سڪندر سرواڻ سنڌي ادب جو سرجڻهار پروفيسر ابراهيم لاشاري خوشبو سرهاڻ واري پنهنجي سونهن ڀري ڌرتي سنڌ صدين کان وٺي سڄي جڳ ۾ مشهور آهي صدين کان وٺي سنڌي ادب جي تمام وسيع جهان کي سونهن بخشيندڙ اسان جا عظيم شاعر ، اديب ، تاريخدان ، محقق ، فنڪار ،ڪلاڪار، يقينا لاکڻي لطيف رح ۽ سچل سائين جي روحانيت جي درسگاهن جا پانڌيئڙا حق ۽ سچ جي درسگاهن جا علمبردار آهن . پنهنجي ڌرتي جي شاعرن اديبن پڻ پنهنجي احساسن کي موتين جي مالها جيان لفظن کي پوئي پنهنجي من اندر جو آواز عام خلق تائين پهچائڻ پنهنجي زندگي جي مقصد کي بامقصد بنائڻ جي شوق ۽ جستجو ۾ مهو رهن ٿا اهڙي ريت سڪندر سرواڻ به علم ،ادب ۽ سماجي اڏوات لاءِ پنهنجي وسعت آهر نهايتي سليڪي سان جستجو ڪندو پيو اچي ، هي علم ادب جو جاکوڙي ڪردار ضلعي دادو جي ڪاڇي واري علائقي جوهي تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ هيري خان لغاري جي هڪ مسڪين معزز شخصيت ڪوڙو خان سومري جي گهر تهه اونهاري گري جي موسم ۾ 22جون سال 1957ع ڇنڇر ڏينهن جنم ورتو . ٻال جتي کان وٺي والدين لاڏڪون سان سڪندر سرواڻ کي پاليو ڇٺي ڏينهن سهرن ،مٺائي ،ديگرو ڀت جو ورهائي مٽن مائٽ جي مبارڪن بعد ڇٺي جو نالو (سڪندر علي سومرو ) رکيو . سڪندر اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو اسڪول پڙهائي جي عمر کي رسيو ته والد صاحب پنهنجي اباڻي ڳوٺ هيرو خان لغاري ۾ ڦرهي هٿ ۾ ڪري اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني جتان هن پنج درجا پاس ڪري اڳتي پڙهڻ جو سوچڻ لڳو ڇو جو سڪندر سرواڻ جي پڙهائي دوران پڙهائي لاءِ هن جي علائقي منجهه ڪو ويجهڙائي تر ۾ ڪو مڊل يا هاءِ اسڪول ڪون هو تنهن ڪري هن ذهين ٻار پڙهائي کي خير آباد چئي وڃي درزڪي ڪم سان لڳو جتي لطيف سرڪار جي سر ڪاپائتي جي سکڻ سمجهڻ ڪرت ، وندر سان لڳي ويو هڪ سال جي وڏي جفاڪشي بعد سڪندر سرواڻ جي ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ علڻ خان لغاري جي مڊل اسڪول جيئن شروع ٿيو هن وڃي داخلا ورتي اٺ درجا پڙهي پاس ڪري هن مئٽرڪ پڙهڻ لا3 جوهي هاءِ وڃي پهتو جتان هن محنتي شاگرد مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري ورتو . سڪندر سرواڻ جي والدين سرهائي محسوس ڪئي هي محنتي ٻار وڌيڪ پڙهڻ جي شگف ۾ وڃي دادو جي گورنميٽ ڪمرشل انسٽيٽوٽ مان انٽر (ڊپلومه ) جو امتحان پاس ڪري ورتو سڪندر سرواڻ تعليم کي پنهنجي زندگي جو مقصد بڻائي علم جي حاصلات لاءِ سنڌ يونيورسٽي مان سال 1983ع بي _اي اڪنامڪس ڊگري حاصل ڪيائين سنڌ جي هن محنتي مڙس پنهنجي علائقي جي اسڪولن کي خيرآباد چئي پڙهائي لاءِ روشنن جي شهر ڪراچي کي وڃي وسايوجتن هن پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري ( سنڌي ادب )منجهه ڪراچي يونيورسٽي مان سند حاصل ڪري ورتي پاڻ تعليم جي ميدان ۾ سدائين اڳڀڙو رهندِي وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي منجهه( ايم _فل ) جي ڊگري ڪري رهيو آهي ، سنڌ جي هن سروان کي لکڻ پڙهڻ جي ستي ننڍي هوندي کان پئتي هئي سال 1976ع ڌاري پاڻ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ قلم