فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ فن ۽شخصيت.!
فقير محمد سنڌي..
اکين ۾ ٿي ويھ ته آئون واري ڍڪيان،
توکي ڏسي نه مَ ڏيھ آئون نه پسان ڪي ٻيو.( شاھ لطيف )
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ضلعي ٿرپاڪر جي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر 20 نومبر 1958ع تي جنم ورتو، سندس والد سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي نوڪريءَ سانگي رهيو، ان ڪري سندس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏيپلي، مٺي، ٺٽي، ماتلي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي. 1973ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ 1975ع ۾ انٽر ميڊيئٽ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ استاد طور سرڪاري اسڪولن ۾ مقرر رهي پنج سال ميرپورخاص جي اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي تجربي کانپوءِ نوڪريءَ کي خير باد چئي پنهنجي وَرَ سان پنجاب ۽ بلوچستان (لاهور ۽ ڪوئيٽا) ۾ رهڻ ٿيس، واپس اچي انگريزي ادب ۾ 1983ع ۾ ايم اي ڪيائين ۽ 1988ع ۾ ايم اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪري 1991ع کان ليڪچررطور ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. ابن رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص-ايم بي اينڊ جي ايف گرلز ڪاليج حيدرآباد، کان پوءِ نذرٿ گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور درس و تدريس جا فرض سر انجام ڏيڻ کان پوءِ 2018ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ريٽائر ڪيائين.
ادب ۾ شموليت: ادبي زندگيءَ ۾ سندن پهريون افسانو ”چري“ جي عنوان سان ۽ ٻيو “ماءُ جو دلاسو” (خليل جبران جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو) 1980ع ۾ ميرپورخاص مان نڪرندڙ رسالن ۾ شايع ٿيا ۽ پوءِ پنج سئو کن مضمون لکيائين اٿن. 2004ع ۾ ايم فل جي رجسٽريشن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيڻ کانپوءِ سندس لاڙو تحقيق جي ميدان ڏي مُڙي. 2004ع کان سندس مڪمل ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا، علمي ميدان ۾ هُن پنهنجي شاگردن جي سهوليت لاءِ خوب نڀايو آهي. سندن لکيل ڪتابن ۾ ڇهه ڪتاب هائر ڪلاسن ۽ چٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن جي شاگردن لاءِ آهن.
ڇپيل ڪتاب
1) سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات: ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2004ع ۾ شايع ڪيو، ليکڪا جو هيءَ پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي شاگرد طبقي مان گهڻي پذيرائي ملي خاص طور مقابلي جي امتحانن لاءِ تيار ڪيل هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ ادبي دور جي ارتقائي جائزي سان گڏ مشهور شاعرن جيئن قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي شاعريءَ تي روشني وڌي ويئي آهي، ته ٻئي حصي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي احوال سان گڏ نثر ۽ نظم جي مشهور صنفن جو جائزو ڏنل آهي. اهم نثر نويسن جي احوال سان گڏ سنڌي مضمون نويسيءَ ۽ صحافتي ترقيءَ کي بيان ڪيو ويو آهي. ٽيون حصو مضمونن ۽ گرامر تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مهاڳ، ”اکر منجهه الف“ جي عنوان سان سندن وڏي ڀاءُ ۽ نامياري ليکڪ آفتاب احمد ميمڻ لکيو بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي راءِ ڏنل آهي، 272 صفحن جي هن ڪتاب جو انتساب ليکڪا پنهنجي والد مرحوم محمد موسيٰ ميمڻ جي نالي ڪيو ۽ سندن ئي نالي تي هن پبليڪيشن جو ادارو ”محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي“ پڻ قائم ڪيو آهي ۽ انهيءَ اداري مان ڪتاب شايع ٿيندا رهندا آهن. موجوده وقت هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهرجي ڊجيٽل ايڊيشن لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي.
2) سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس: جي مسودي کي “هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد”2005ع ۾ مونو گراف ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم طور منظور ڪري 2008ع ۾ ايڇ اي سي جي پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جون 500 ڪاپيون پهرين ڇاپي ۾ شايع ٿيون جيڪي اداري پاران پاڪستان جي مختلف تعليمي ادارن ۽ لائبريرين کي موڪليون ويون ۽ 100 ڪتاب ليکڪا کي اعزازي ڪاپين طور ڏنا ويا ۽ سهڻي ڪاغذ ۽ ٽائيٽل سان شايع ٿيل ڪتاب جو ISBN 969-417-104-0 آهي. ليکڪا هيءُ ڪتاب پنهنجي والده غلام فاطمه کي ارپيو آهي. سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس ۾ مروج طريقي مطابق ببليو گرافي ۽ ضميمو ڏنل آهن.
سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس، نثر جي اهم صنفن جيئن مضمون، مقالا، سفر ناما، ناول، افسانا ۽ ڊراما جي ڄاڻ ڏنل آهي. 404 صفحن تي مشتمل، نثر جي هر صنف تي تفصيلي معلومات موجود آهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ ليکڪا مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي“. مهاڳ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا هن ڪتاب کي، ”سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ“ قرار ڏنو آهي، جو هائر ڪلاسن جي شاگردن کان سواءِ علم ادب جي مطالعي ۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ ان لاءِ گهربل مواد جون گهرجون مهيا ڪري ٿو. ڪتاب جي سائيز 30x20/8 آهي ۽ انٽرنيٽ تي ايڇ اي سي جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. ٻيو ڇاپو هيڪ جي اجازت سان 2015ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو شايع ڪيو. ۽ ٽيون ڊجيٽل ڇاپو 2021ع ۾ سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي آندو ويو آهي.
3) آديسين ادب آهي اکڙين ۾: لطيف شناسيءَ تي ترتيب ۽ تحقيق طور تيار ٿيل جو 2008ع ۾ پهريون ڇاپو ۽ 2009ع ۾ ٻيو ڇاپو، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي طرفان ڇپيو. بلو رنگ جي ٽائيٽل سان شاھ صاحب جي روضي جو عڪس ۽ بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪا جي تصوير ۽ سندن تعارف موجود آهي، هن ڪتاب جو عنوان سُررامڪليءَ جي بيت مان ورتل آهي، پروين موسيٰ جي هن ڪتاب جو موضوع بلڪل منفرد ۽ نئون آهي، ان کان اڳ هن ڏس ۾ ڪوبه ڪم ٿيل نه هو انهيءَ ڪري اهو گهڻو ڪامياب ويو. هن ڪتاب ۾ ليکڪا شاھ صاحب جا اهي بيت داستانن ۽ سرن جي حوالي سميت پيش ڪيا آهن جن بيتن مان سنڌي ادب جي ڪتابن جا عنوان چونڊيل آهن جيئن مثال طور پڙاڏوسوئي سڏ (ناول) اندر جنين اڌ (سفر نامو) اهڙيءَ ريت شاھ صاحب جي بيتن مان چونڊيل بيتن تي مشتمل سنڌي ادب جي ڪتابن جي موضوع وار تفصيل سان گڏ اهي بيت ڏنل آهن، جن جو وچور ٽي سئو تائين آهي، جيڪي شاعري، ناٽڪن، ناولن، افسانوي مجموعن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ متفرقه موضوعن تي مشتمل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ڊاڪٽر نورافروز خواجه طرفان ٻه اکر ۽ مهاڳ لکيل آهن. جن هن ڪاوش کي ڪارائتو ۽ علمي افاديت وارو قرار ڏنو جو انهيءَ سان شاھ صاحب جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ ظاهر ٿيو آهي. خاص طور محمد ابراهيم جويو صاحب ڪتاب جي موضوع، مواد، ڪمپوزنگ ۽ بيتن تي لڳل اعرابن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ، هن ڪتاب جي ارپنا انهن آديسين جي نالي آهي، جيڪي لطيفي فن ۽ فڪر جو ذوق ۽ شوق رکندڙ ۽ هن ڏِسَ ۾ راهون روشن ڪندڙ آهن. “آديسين ادب آهي اکڙين ۾”، جو ٻيو ڇاپو 2009 جي آخر ۾ گري رنگ ۾ ڇپيو. جنهن ۾ پڻ شاھ صاحب جي روضي جو عڪس ڏنل آهي. ٽيون ڊجيٽل ايڊيشن وڌيڪ 50 بيتن جي واڌاري سان سنڌ سلامت ڪتاب گھر تي 2021ع ۾ اپلوڊ ڪيو ويو آهي.
