اسان جي علائقي ۾ پهريون ٽريڪٽر ڪڏهن آيو ۽ ڪنهن آندو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    اسان جي علائقي ۾ پهريون ٽريڪٽر ڪڏهن آيو ۽ ڪنهن آندو.
    (يادگيريون)
    عبدالله جروار

    اسان وٽ قديم زماني جي پراڻن اوزان جي ذريعي فصل پوکبا. انهن روايتي اوزارن جاء آهستي آهستي زرعي مشنري وٺڻ لڳي. جنهن ٽريڪٽر بنيادي محرڪ هو. جنهن ذريعي ئي زرعي زمين تي فصل جي پوکي لاء مختلف اوزار ڪتب آندا ويا. شروعاتي دور ۾ کيڙي ڪيڻ وغيره لاء ٽريڪٽر استعمال ٿيڻ لڳو هو ٿريشر ڪافي وقت پوء آيو. 70 80 واري ڏهاڪي اسان جي علائقي ۾ ٽريڪٽر مجيري حاجي پريل جروار ۽ ٻيو حاجي نبي بخش جروار آندو هو. مجيري حاجي پريل روسي ٽريڪٽر آندو. حاجي نبي بخش جروار مرحوم انٽرنيشنل ٽريڪٽر آندو. ٽنڊي الهيار ۾ ان وقت حاجي نبي بخش جروار مرحوم جو ٺڪاڻو خان محمد جروار مرحوم جو تنبيلي هوندو هو. جڏهن ته منجهند جي ماني چاچا صالح محمد جروار لوهار پاڙي واري جي گهران ايندي هئي. جنهن ٽنڊي الهيار جي سمورن علائقن جا ماڻهو هتي ايندا هئا. مجيري حاجي نبي بخش جروار جي گهڻي حجت دوستي جسڪاڻي برادري وارن سان هوندي هئي. ٽريڪٽر وغيره زرعي سامان به انهن جي مشوري سان خريد ڪبو هو. ان وقت چاچي قادر بخش جسڪاڻي مرحوم جي ڀل ڀائي هئي چاچي قادر بخش جسڪاڻي جو نالو ياد نه پئي آيو. چاچو قادر بخش صوفياڻو فڪر رکندڙ هو. صوفي شاعرن جو گهڻو ڪلام کين بر زبان ياد هوندو هو. اسان جي علائقي ٽريڪٽر ڇا آيو. جتي ٽريڪٽر هلندو هو ته ڏسڻ وارن وڏي خلق گڏ ٿي ويندي هئي. مجيري حاجي نبي بخش جو پهريون ٽريڪٽر ڊرائيور استاد الھ بچايو خاصخيلي هو. جنهن کان پوء ڪيترائي نوجوان استاد الھ بچائي خاصخيلي کان سکيا ۽ ٽريڪٽر هلائڻ لڳا.
    مجيري حاجي پريل مرحوم اڳتي هلي ٻيو ٽريڪٽر به خريد ڪيو جيڪو روسي ٽريڪٽر ٽائيپ هو. جنهن جي مشين جي سائونڊ جي ڪري برسات ٽريڪٽر سڏيندا هئا. انهن ٽريڪٽر جي اچڻ ڪافي نوجوان توڙي وڏي عمر ٽريڪٽر هلائڻ سکيا. جن ۾ استاد قاسم رانجهاڻي، مامو عبدالله، مامو ڌڻي بخش، مامو يوسف. مامو خدا بخش پنهنجي وقت جا جاکوڙي ڊرائيور ثابت ٿيا. انهن ڊرائيوري پيشي طور ڪتب آڻي زندگي جي گذر سفر کي ڪجھ آسان بڻايو.
    . (هلندڙ)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو