شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي ٽيون سال به مڪمل نه ٿيو آهي. اڄ 21 جون تي هن جي 57هين سالگرهه ملهائڻ لاءِ لکين عقيدتمند شهيد راڻي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجي عظيم قائد جي وڇوڙي جو ڏک دل ۾ سانڍي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتل آهن هر طرف ”زنده هي بي بي زنده هي“ جي دل ڏاريندڙ نعرن جي گونج اُٿي رهي آهي. سنڌ جي سهڻي ۽ ملير جي ماروي شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه 21 جون 1953ع تي جنم ورتو. هوءَ پنهنجي عظيم پيءُ شهيد وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڏلي ڌيءَ هئي جنهن کي هو پيار منجهان پنڪي چوندو هو ۽ پنهنجو سياسي جانشين به محترمه کي مقرر ڪيو هو. هن جي مدبرانه صلاحيتن ۽ شفقتن هيٺ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي تربيت ٿي. هڪ قابل ذهين ۽ بين الاقوامي حيثيت جي حامل والد جي زير تربيت رهڻ ڪري شهيد راڻي ۾ ننڍي عمر ۾ اهي صلاحيتون موجود هيون جيڪي ڪنهن وڏي ليڊر۾ هجڻ کپند هيون. شهيد راڻي پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي، سماجي ۽ بين الاقوامي ڪردار جو جتي مشاهدو ڪيو اتي هُن پنهنجي والد سان ٿيل ظلم، جبر وستم ۽ جيل جي صهوبتن ۽ سختين کي به ويجهي سان ڏٺو. هو پنهنجي عظيم والد جي تدفين جي آخري رسمن ۾ شرڪت توڙي آخري ديدار کان محروم رهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت تاريخ جو هڪ اهڙو المناڪ واقعو آهي جنهن دنيا جي آزادي پسند ماڻهن جي دلين کي جهنجهوڙي ڇڏيو. ان دوران بيگم نصرت ڀٽو سميت شهيد راڻي کي جلاوطن ٿيڻو پيو. شهيد ڀٽو جا بهادر پٽ جيل واري زندگي دوران ملڪ کان ٻاهر وڃي چڪا هئا جنرل ضياءِ جي آمريت واري ڪاري دور ۾ شهيد راڻي جو گهڻو عصرصو عقوبت خانن ۽ جلاوطني ۾ گذريو جڏهن ته هن جي شادي کان پوءِ سندس ور آصف علي زرداري صاحب کي طويل عرصي لاءِ قيد و بند جون صهوبتون برداشت ڪرڻيون پيون. شهيد راڻي پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي شهيد والد کي ڪوڙي مقدمي ۾ ڦاهي ڏيئي شهيد ڪرڻ ان کان اڳ۾ ۽ پوءِ پنهنجي والد سان گڏ پابند سلاسل ٿيڻ، هڪ ڀاءُ جو ٻاهرين ملڪ ۾ شهيد ٿيڻ ۽ ٻئي ڀاءُ جو پنهنجي ئي دور اقتدار ۾ گولين جو نشانو بنجڻ، شادي جي فورن بعد ور جو گرفتار ٿيڻ ۽ طويل عرص تائين جيل ۾ رهڻ، ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل مشرف جون الزام تراشيون ۽ ملڪ ۾ نه اچڻ جون ڌمڪيون ۽ هن جي مرضي جي خلاف وطن اچڻ تي 18 آڪٽوبر 2007ع تي قيامت صغريٰ وارو منظر پيش ڪرڻ وارو ڪاروساز سانحو رونما ٿيڻ ۽ 27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ آخري خطاب ڪرڻ کان پوءِ ٻاهر ايندي ئي کيس شهيد ڪري ڇڏڻ جهڙا اذيتناڪ ۽ دل کي جهوريندڙ واقعا پيش آيا. 4 اپريل جي اها ڀيانڪ رات جڏهن محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پياري پيءُ سان دل کولي ڳالهيون به نه ڪري سگهي. روئيندڙ بينظير صاحبه کي جيل اختيارين زبردستي پيءُ کان ڌار ڪيو. شهيد راڻي کي پيءُ جي ڦاهي باغي بڻائي ڇڏيو. هُن عوام جي قافلي جي سرواڻي ڪئي ۽ تاريخ 17 آگسٽ 1987ع تي فوجي آمر جنرل ضياءِ الحق جي جهاز حادثي ۾ مرڻ کان اڳ محترمه بينظير ڀٽو سال 1986ع ۾ پنهنجي جلاوطني ختم ڪري جڏهن پاڪستان جي ڌرتي تي پير پاتو تڏهن عوام جو سمنڊ اٿلي پيو. 1986ع ۾ محترمه بينظير جي وطن واپسي رڳو هڪ فرد جي واپسي نه پرڄڻ هڪ نظام ۽ نظريئي جي واپسي ثابت ٿي. عوام جي اٿلي پيل سمنڊ اسٽيبلشمينٽ ۽ سگهارين قوتن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا ۽ 2 ڊسمبر 1988ع تي 35 سالن جي ڄمار ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پنڪي اسلامي ملڪن ۾ جمهوري طور چونڊجڻ واري پهرين مسلمان عورت وزير اعظم جو عهدو سنڀاليو. هوءَ سال 1993ع ۾ ٻيو ڀيرو وزير اعظم چونڊي وئي. محترمه بينظير ڀٽو هڪ اهڙي ئي نادر ۽ بيمثال شخصيت هئي جنهن جي آرزو هر سماج ڪندو هو. هن کي جنهن بيدردي سان پائمال ڪيو ويو اها اسان جي به بدبختي آهي ۽ ان تي جيترو به غم ڪجي اهو گهٽ آهي. شهيد راڻي پاڪستان کي مضبوط، مستحڪم، طاقتور، خوشحال، امن پسند ۽ ترقي يافته ملڪ ڏسڻ پئي چاهيو ۽ هن جي خواهش هئي ته هن ملڪ جو هر ماڻهو شاد آباد ۽ خوشحال هجي. بي بي صاحبه پنهنجي جلاوطني دوران پنهنجي ڏسو صفحو 7 ملڪ جي بقا ۽ استحڪام لاءِ جدوجهد جاري رکي ۽ عوامي رابطا قائم رکيا. شهيد راڻي انساني حقن لاءِ به پاڻ پتوڙيو ۽ جدوجهد ڪئي جنهن جي اعتراف ۾ کيس گڏيل قومن طرفان انساني حقن جو ايوارڊ ڏنو ويو. موئن جي دڙي جي لازوال تهذيبي رنگن جي اهڃاڻ شهيد بينظير ڀٽو 21 صدي جي جديد سنڌ جي ماروي هئي. هوءَ جڏهن اجرڪ اوڙهي پوري دنيا جي هر محاذ تي آواز اٿاريندي هئي ته ايئن لڳندو هو ته ڄڻ سنڌ جو آواز هنن ملڪن ۾ گونجي رهيو آهي جتي سنڌ جو ٻيو ماڻهو وڃڻ لاءِ سوچي به نه پئي سگهيو. اتي هوءَ سنڌ جو آواز هئي. هو هن ملڪ جو ارمان ۽ جستجو هئي ۽ هن ملڪ جو اهو رستو هئي جنهن سان هن ملڪ جي عوام جي رهنمائي جو هر رستو ملي پيو. هن پنهنجي دور حڪومت ۾ اهي انقلابي قدم کنيا جيڪي هن ملڪ جي بقا جو سبب بڻيا. ملڪ جي هر غريب ماڻهو کي جيئڻ جو حق ڏنو ۽ عورتن جي فلاح بهبود لاءِ جوڳا قدم کنيا جيڪي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ عورتن لاءِ کنيا وڃن ٿا. بي بي صاحبه روزگار جا دروازا ڪڏهن به بند نه رکيا. هن لکين ماڻهن کي روزگار ڏنو ۽ ملڪ جي لکين عورتن کي گهر جي چلهه ٻارڻ جو موقعو ميسر ڪيو. هو چئني صوبن جي زنجير هئي. شهيد راڻي پنهنجو پاڻ کي آخري سالن ۾ مارئي جي روپ ۾ ڏٺو. پنهنجي ساڻيهه لاءِ سندس سڪ ۽ تڙپ ڪنهن جي لحاظ کان مارئي جي سڪ کان گهٽ هن ئي هن ارڏائپ ۽ بيباڪي سان سر جو سانگو لاهي هن ڌرتي تي پير پاتو. هن کي خبر هئي ته جمهوريت دشمن قوتون هن جي ايڏي عوامي مقبوليت ڏسي پريشان آهن ۽ هن کي ڏسڻ نٿيون چاهن. اڄ شهيد راڻي جي 57هين سالگرهه آهي جيڪا نهايت سادگي ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي. ڇاڪاڻ جو شهيد راڻي جي وڇوڙي جو غم اڄ به ڄڻ اسان جي دلين کي جهوري رهيو آهي. هوءَ جيڪا هميشه لاءِ امر ٿي ويئي ڪيڏي نه بينظير هئي. وقت ڪي گذرني پر، وه جو ڀول جائين گي بينظير ڪيسي ٿي، هم انهين بتائين گي روز و شب ڪي زندان مين، ايڪ اسير جيسي ٿي شهر ڪي غريبون ڪي، اڪ امير جيسي ٿي جبر ڪي نگاهون مين، اڪ تير جيسي ٿي بينظير ڀٽو بس، بينظير جيسي ٿي ليکڪ محمد اياز سومرو