4) اٿي رائوريل (تنقيد ۽ تحقيق): محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي پاران 2008ع ۾ شايع ٿيو پيلي رنگ جي ٽائيٽل سان پوئين ڪور تي ليکڪا جو تعارف ۽ موجود آهي. اٿي رائوريل، جو عنوان سر سسئي آبري جي داستان 8 مان 13 نمبر بيت، ”ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙھ چڪيائي چوٽئين“،مان ورتل آهي. ڪتاب جا موضوع سنڌي ٻولي، ادب ترجما، تنقيد ۽ ليطيفيات آهن خاص طور سنڌي ٻولي، نثر جي اهميت، سنڌي نثر جون اهم صنفون ناول، ناٽڪ، افسانا، سفر ناما، سوانح نگاري، لطيفيات، ترجما نگاري، ادب ۾ ترجمي جي اهميت، تنقيد جو عمل، نقاد جون جوابداريون، مضمون نويسي / مقالا نگاري ۽ ٻيا آهن، هيءُ ڪتاب چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو: (ٻولي، ادب، نثر ۽ نظم) ٻيو ڀاڱو (نثر جون اهم صنفون، تحقيقي جائزو) ٽيون ڀاڱو (ترجما، تنقيد ۽ لطيفيات) ڀاڱو چوٿون (سوانحي، علمي ۽ ادبي مضمون) آهن جن ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ شيخ اياز جي خدمتن تي روشني وڌل آهي، سروق جي اندرين صفحن تي ليکڪا جي فن بابت عالمن ۽ اديبن ڊاڪٽر الانا، پروفيسر آفاق صديقي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ماهتاب محبوب، مظهر جميل، مظهر الحق صديقي، حميد سنڌي، ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ ٻين جا رايا آهن. هيءُ ڪتاب مواد ۾ گهاٽو ۽ لاڀائتو آهي، سنڌي ادبي سنگت پاران “اٿي رائو ريل”، کي 2008ع جي بهترين ”تنقيد ۽ تحقيق“ جو ايوارڊ ڏنو ويو. موجوده وقت سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي پڙهڻ لاءِ موجود آهي.
5) سون ورنيون سوڍيون: (ترتيب ۽ تحقيق) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، 2009ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، 242 صفحن جي هن ڪتاب جو انتساب شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نانءُ آهي، محترمه جي خوبصورت تصوير جي هيٺان ليکڪا لکيو آهي ته، ”ورسي وطن ڄائيون“، جهونجهارن جوانن جيان، ڌرتيءَ ماءُ کي رت جو ريج ڏيندڙ سنڌ جي عظيم نياڻيءَ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي نانءُ، ”سون ورنيون سوڍيون“ ۾ موضوع جي حوالي سان ليکڪائن جا (1932ع کان 2008ع) تائين جا افسانا شامل آهن، جيسي ڪڏواڻي، پوپٽي هيرااننداڻي، سندري اتم چنداڻي، تارا مير چنداڻي، ايشوري جوتواڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽا شهاڻي، وينا شرنگي، ڪملا گوڪلاڻي، اندراشبنم، بيگم زينت عبدلله چنا، ثميره زرين، خيرالنساء جعفري، تنوير جوڻيجو، ماهتاب محبوب، فهميده حسين، نورالهديٰ شاھ، ، تبسم ماهتاب قريشي ۽ ٻين جون ڪهاڻيون آهن، مهاڳ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ ”سنڌي ادب جي هڪ قابل استاد ۽ اديبا“ جي عنوان سان لکيو ، ڊاڪٽر شمس الدين انهن ڪهاڻين کي معياري چونڊ قرار ڏنو آهي، ليکڪا موجب ته، ” هنن ڪهاڻين ۾ سنڌي عورت جون سوچون، ويچار، عزم، ارادا، ننڍيون ننڍيون خواهشون، مانائتي جيون جيئڻ جا آدرش شامل آهن ته سنڌي قوم جي مزاج، تاريخ، تهذيب، معاشرت ۽ ماحول جي نمائندگي پڻ آهي“، هن ڪتاب ۾ پروين موسيٰ طرفان، ”ڪهاڻي ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون“، عنوان سان تحقيقي مقالو پڻ شامل آهي، ڪتاب جو ٽائيٽل اجرڪ جي ثقافتي رنگ سان سنڌ جي نقشي اندرانهن ڪهاڻيڪارائن جون تصويرون ۽ هيٺ سندن ڪتابن جا عڪس آهن. عنوان شاھ جي رسالي جي، سُر مومل راڻو جي داستان 3 مان ورتل آهي. عورت ڪهاڻيڪارائن جي ڪهاڻين جو سنڌ توڙي هند ۾ هيءُ پهريون مجموعو شمار ٿيئي ٿو، جنهن ۾ ٻنهي خطن جي ليکڪائن جي نمائندگي ٿي آهي جو هند ۾ پڻ گهڻو پسند ڪيو ويو آهي. سون ورنيون سوڍيون جو سنڌ سلامت تي ڊجيٽل ايڊيشن 2019ع ۾ رکيو ويو.
6) وَکر سو وهاءِ: هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران طبعزاد مضمونن جو مجموعو 2011ع ۾ ڇپيو. 4-149-969-978- ISBN آهي، “مونو گراف اينڊ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم مطابق 2006ع جي ائڊور ٽائيز تحت ليکڪا هيءُ مسودو ايڇ اي سي کي موڪليو جتان اهو ماهرن جي راءِ بعد مختلف مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ منظور ٿيو. پهرين ڇاپي جي اشاعت 500 ڪاپين جي ٿي، ڪتاب جو پنو تمام سهڻو ۽ ٽائيٽل ديده زيب ۾ لائبريريءَ جو ڏيک ڏنل آهي عنوان شاھ صاحب جي سر سريراڳ جي داستان 3 ۽ بيت نمبر 2 ”وَکر سو وِهاءِ، جو پئي پُراڻو نه ٿئي“، مان ورتل آهي، انتساب ليکڪا جي گهر ڀاتين وَرَ انور خان، پٽن يا سررضا، محمد مجتبيٰ ۽ نياڻيءَ ڊاڪٽر ثمر ۽ ڏوهٽن محمد مير ۽ محمد وليءَ جي نالي آهي“.
مهاڳ مهتاب اڪبر راشديءَ لکيو، حميد سنڌي، مظهرالحق صديقي ۽ ڊاڪٽر ادل سومرو جا ليک ڪتاب جي باري ۾ شامل آهن ۽ شروع ۾ ليکڪا پاران مضمون نويسيءَ جي اهميت ۽ افاديت تي روشني وڌل آهي. وکر سو وهاءِ، ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو (تعليم) ۾ 17 مضمون ۽ 4 موضوعن تي علمي بحث مباحثا آهن ۽ ٻيو ڀاڱو (ادب) ۾ لوڪ ادب، شاعري، نثر ۾ ليکڪائن جو حصو ۽ ٻيا موضوع آهن ٽيون ڀاڱو (لطيفيات) ۾ شاھ صاحب جي بيتن جي سٽن تي مشتمل ڏھ مضمون آهن. جيئن، “ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا” يا “جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن” وغيره چوٿون ڀاڱو پهاڪن، چوڻين ۽ قولن تي مشتمل مضمونن جو، جيئن “سچ ته بيٺو نچ” “صبر جن جو سير تيرنه گُسي تن جو”، ۽ ٻيا آهن. پنجون ڀاڱو سوانحي مضمونن جو جنهن ۾ شاھ ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين شخصيتن تي مضمون ۽ ڇهين ڀاڱي ۾ متفرقه موضوعن تي جيئن، “جيون گهارڻ جو فلسفو”، “محبت ۽ نفرت” ۽ ٻيا عنوان آهن وکر سو وِهاءِ، 216 صفحن جو ۽ سائيز 30x20/8 آهي، آخر ۾ رائج طريقي مطابق ببليو گرافي ۽ ضميمو آهي، هيءُ هڪ بلڪل منفرد ۽ وڻندڙ مضمونن جو مجموعو آهي. وکر سو وِهاءِ جو ٻيو ڊجيٽل ايڊيشن سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي موجود آهي.
