************************ اَنگُ(اسم خاص) انگُ_ ازل جو لکيو(تقدير) اچار جي سمجهاڻي_ الف ۽ گ جي وچ واري *ن* غنه آهي جنهن جو غنائي اچار ڪبو.