7) عالم سڀ آباد ڪرين: لطيف شناسيءَ جي مضمونن تي مشتمل. سنڌراڻي پبيڪيشن پاران 2016ع ۾ شايع ڪيو ويو.هن ڪتاب جو عنوان حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر سارنگ جي بيت مان ورتل آهي،
سائين! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
ٽائيٽل تي شاھ لطيف جي روضي جو عڪس آهي، ڪل 21 مضمون ، جن جا عنوان شاھ لطيف جي بيتن مان ورتل آهن ۽ انهن عنوانن کي مضمونن ۾ کولي سمجهايو ويو آهي، جيئن “سڙيا مٿي سچ”، “نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو”، “مٽيءَ لڌو مان” ۽ ٻيا آهن، هنن مضمونن جا عنوان نه فقط وسيع معنيٰ رکن ٿا پر منجهن مواد کي ليکڪا ڪمال ڪاريگريءَ سان نڀايو آهي، “عالم سڀ آباد ڪرين”، جو مهاڳ امداد حسينيءَ ته ماهراڻي راءِ ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ لکي آهي، وينا شرنگي ۽ ڊاڪٽر اُمِ ڪلثوم شاھ تاثرات لکيا آهن، 144 صفحن جي هن تخليقي مضمونن جي ڪتاب ۾ لطيف شناسيءَ جا گوناگون رنگ موجود آهن، علي نواز آريسر (عبرت) ۽ زاهده تاج ابڙو (سوڀ) ۾ تبصرا لکيا عالم سڀ آباد ڪرين جو ٻيو ڊجيٽل ڇاپو 2020ع ۾ سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي اپ لوڊ ڪيو ويو آهي.
8) پلئه پايو سچ: تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي 240 صفحن جو ڪتاب 2016ع جي ڊسمبر ۾، سنڌ راڻي پبليڪيشن ميرون رنگ جي ٽائيٽل ڪور سان شايع ڪيو، ارپنا ليکڪا جي ڀاءُ آفتاب جي نانءُ آهي، ته”انمول ادبي هيرو“ آفتاب احمد ميمڻ، ”سنڌي زبان جو مکيه سرمايو“، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو،”ويٺي ووڙي“، ماهين هيسباڻيءَ جا ويچار ليکڪا جي فن جي باري ۾ ڏنل آهن، 28 مقالا ۽ 10 تخليقي مضمون ۽ ليکڪا جي ڪتابن جو تعارف ڏنل آهي، ٽائيٽل جي بيڪ ڪور تي مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا ۽ اندرين ليف تي ماهتاب محبوب، حميد سنڌي، ڊاڪٽر نور افروز خواجا ۽ ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جا رايا آهن، مضمونن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ جي راھ ۾ رڪاوٽون، ڪتاب قومن جي طاقت، وقار ۽ وجود جو اهڃاڻ ۽ ٻيا آهن، عنوان شاھ لطيف جي سر سريراڳ جي چوٿين داستان جي چوڏهين نمبر بيت مان ورتل آهي.
اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.
پلئه پايو سچ، موجوده وقت سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي موجود آهي
9) گلدستو (مضمون نويسي): علمي، ادبي، اخلاقي، اصلاحي، سماجي ۽ لطيفي مضمونن جو مجموعو آهي، بنيادي طور پاڻ مضمون نگاري ۽ مقالا نگاريءَ ڏي شغف رکندڙ آهي، مضمون نويسيءَ تي هن کان اڳ سندن ٽي ڪتاب ”اخلاقي قدر“، ”وکر سو وهاءِ“ ۽ ”عالم سڀ آباد ڪرين“ مڃتا ماڻي چڪا آهن، هي چوٿون خاص چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي لاءِ تيار ڪيل آهي، انهيءَ حوالي سان اهم موضوعن تي مضمون آهن، جي لطيف شناسي ۽ ادبي تاريخ سان گڏ سياسي سماجي ۽ علمي موضوعن جو احاطو ڪن ٿا، 60 طويل مضمونن تي مشتمل گلدستو شاگردن لاءِ فائديمند ثابت ٿيو. گلدستو جو پهريون ڇاپو 2017ع، ٻيو 2018ع ۽ ٽيون واڌارن سان 2019 ۾ شايع ٿيو ، ڪُل 3000 ڪتاب ختم ٿي چڪا آهن.
10) سنڌي ادب MCQ’s : معروضي سوالن ۽ حل ڪيل جوابن تي مشتمل ايم اي، ايم فل جي انٽري ٽيسٽ، سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن کانسواءِ ليڪچرز شپ جي Vivoce جي لاءِ وڏي پئماني تي معلومات مهيا ڪندڙ آهي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ انهيءَ کي عام هلندڙ نموني جي بجاءِ مختلف ۽ نئين انداز ۾ پيش ڪيو ، ڪتاب کي 15 بابن ۾ موضوع وار ورهايو ويو آهي، خاص ڪي باب سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي حوالي سان آهن ته بيتن جي سڃاڻپ، بيت جي سٽ مڪمل ڪرڻ، لطيف شناسي، سن، ڄم ۽ وفات، ڪتابن جا عنوان ۽ ليکڪ، سنڌي صحافت، شاعري ۽ ٻين موضوعن جو احاطو ڪندي هڪ باب تفصيلي سوالن ۽ جوابن تي مشتمل پڻ آهي ته آخري باب ۾ پهاڪا ۽ اصطلاح آهن. هن کان اڳ ايم سي ڪيوز تي ڪوبه اهڙو ڪتاب موجود نه آهي 300 کان مٿي صفحن تي مشتمل ڪتاب محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي جولاءِ 2017ع ۾ پڌرو ٿيو. ٻيو ڇاپو 2018ع ۽ ٽيون 2020 ۾ شاھ لطيف جي روضي جي ٽائيٽل سان شايع ٿيو. ڪل ٽي هزار ڪاپيون شايع ٿيون آهن.
11) اخلاقي قدر: ٻاراڻي ادب لاءِ ، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ طرفان 2010ع ۾ ڇاپيو ويو، 72 صفحن جي هن ڪتاب جو، ٽائيٽل اجرڪ جي ڦلڙين سان سجيل. بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪا جي ڇپيل ڪتابن جا عڪس آهن، مسودو نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد، طرفان ٻارن جي ادب جي ترقيءَ لاءِ اخبار ۾ ڏنل هڪ اشتهار جي بنياد تي انعامي مقابلي لاءِ موڪليو ويو، جتان ليکڪا کي ميرٽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو، پيش لفظ ۽ ماهراڻي راءِ، ولي رام ولڀ ۽ يوسف سنڌيءَ طرفان لکيل آهي، جن اخلاقي قدر کي نه فقط شاگردن پر استادن ۽ والدين جي لاءِ به اهم قرار ڏنو آهي، مضمونن ۾ دوستي، حُسن اخلاق، سادگي، سچ، امن، اميد، علم، ڪتاب، روحانيت ۽ ٻيا موضوع آهن.
هيءُ ڪتاب ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي کوٽ جي پورائي ۾ مفيد ثابت ٿيو. ٻيو ڇاپو 2016ع ۾ سنڌ راڻي پبليڪيشن شايع ڪيو ۽ مهاڳ سليم چنا لکيو ۽ ٽيون وڌيڪ واڌارن سان 2020ع ۾ محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ مان شايع ٿيو آهي.
12) سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ): ادب جي مختصر تاريخ طور شمار ٿئي ٿو. انتساب ليکڪا جي ڀاءُ ڪموڊور اقبال احمد ميمڻ جي نانءُ آهي. 400 صفحن جي هن ڪتاب ۾ سنڌي نثر ۽ نظم جي اهم موضوعن جيئن ٻولي، ٻوليءَ جي قدامت ۽ لهجا، ٻوليءَ بابت عالمن جا نظريا، سنڌي ادب جي ابتدا، لوڪ ادب، لوڪ شاعري جون چند اهم صنفون (سهرو، جمالو، لولي، مورو)، ادبي دؤور (عربن جي دور کان موجوده دور تائين) ڪلاسيڪل شاعر (قاضي قادن کان ساميءَ تائين) قديم سنڌي شاعريءَ جون صنفون (سورٺو، دوهو، بيت، وائي، ڪافي) جديد دور جا سنڌي شاعر (عبدالڪريم گدائي، احمد ملاح، طالب الموليٰ، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ ٻيا) جديد دور جون شاعريءَ جون صنفون (غزل، نظم، آزاد نظم، هائيڪو، گيت)، جديد دور جا نثر نگار (ڀيرومل، مرزا صاحب، دائودپوٽو، نبي بخش، ڏيپلائي ۽ ٻيا) جديد نثري ادب (ناول، افسانو، ناٽڪ، سفر نامو)، (چند اهم افسانوي مجموعن جو جائزو (سفيد وحشي، پشو پاشا، بلو دادا، آبِ حيات، دل جي دنيا، چوٽيهون در ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن) ڊرامن جا ڪتاب تنقيدي جائزو (شهزادو بهرام، انڪوائري آفيسر، آخري رات، ڪي جو ٻيجل ٻوليو ۽ ٻيا) سفر ناما تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو سفر يورپ جي ڊائري، سير ۽ سفر، منهنجو ساگر منهنجو ساحل، ڏوري ڏوري ڏيھ، سرهي سرهي سار) ان کان سواءِ چند اهم تحقيقي ڪتابن جو تنقيدي جائزو جيئن پيغام لطيف، مقدمهءِ لطيفي، شاھ لطيف جي شاعري ڏنل آهي، آخر ۾ ليکڪا جو تعارف ۽ سندس فن جو تفصيل ڏنل آهي. هي ڪتاب سهڻي ثقافتي ٽائيٽل ڪور سان لاهور پنجاب جي هڪ وڏي اشاعتي اداري ائڊاوانسڊ پبليشرز 2015ع جي نومبر ۾ شايع ڪيو، وفا موليٰ بخش (عبرت) ثمينه ميمڻ (ڪاوش) ۾ پنهنجا ويچار لکيا آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، انور ڪاڪا جا مهاڳ ۽ تاثر 2018ع جي محمد موسيٰ اڪيڊميءَ واري ايڊيشن ۾ شامل ڪيا ويا آهن. 2019ع ۾ لاهور وارن ٽيون ڇاپو شايع ڪيو ته 2020ع ۾ چوٿون بلو رنگ جي ٽائيٽل ۽ شاھ لطيف جي روضي جي عڪس سان وڌيڪ واڌارن سان ڏيپلائي ٽائون محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، ڪل چار هزار ڪاپيون شايع ٿي، ” سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“ ڪتاب بي انتها مڃتا ماڻي آهي.
13) سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو: تحقيقي اڀياس (1985ع تائين) ڊاڪٽر پروين جو تحقيقي مقالو، 2012ع ۾ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو، پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ لاءِ منظور ڪيو، جيڪو ڊاڪٽر نورافروز خواجه جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيو، هن تحقيق ۾ نو باب آهن، آخر ۾ مڪمل نتيجا ببليو گرافي ۽ ضميمو موجود آهن، هيءُ ضخيم مقالو 475 صفحن (A/4)تي مشتمل ۾، باب پهريون (الف) نثر ۾ نثر جي وصف، قسم ۽ نثر جي ترقيءَ لاءِ گهربل خاصيتن تي بحث ڪيل آهي، باب پهريون جي (ب) ۾ نثر جي ابتدا ۽ اوسر مختلف تاريخي دورن جي حوالي سان سنڌي نثر جي ٿيل ترقي ۽ اوائلي نثر کان موجوده دور تائين آيل تبديلين جو جائز و شامل آهي، باب ٻيو سنڌي عورت جي سماجي حيثيت ۽ تعليم تاريخ جي مختلف دؤرن سان گڏ موجوده علمي صورتحال جو تحقيقي جائزو ڏنل آهي، ٽيون باب 1947ع کان اڳ جي ليکڪائن جو سنڌي نثر جي تاريخ ۾ تعليم يافته عورتن جي ادب ۾ شموليت جي حوالي سان انهيءَ دور جي زناني تعليم جو تفصيلي جائزو ورتل آهي، انهيءَ کان سواءِ ليکڪائن سيتا ديوي، گلي سدار نگاڻي، چندرا آڏواڻي ۽ ٻين جي فن جي تحقيقي جائزي سان گڏ چند اهم ناولن، “سروجا”، “اتحاد”، “پريم جيون” ۽ ٻين جو تنقيدي اڀياس شامل آهي، چوٿين باب ۾ 1947ع کان پوءِ جي ليکڪائن جا اهم ناٽڪ، ناول، افسانوي مجموعا جائزي هيٺ آهن جن ۾ سيلاب زندگيءَ جو، ”پريت پراڻي، ريت نرالي“، ”حياتي هوتن ريءَ“، ”ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ“، ”لهر لهر زندگي“،”ڪربلا“، ۽ ٻيا ڪتاب اڀياس هيٺ آندا ويا آهن، سنڌ ۽ هند جي اهم ليکڪائن پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽاشهاڻي، ماهتاب محبوب، نورالهديٰ شاھ، ۽ ٻين جي ڪم جو تجزيو ڪيو ويو آهي، پنجون باب ٻين نثري صنفن ۾ عورتن جي ڪم جي ڄاڻ ڏئي ٿو جنهن ۾ مضمون، مقالا، خط، سوانح عُمريون، آتم ڪهاڻيون، خاڪا، روزنامچا ۽ سفرناما شامل آهن. باب ڇهون نثر جي مٿين ڪم جي موضوعن ۽ مواد جي تحقيق تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سماج ۾ عورتن کي درپيش مسئلن جا موضوع، قومي مقصدن جا موضوع، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت، سماجي مسئلن جا ۽ ٻيا متفرقه موضوع شامل آهن، هن باب ۾ وقت سان آيل نثر ۾ موضوعن جي تبديلي ۽ مواد جي مطابقت تي پڻ بحث ڪيو ويو آهي، باب ستون نثر ۾ ڪتب آندل ٻوليءَ جي معيار جي اڀياس ۾ نثر جو بياني اسلوب، لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي بيهڪ، علامتون، پهاڪا، چوڻيون، گفتارون، حرف تجنيسِ جو استعمال، نج سنڌي لفظن جي استعمال جي اهميت ۽ ٻين ٻولين جي غير ضروري لفظن کان بچاءُ، ٻولي بچاءُ هلچل ۽ خاص طور عورتن جي استعمال ڪيل نثر جي فصاحت، بلاغت ۽ سلاست کي پڻ پرکيو ويو آهي، باب اٺون فن ۽ فڪر جي عنوان سان اهم ليکڪائن جي علمي ۽ ادبي حيثيت سان گڏ سندن فن جي فڪري ۽ تنقيدي اڀياس جي ڄاڻ ڏئي ٿو، هن باب جي شروع ۾ فن ۽ فڪر جي باهمي تعلق جي وضاحت ڪيل آهي، باب نائون موضوع تي لاڳاپيل شخصيتن جا رايا ۽ رٿون جي عنوان سان ۾، تعليمي ماهر دادي ليليٰ وتي، حميد سنڌي، ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نورافروز خواجه ۽ نور الهديٰ شاھ جا انٽرويوز آهن، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مقالو موضوع جي حوالي سان منفرد آهي، هن موضوع تي هيل تائين ڪو به ذڪر جوڳو ڪم ٿيل نه هو. محققا ڪيترن سالن کان سنڌي نثر جي موضوع تي ڪم ڪندي محسوس ڪيو ته سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو ڪم وڏي انداز ۾ موجود آهي پر تحقيق عورتن جي ڪم کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ڪوبه اهڙو مڪمل ڪتاب نٿو ملي، جنهن ۾ ليکڪائن جي نثر جي ڪم تي ڪا روشني وڌل هجي، معنيٰ ته ليکڪائن جي نثري ادب ۾ خدمتن کي مؤرخن ۽ نقادن طرفان اهڙي ريت نه آندو ويو هو جهڙيءَ ريت آڻڻ گهربو هو. جڏهن ته سنڌي عورتون سنڌي نثر ۾ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ کان لکي رهيون آهن. هن مقالي ۾ تمام سهڻائيءَ سان سندن ڪم جو اڀياس ڏنل آهي، جنهن ۾ وقت جي حدبنديءَ مطابق خاص طور 1985ع تائين جي ڇپيل ڪتابن جو احاطو ڪيو ويو آهي، هي مقالو پيڪاڪ پرنٽرز ڪراچي انتهائي ديده زيب ٽائيٽل ڪَوَر سان 2020ع ڊسمبر ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي پاران 2020ع جي بهترين تحقيق جي ڪتاب طور ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.
14) ٽي تحفا: ٻالڪ ادب ۾ ڪهاڻين جي ڪتاب جو انتساب ليکڪا جي پوٽن ۽ ڏوهٽن جي نالي آهي پوپٽ پبلشنگ خيرپور 2021ع جي مئي مهيني ۾ شايع ڪيو. مهاڳ امر اقبال ۽ ڊاڪٽر اياز گل بيڪ ٽائيٽل تي لکيو آهي. ڪل ٻارنهن ڪهاڻيون”پشيماني“، ”روشني“، ”آسيه ۽ ارسلان“، ”سچي خوشي“، ”ڏھ روپيا“، ”خود غرضي“، ”ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلائي“، ”وڻ پوکيو ثواب ڪمايو“، ”شهزادو راهب“، ”خلق جي خدمت“، ”صوفن جو باغ“ ۽ ”بوٽ پالش“ آهن. هيءُ ڪهاڻيون هڪ طرح سان قديم ۽ جديد ڪهاڻين جو ميلاپ آهن جن ۾ ڪي شهري ماحول جون ته ڪي ڳوٺن جون، ڪي پڙهيل گھرن جون ته ڪي عام نموني جي رواجي گھرن سان واسطو رکن ٿيون، پر خاص ڳالھ ته انهن ڪهاڻين ۾ اخلاق، همدردي، محبت، اخوت، همٿ، جرأت ۽ شرافت ۽ ٻين ڪيترن انساني گڻن کي پنهنجو ڪرڻ جا گَسَ ڄاڻايا ويا آهن. امر اقبال لکي ٿو ته ” هي ڪهاڻيون دلچسپ ته آهن ئي آهن پر انهن سڀني مان هر هڪ ۾ نصيحت جا نڪتا سمايل آهن، ماحوليات جو بچاءُ، ظلم خلاف احتجاج، جدوجهد ۽ ٻيا چڱا قدر هنن ڪهاڻين وسيلي اسان جي نئين نسل ڏي منتقل ٿيندي نظر اچن ٿا، اياز گل موجب ته ”ڊاڪٽر پروين ٻارن جي لاءِ ڪهاڻين جو ڪتاب لکي ٻارن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کي پيار سان ئي قبول ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب ٽي تحفا سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر تي اپ لوڊ ڪيو ويو آهي.
15)شرارتي جن ۾ تيرهن ڪهاڻيون ”سانول جو باغ“، ”قسمت جي ڦيرو“، ”هو ڪيئن سڌريو“، ”سچ ٿيو سوڀارو“، ”ٻڌي اڻ ٻڌيءَ جي سزا“، ”شرارتي جن“، ”سچي محبت“، ”گلوداد ۽ شيرو دادا“، ”بيوقوف چوڪيدار“، ”حلال رزق“، ”قدي سردار“، ”ٺڳ واپاري“، ”مهربان جي مهرباني“ آهن. جن ۾ ٻارڙن کي سندن فرض ڄاڻايل آهن ته کين پنهنجي حقن جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ٻارڙن جي عالمي طور حقن جي معاهدي CRC تحت کين همت ۽ خود اعتمادي ڏيڻ لاءِ تعليم جي حاصلات، خوف ۽ ڏک مان نڪرڻ پنهنجي پاڻ تي ڀروسو ۽ همٿ ڪرڻ سان گڏ، پنهنجي گھر کي بهترين پناھ گاھ ڄاڻايو ويو آهي ته جيئن اڄ جو ٻار پنهنجي والدين ۽ گھرڀاتين کي پنهنجو سڄڻ ۽ خيرخواھ سمجھي کين مطالعي ڏي موڙڻ لاءِ پڻ اُتساهيو ويو آهي. هيءُ ڪهاڻين جو ڪتاب موجوده دور جي حالتن کي نظر ۾ رکي لکيو ويو آهي.”شرارتي جن (ٻالڪ ادب) کي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور شايع ڪيو آهي.امداد جسڪاڻي ۽ خالد ڀٽي جا ويچار شامل آهن.
16) پوپٽ ۽ گلاب (جانورن ۽ پکين جون ڳالهيون ۽ ٻوليون): عنوان سان هيءُ ٻالڪ ادب جو ڪتاب سورنهن ڪهاڻين تي آڌاريل آهي، هيءُ ڪتاب خاص طور سنڌي ادب ۾ پکين ۽ جانورن جي ڳالهين ٻولين ۽ فطرت جي نظارن سان گڏ انسانن جي انهن سان واسطي ۽ ورتاءُ کي پيش ڪري ٿو. ڪهاڻين جا عنوان، ”پوپٽ ۽ گلاب“، ”هرڻ جي چوري“ ”جهنگلي پاڏو“، ”اڇي ڪبوتري“، ”گدڙ ڊاک نه پڄي“، ” ننڍڙو پکي“، ”ڪاري مڇي“، ”وفادار جادوئي گهوڙو“، ”بيوقوف جهرڪو“، ”ٻليءَ جي دوستي“، ”جان نثار ڪتو“ ”شينهن جهنگ جو بادشاهه“، ”گهوڙن جي ٻڌي“، گابڙو شاهد“، ” بيوقوف ڍڳو ۽ شينهن“ آهن. ڪتاب بابت ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جامع ۽ پراثر مهاڳ ۾ لکي ٿو ته ”هيءُ نرالو ٻالڪ ڪهاڻي ڪتاب آهي. جنهن مان ليکڪا جي ٻارن لاءِ محبت ظاهر ٿيئي ٿي. هن قسم جو ڪو به ڪتاب موجوده وقت ۾ ڏسڻ ۾ نٿو اچي، چانڊوڪي پبليڪيشن پاران اپريل 2023ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
17) ثاقب جي آئيسڪريم: تيرهن ڪهاڻين تي مشتمل ٻالڪ ادب جي ڪتاب جي ڪهاڻين جا عنوان”سونو ڪڪڙ“، ”زهره جو روزو“، ”ڏاڍو گهر“، ”بادشاهه ۽ ڦورو“، ”روز هڪ نيڪي ڪمايو،، ”موچيءَ جي عقلمندي“، ”ڪاوڙ ۽ ڪاٺ جو تختو“، ”پهرين تاريخ ۽ پڪوڙا“، ”ثاقب جي آئسڪريم“، ۽ ٻيا آهن، ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻيون ٻارن جي شخصيت، فطري ذهانت، ذهني ۽ جسماني، صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ کين هڪ ذمه دار ۽ امن پسند شهري بنائڻ ڏي هرکائيندڙ آهن ۽ ٻارن کي انهن جا فرض ۽ حق ڄاڻائيندڙ آهن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکيو آهي ته ” ڊاڪٽر پروين جو هيءُ ڪتاب ٻاراڻي ادب جي شاهڪار ڪتابن مان آهي ۽ انهن انوکين ۽ دلچسپ ڪهاڻين ۾ ليکڪا عقل ۽ ڏاهپ جا ٻُڪ ڀري وڌا آهن ههڙا ڪتاب ٻارن جي هٿن ۾ ايندا ته ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق جاڳندو ۽ کين علم جي دروازي ڏي وٺي ويندو.“ عبدالحئي ڀٽو هن ڪتاب جي ڪهاڻين کي ٻارن جي لاءِ ”علم جي حاصلات جو دروازو سڏيو آهي“. چانڊوڪي پبليڪيشن پاران 2023 ۾ شايع ٿيو آهي.
18) سهڻا سخن: عنوان سان ليکڪا هڪ منفرد ڪتاب سهيڙي تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ انساني اخلاقي قدرن مطابق سهڻا سخن ڏنل آهن پهرين باب ۾ هن موضوع تي قرآني آيتون، ٻئي ۾ حديثون مبارڪ، ٽئي باب ۾ چار خليفن ۽ اسلام جي نامور شخصيتن جا قول ۽ چوڻيون، چوٿين باب ۾ پوريءَ دنيا جي ٻين عالمن ۽ اديبن ۽ ڏاهن جا قول آهن ته سنڌي ادب جا سخن پڻ شامل ڪيل آهن.محمود مغل ڪتاب بابت پسنديدگيءَ ۾ اظهار ڪندي ڊاڪٽر پروين کي ”سدابهار ليکڪا“ سڏيو آهي، سرمد عباسي لکي ٿو ته آپا پروين موسيٰ جا ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب ٻارن جي ادب جي سلسلي ۾ ڪيل لاڀائتي جاکوڙ آهن، سهڻا سخن به اُتساهيندڙ سلسلي جي هڪ ڪڙي اهي جو نه فقط ٻارن لاءِ پر وڏن لاءِ به ڪارائتو ڪتاب آهي.
19) شهزادي ماهه نور: ۾ چوڏهن وندر ۽ سکيا جون دلچسپ ڪهاڻيون ٻارن جي لاءِ لکيل جن جا عنوان، ”شهزادي ماهه نور“، ”غرور جو انجام“، ”دوستي“، ”خودداري“، ”لنچ باڪس“،”زيتون جو وڻ“، ” هيڊ ماستر“، ”صحبتپور ۽ صاحبه“، ”امتحان جو فارم“، ”پري ۽ وفادار سپاهي“، ”ڪاميابيءَ جو راز“، ”ضدي ڇوڪرو“، ”سمجهدار نياڻي“ آهن، عيسيٰ ميمڻ لکي ٿو ته، ”ڊاڪٽر پروين ٻارن جي نفسيات ۽ ذهني سطح کي سامهون رکي ڪهاڻيون لکيون آهن، جنهن ۾ کين نصيحت ڏيندي ڏيندي ڪهاڻيون بيان ڪيون اٿس هنن ڪهاڻين جي خاص ڳالهه بياني اسلوب جي خوبصورتي آهي“. محمد ياسين ڪنڀر موجب ته، ”شهزادي ماهه نور“ نهايت ئي نرالين ۽ نڪور ٻاراڻين ڪهاڻين سان ٽمٽار ٿيل دلچسپ ۽ وري وري پڙهڻ جهڙو ڪتاب آهي، جن ۾ سبق آموز ۽ نصيحت ڀريا نڪتا آهن. ڊاڪٽر پروين گويا سنڌي ٻاراڻي ادب جي هڪ ”ماهه نور“ آهي، چانڊوڪي پبليڪيشن پاران جون 2023ع ۾ هيءُ ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
ڊجيٽل ايڊيشن
20) ماڻڪ موتي لال: هيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن 2021ع طور لکي سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪيو ويو آهي خاص طور مضمونن ۽ مهاڳن تي آڌاريل هن ڪتاب ۾ سوانحي ۽ ادبي مضمون ”محترمه شهيد بينظير ڀٽو“، ”ڊاڪٽر غلام علي الانا“، ”ڪامريڊ تاج محمد ابڙو”، ”بيگم زينت“، ”ڊاڪٽر رشيده حجاب“، ”مهتاب اڪبر راشدي“، ”زاهده تاج ابڙو“، ”ولي رام ولڀ“، ”ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو“ ۽ ٻين اديبن جي باري ۾ مضمون آهن ته ڪجهه ادبي موضوع ”سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو“، ”سنڌ محبت جي سرزمين آهي“ ۽ ٻيا آهن.هن ڪتاب جو مهاڳ فقير محمد سنڌي جو لکيل آهي،
21) سدا وسين تون: ڊجيٽل ايڊيشن آهي جنهن ۾ مضمون، تقريرون ۽ ڪتابن تي تبصرا آهن. انهن ڪتابن جي ليکڪن بابت احوال ڏنل آهي. اهڙي احوال ۾ ”قلم جنين جي هٿ ۾“، ”شاھ جا شيدائي“، آئون جي اها ئي ذات“، ”ڏيپلي تعلقي جي تاريخ“، ”ڍولا مارو ڍٽ“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن ان کانسواءِ ليکڪا پنهنجي مختلف علمي ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ پڙهيل پيپرز ۽ يادگيريون پڻ ونڊ ڪيون آهن. ابنِ رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص، زبيري ۽ نذرٿ ڪاليج حيدرآباد، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، ”جشنِ لطيف“ ۽ ٻين هنڌن ڪيل لطيفي تقريرون ۽ پيپر ڏنل آهن ته چند خوبصورت تصويرون پڻ هن ڪتاب جي زينت آهن. فاطمه ڀرڳڙي، سيما عباسي، جناب شمس جعفراڻي ۽ عبدالحفيظ ڀٽيءَ پنهنجا ويچار ونڊيا آهن. هيءُ ڪتاب سنڌ سلامت تي آن لائين رکايو ويو آهي.
22) ڊاڪٽر پروين: هڪ جاکوڙي محققا: ڪتاب ڊاڪٽر صاحبه جي ريسرچ پيپرز تي مشتمل آهي جي ايڇ اِي سي جي منظور ٿيل جرنلز ۾ 2009ع کان 2023ع تائين شايع ٿيا. چند جا عنوان، ”ڪهاڻي ڪلاءِ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون“، ”پوپٽي هيراننداڻيءَجون ادبي خدمتون“، ”سندري اتم چنداڻي: هڪ ساهتڪار“، ”نور الهديٰ شاهه جي ڪهاڻين ۽ جو اڀياس“ ۽ ٻيا آهن. هن ڪتاب کي سندن فرزند ڊاڪٽر ياسر رضا ترتيب ڏنو آهي جو سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهرتي ڊجيٽل ايڊيشن طور رکيو ويو آهي.
23) محبت پائي مَنَ ۾: شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي سرڪاپائتيءَ جي پهرين داستان جو 17 نمبر بيت آهي جنهن مان هن ڪتاب جو عنوان چونڊيو ويو، محبت پائي من ۾ ڊاڪٽر پروين جي ڪتابن تي لکيل مهاڳن، مقدمن ۽ پيش لفظن جو مجموعو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر ثمر رفيق الرحمان (سندن نياڻيءَ) سهيڙي تيار ڪيو. ڊاڪٽر ثمر موجب ته ” منهنجي پياري امڙ پنهنجي مَنَ ۾ سنڌ، سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي ادب جي محبت وسائي ايترو دِل سان سنڌي ادب ۾ ڪم ڪيو آهي جو هر ليکڪا جي وَسَ جي ڳالهه ناهي هُن پنهنجي پوري حياتي هن اڻملهه پورهئي کي دان ڪئي آهي ته به سندس ڪسر نفسي ته مون تي اڃا منهنجي شاگردن جو، سنڌي ٻولي ۽ ادب ۽ قوم جو قرض آهي، پر هيءُ مقدما ۽ مهاڳ جيڪي وڏن وڏن عالمن ۽ اديبن لکيا سي شاهد آهن ته سندس پورهيو اگهجي مڃتا ماڻي چڪو آهي“
24) ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا: ۾ ليکڪا جي ڪتابن تي تبصرا، تاثر ۽ سندن فن بابت مضمون آهن، جن ۾ جناب گل محمد عمراڻي، ڊاڪٽر ريحانه نظير، ڊاڪٽر حسين مسرت، منظور ڪلهوڙو، نورالصباح قاضي، معشوق محسن ابڙو، علي نواز آريسر ۽ ٻين جا ليک آهن. جو ڊجيٽل ايڊيشن طور سندن فرزند انجنيئر محمد مجتبيٰ تيار ڪيو آهي
اڻ ڇپيل ڪتاب
25) جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ تاريخ ساز شخصيت: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (سوانح ۽ فن): مرزا قليچ بيگ جي فن جي جائزي تي مشتمل آهي جنهن ۾ سندن نثر ۽ نظم جي ڪم جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. مرزا صاحب جي ناٽڪن جو اڀياس ۾ ”ليليٰ مجنون“، ”انڪوائري آفيسر“، ”شهزادو بهرام“، ”حسنا دلدار“) هن ڏس ۾ موضوع طور چونڊيل آهن جن مان ٻه طبعزاد ۽ ٻه ترجما آهن. ”سائو پن ڪارو پنو“، آتم ڪهاڻيءَ ۽ سندن سوانح نگاريءَ ۾ ٿيل ڪم جو جائزو ورتو ويو آهي ته سندن شاعريءَ بابت تحقيقي ليک ڏنل آهن. ناولن ۾ ”زينت“ ۽ ”دلارام“ جي پرک سان گڏ ترجمو ڪيل ناولن جو اڀياس پڻ شامل آهي ته مضمون نويسيءَ جي ٻين ڪتابن جي ذڪر سان گڏ خاص طور ”مقالات الحڪمت“ کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. اهڙيءَ ريت هيءُ ڪتاب جديد سنڌي ادب جي محسن کي مڃتا ڏيڻ خاطر لکيل آهي. ڪتاب بابت پروفيسر اعجاز قريشي لکيو آهي ته ” ڊاڪٽر پروين جاکوڙي اديبن جي فهرست ۾ پنهنجو نالو چمڪايو آهي، هن هڪ ڪامياب شاگردياڻي، ڪاميابي گهرڌڃاڻي، ڪامياب ماءُ، ڪامياب استاد ۽ ڪامياب ليکڪا طور ملهايو آهي“. ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ موجب ته ” ڊاڪٽر پروين سنڌي ادب جي واڌاري ۾ بهتري ڪم ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ڪنهن به ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي مقالي کان گهٽ ناهي“.
26) سنڌي نثر: جديد مطالعو: (آخوند عزيزالله کان عثمان علي انصاريءَ تائين) جي نثر نويسن جي فن ۽ نثر جي معلومات تي مبني آهي. هن کان اڳ ليکڪا جا سنڌي نثر جي موضوع تي ٻه ڪتاب ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ ۽ ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو“، ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن.
پهريون باب سنڌي نثر جي ابتدا ۽ اوسر جي تفصيل تي آهي ان کان پوءِ سنڌي نثر جي سرجڻهارن ۽ ترقي ڏياريندڙن جي فن ۽ سوانح جو جائزو ڏنل آهي جنهن ۾ سنڌي، عربي الف-ب جي موجد مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ۽ قرآن پاڪ جو پهريون سنڌي ترجمو لکندڙ آخوند عزيزالله جو تعارف ڏنل آهي. آخوند عزيزالله کان عثمان علي انصاريءَ تائين تقريباً چاليھارو اوائلي نثر نويس هن ڪتاب ۾ آندل آهن جيئن ديوان ننديرام سيوهاڻي، منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي، آخوند لطف الله، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، دين محمد وفائي ۽ ٻيا آهن. انتساب مخدوم ابوالحسن ٺٽوي، آخوند عزيزالله، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي نالي آهي، جن سنڌي نثر جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ پاڻ پتوڙيو. سيد مظهر جميل جو خوبصورت تبصرو شامل آهي ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم ماهراڻي راءِ لکي آهي. مهاڳ ۾ ڊاڪٽر عنايت هن ڪتاب کي سولو، عام فهم ۽ موجوده دور ۾ موضوع مطابق بهترين ڪتاب سڏيو آهي.
27) ارباب جي هوشياري: ڪتاب ”ٻالڪ ادب“ بابت ڪل چوڏهن ڪهاڻيون آهن جن ۾ ”ارباب جي هوشياري“، ”نيڪيءَ جو بدلو نيڪي“، ”ملڪه ۽ ايوب“، ”بدنيت دوست“، ”لالچ بري بلا آهي“، ”سادگيءَ ۾ سچائي آهي“، ”اچو ته وڻ بچايون“، ”فرحان جي عقلمندي“، ”احسانمندي“، ”پاڻي نعمت آهي“ ”قدر شناسي“، ”وقت جو قدر“، ”انوکو هيرو“ آهن. جي نه فقط سبق آموز پر ٻارڙن جي وندر ورنهن ۽ موجوده دور جي ماحول مطابق آهن. هيءُ ڪهاڻيون ٻارڙن جي ذهني معيار ۽ سنڌي سماج جي حالتن سان ٺهڪندڙ مختصر ۽ سبق آموز شمار ٿين ٿيون. انتساب شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي نالي آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ۽ ڪتاب بابت ماهراڻي راءِ محترمه مريم مجيدي ۽ بيخود بلوچ لکيا آهن.
28) سماج سڌارڪ انقلابي اديب محمد عثمان ڏيپلائي: تاريخ جي آئيني ۾ سنڌ جي هڪ نامور صحافي ۽ اديب کي مڃتا ڏيندي ڊاڪٽر پروين هڪ سڄاڻ ليکڪا طور پنهنجي ڏيپلائي هئڻ جو قرض ادا ڪيو آهي، پاڻ هن ڪتاب کي وڏي ذوق ۽ شوق ۽ تحقيقي طريقي سان لکيو اٿن، ڏيپلائي صاحب جي ناٽڪ نويسي، ناول نگاري، مضمون نويسي، صحافت، ديني ادب ۽ افسانا نويسيءَ جو احاطو ڪندي جامع انداز سان هن ڪتاب معرفت ڏيپلائي صاحب جي فن ۽ فڪر تي روشني وڌي وئي آهي. ڏيپلائي صاحب جي ڏهٽي رفيق ڏيپلائي ڪتاب جي جائزي بعد لکيو آهي ته، ”فهرست ۾ شامل موضوعن کي ڏسندي ئي ليکڪا جي باريڪ بيني ۽ شعور جي پختگيءَ جي ڀلي ڀپت خبر پوي ٿي هيءُ ڪتاب علم ۽ ادب جي اڃ رکندڙن ۽ ڏيپلائيءَ تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ بهترين ذريعو ثابت ٿيندو، نامور شخصيت يوسف شاهين بيڪ ٽائيٽل لکيو آهي.
29) پاڪستاني ادب ڪي معمار: ڊاڪٽر فهميدهه حسين شخصيت اور فن اردو ٻوليءَ ۾ مڪمل لکي مسودو اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد کي 2022ع ۾ موڪليو اٿن، هن 240 صفحن جي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين جي شخصيت ۽ فن بابت پروين صاحبه جا مضمون ۽ تحقيقي مقالا آهن ڊاڪٽر فهميده جي ڪتابن جو تفصيلي تحقيقي جائزو ڏنل آهي ته ڪيترن ڪتابن مان حوالا ڏيئي سندن تحرير نويسيءَ جي خوبين ۽ خامين کي پيش ڪيو اٿن هيءُ ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ پاڪستان ليول تي شايع ٿي انشاء الله ضرور مڃتا ماڻيندو.
30) سونيون اشرفيون: ٻارن جي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي کوٽ کي محسوس ڪندي ليکڪا هڪ مشن طور ٻه سئو ڪهاڻيون لکيون، جي روزاني هلال پاڪستان، گل ڦل ۽ ساٿي رسالن ۾ شايع ٿي رهيون آهن، هيءُ ڪتاب انهن ڪهاڻين جي سلسلي جي ئي ڪڙي آهي جنهن ۾ سورنهن ڪهاڻيون، ”غلط عادت“، ”رهنمائي“، ” پراجيڪٽ“، ”سونيون اشرفيون“ ”لائق شاگرد“، ”ننڍو ڳوٺ“ ٽيڪسيءَ وارو“، ”فرض ادائي“ ”هوشياري“، ”خرچي“، ”ٻاروتڻ“ ”اٽي جي جادوئي چڪي“، ”سچو خواب“، ”امڙ“، ”بادشاهي درٻار“ ۽ ”خالي گهر“ آهن. سونيون اشرفيون تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال خوبصورت مهاڳ ۾ ڄاڻايو آهي ته، ڊاڪٽر صاحبه جا ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب تمام اهم ۽ معلومات سان ڀريل، دلڪش، وندر ۽ سبق آموز آهن، ڪهاڻين ۾ موضوع جي لحاظ کان انوکي چونڊ ڏسڻ ۾ اچي ٿي هن ڪلاسيڪل ۽ لوڪ ادب کي جديد دور سان جديد انداز ۾ ڳنڍيو آهي.
31) سکن جو سنسار: ڪهاڻين/افسانن جي هن ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻيون 1980ع ۾ لکيل ڪهاڻي ”چري“ کان 2023ع جي دور تائين جون آهن، وقفي وقفي سان لکيل انهن ڪهاڻين ۾ سنڌي سماج جي شهري، وچولي ۽ غريب طبقي جي حياتين جا عڪس چٽيل آهن، ڪهاڻين جا عنوان، ”چري“، ”ڊائيوو“، ”سيٺياڻي“، ”ويهه تولا سون“،”سکن جو سنسار“ ”ويڳو پيءُ“، ”ديوتا“، ” ڀوري“، ”زينان“، ”اعتبار“، ”خزانو“ ، ”پوليس انسپيڪٽر“، ”ڊاڪٽر غفرانه“ ”سج اڀريو آ“۽ ٻيون آهن. جي پهرين هلال پاڪستان، هزار داستان، امرتا همسري، چانڊوڪي ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيون آهن.ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار آهي.
32) مري ٿين نه مات: ڪتاب سوانحي مضمونن تي آڌاريل آهي جنهن ۾ دنيا جي اهم شخصيتن بابت معلوماتي مضمون لکيل آهن، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلهِ وسلم، حضرت خديجه، بيبي فاطمه، چار خليفن، امام حسن عه، امام حسين عه ۽ ٻين اسلام جي عالمن ۽ دنيا جي وڏين شخصيتن جي باري ۾ لکيل مضمون ٻارن جي نه فقط ذهني سطح مطابق پرکين مضمون نويسيءَ جي اهم صنف ۾ وڏي معلومات ڏيندڙ آهن، سرور نواز ٻگهيو هن ڪتاب تي ويچار ونڊيا آهن. پاڻ لکي ٿو ته، ”ڊاڪٽر پروين ٻارن جي لاءِ لکي انهن ۾ مطالعي جي عادت وجهي ٿي ۽ خاص طور نثر ۾ مضمون ۽ ڪهاڻيون لکي ٻارن جي لاءِ اهڙن ڪتابن جي کوٽ جي پورائي ۾ مَددَ ڪري رهي آهي، کيس دِلي مبارڪ ڏجي ٿي.
33) معلومات جو خزانو: هيءُ معلوماتي ڪتاب پنجن بابن تي مشتمل آهي جي دين جي معلومات، دنيا جي معلومات، پاڪستان جي معلومات سنڌ جي معلومات، سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي معلومات آهن، ارڙهن سالن تائين جي عمر لاءِ لکيل هن ڪتاب ۾ ٻارن کي دين ۽ دنيا جي حقيقتن ۽ علم ادب سان واقفيت ٿيندي هڪ ئي هنڌ کين وڏي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هن کان اڳ انهيءَ قسم جو معلوماتي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارڙن جي ذهني سطح مطابق تيار ڪيل ڏسڻ ۾ نٿو اچي هيءَ هڪ عمدي ڪاوش آهي.
34) اچوڙي ٻارو: ”اچوڙي ٻارو، راند جو وارو، اڪ جي ڪاٺي، نم جا پاوا،“ ٻاراڻي بيت مان عنوان ورتل هيءُ ڪهاڻين جو ڪتاب دل وندرائيندڙ خوبصورت ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جن جا عنوان ”ننڍي ٻيڙي“، ”عيد الاضحيٰ“، ”جادوءَ جي دٻلي“، ”يتيم ڇوڪرو“، ”آخري اسٽيشن“، ”انٽرويو“، ”منڊو امير“، ”هنر بادشاهه آهي“، ”نڀاڳ ۽ سڀاڳ“، ”يتيم ڇوڪرو“، ”هنر بادشاهه آهي“ ۽ ٻيون آهن.
35) جي پارکو پارس جا: لطيف شناسيءَ تي ڊاڪٽر پروين جو هيءُ ٽيون ڪتاب آهي هن ڪتاب ۾ انهن اهم شخصيتن جي فن کي مڃتا ڏني وئي آهي، جن حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي پيغام کي پرکيو ۽ پروڙيو آهي، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سارلي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرو مل مهر چند، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ٻين ڪيترن جي ڇپيل ڪم جو تحقيقي جائزو جي پارکو پارس جا جي مواد ۾ شامل آهي.
36) انوکو رازو: ٻارن جي ادب ۾ ڪهاڻين جي وڏي کوٽ ڏسندي ليکڪا خاص طور وڏيءَ توجهه سان سنڌي ٻارڙن لاءِ هلندڙ وقت مطابق ٻه سئو کان مٿي ڪهاڻيون لکيون آهن، جنهن ۾ هن ترجمي جي اهميت کي سمجهندي قومي ٻوليءَ اردو مان پڻ ڪافي ڪهاڻيون ترجمو ڪري انهن مان چونڊ چوڏهن ڪهاڻيون ”انوکو رازو“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيون آهن. هن ڪتاب جي ڪهاڻين جا عنوان ”انوکو رازو“، ”پريما ڪماري“، ”غيبي مدد“، ”محنت جو ڦل“، ”دِلي خواهش“، ”سبق حاصل ٿيو“، ”چوٿون چور“، ”سون جي بطخ“، ”ڏهوڻا پئسا“، ”محبت جي ڪاميابي“، ”جادوئي گُڏيون“ آهن.
37) شهر بانو: افسانن جي هيءُ مجموعو ڊاڪٽر صاحبه پرڏيهي ادب مان پنهنجي پسنديده ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي پيش ڪيو آهي، شهر بانو جي ويهن ڪهاڻين جا ليکڪ منشي پريم چند، ڪرشن چندر، انتظار حسين، قرت العين حيدر، عصمت چغتائي، خديجه مستور، اشرف شاد، ڊاڪٽر جميل اختر، پروفيسر جهان آرا لطفي، عنبر عابد، سعيده افضل، احمد نديم قاسمي، ڊاڪٽر راحيله محسن، جبران خليل جبران، ليوٽالسٽاءِ ارنيسٽ هيمنگوي، آسڪر وائلڊ ۽ ٻيا آهن، ڪهاڻين جا عنوان، ”شهر بانو“، ”قرباني“، ”ماءُ جو دِلاسو“، ”چاچو افضل“ ”ستِ ڀرائي“، ”ثريا“، ”ميران جي پوتي“، ”بلبل ۽ گلاب“، ”ٽن لفظن جو رشتو“، ”سواءِ سير ڪڻڪ“، ”ڪاڪي پوڙهي“، ۽ ٻيا آهن.
38) تو ۾ ديرو دوست جو : شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو فلسفو ۽ فڪري رح ٽيهن سُرن جي حوالي سان مضمونن جي صورت ۾ لکيل آهن شاهواڻي صاحب جي رسالي کي ماخذ بڻائي ٽيهه مضمون لکيا آهن. ڪتاب تڪميل جي مرحلن ۾ آهي.
39) حڪايتون: نصيحتي نڪتن تي مشتمل ڏاهن جي حڪايتن تي مشتمل ڪتاب ۾ شيخ سعدي رح، خليفو هارون رشيد، نوشيروان عادل، مالڪ بن دينار، خواجه معين الدين چشتي، صلاح الدين ايوبي، شاهه لطيف، وتايي ولي ۽ ٻين جا حڪايتي واقعا آندل آهن جو خاص ٻارن جي اخلاقي تربيت لاءِ سهيڙي ڪتاب تيار ڪيو ويو آهي.
40) صحت ۽ زندگي: صحت جي اصولن کي اهم ڄاڻندي ڊاڪٽر پروين هڪ نئين نموني جو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي، جنهن موجب متوازن غذا جي اهميت ۽ انساني زندگيءَ لاءِ ضروري کاڌا ۽ غذائي ڪارح ڄاڻائڻ سان گڏ مختلف وٽئمنز، ڪيلشيم، آئرن ۽ معدنيات جي ڄاڻ سان گڏ ڀاڄين، ميون ۽ ٻين کاڌن ۾ انهن جو حصو بيان ڪيل آهي، هي معلوماتي ڪتاب پڻ تياريءَ جي مرحلن ۾ آهي.

انهيءَ کان سواءِ ادبي تاريخ(نثر ۽ نظم ۾ الڳ الڳ) حج جو سفر نامو، آتم ڪهاڻي ۽ ٻين موضوعن تي ڪتابن جو ڪم جاري آهي.