هٿ منجهه کنيو هن جي پهرين لکڻي روزانه آفتاب حيدرآباد ۾ ( ٻاڻو نظم ) لکي پير پاتو انهي زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سڪندر علي سومري مان( سڪندر سرواڻ )نالي سان ادبي دنيا منجهه مشهور آهي سڪندر سرواڻ هڪ برجستي شاعر سان گڏ ،براڊڪاسٽر ، ڪمپئر، هڪ بهترين ڪهاڻيڪار ، ڊرامانگار ، هڪ بهترين صحافي جهڙي شعبن سان پڻ سلهاڙيل آهي سڪندر سرواڻ پاڻ هڪ بهترين شاعر پڻ آهي هن پنهنجي من اندر جو آواز ٻاهر ڪڍڻ لاءِ شاعري جي اصولن قائدن کي سمجهڻ لاءِ جوهي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي سرموڙ شاعر (احمد خان مدهوش ) کي پنهنجي شاعري جو استاد بڻائي شاعري جا سورا گر سکي پنهنجو شاعري جو تخلص (سرواڻ ) رکيائين پاڻ هن وقت تائين شاعري واري صنفنن ۾ واهه جو ملهائيندو پيو اچي پنهنجي شاعري واري زبان ۾ چئي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن جيئان تو کان پري اوسانورا توسوا جانا نه گهرجي ڇانورا جيئان ڪيئن اڪيلو تو کان پري مان ٿا رهن منجهيل اندر جا مامرا جئءَ جهرندو ٿو رهي منهنجو سڄڻ من ڪيان ماٺو ڪيئن او باونرا ساهه کي لڇ پڇ رهي ٿي تو سواءِ دل مٿان منهنجي رهن درد اتامرا ڪيئن جيئي سرواڻ توري تو ٻڌا منهنجا سڄڻ او سانورا او بانورا سنڌ جو هي بهترين اديب ، شاعر ،براڊڪاسٽر ، گهڻ رکي شخصيت علمي ادبي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي سال 1989ع ڌاري پنهنجي ادارت هيٺ ( مرڪ ) نالي هڪ ادبي رسالي جي اشاعت ڪرائي جيڪو مسلسل ستن سالن تائين 1996ع تائين ڇپجندو رهيو پاڻ سال 1992ع کان 1994ع تائين اردو رسالي (ٽوٽ بٽوٽ ) جي سنڌي شعبي جو انچارچ طور نهايتي سلڪي سان ڪم ڪندي نظر آيو سنڌ جي هن ناليوري شاعر سرجڻهار ،اديب سنڌي ادب جي سونهن ۾ هميشه واڌري لاءِ مصرف عمل رهندي روزاني ڪوشش ،روزاني هلال پاڪستان ، روزاني جيجل، منجهه مختلف مضوعن تي ڪالم لکندو رهي ٿو جن منجهه پنهنجي شاعري پڻ ڇپائيندي نظر پڻ اچي ٿو پاڻ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ پنهنجي ادبي پورهئي منجهان چار ڪتاب سرها گل ساڻيهه جا ، ڪنول ، گهنگهر گهاريم ڏينهڙا ، دودا منهنجي ديس جا ڏنا اٿس سڪندر سراڻ شاعري جي مڙني صنفف جهڙوڪ ،غزل ،گيت ، وائي ،بيت تي طبع آزمائي ڪندي نظر آيو آهي پاڻ شاعري منجهه سولا ءُ سادا لفظ نهايت دل جي حضور سان استعمال ڪري غزلن جي حسن کي چمڪائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي آندي .سڪندر سرواڻ پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت پنهنجي اباڻي ڪکن کي سال 1975ع ڌاري ڇڏي اچي جوهي شهر وسايو ،مڱر جوهي شهر ۾ پنج سال کن رهي هن شهر کي به خير آباد چئي ڪراچي شهر ملير جي قائداآباد جي علائقي عمر مارئي ڳوٺ کي پنهنجو مسڪن بڻايو سنڌ جو نازن ڀريو شاعر اديب سڪندر سرواڻ پاڻ هڪ دلفريب آواز جو مالڪ پڻ آهي هن کي رب پاڪ حسين وڻندڙ لفظن جو استعمال نهايت سهڻي نموني سان ريڊيو جي دنيا منجهه ادا ڪندو رهي ٿو پاڻ سال 1982ع ڪراچي اسٽيشن سان ريڊيو جي دنيا سان سلهاڙيل آهي ، سڪندر سرواڻ سنڌي ادبي سنگت سان نهايتي دلي لڳاءُ اٿس پاڻ ڪراچي ملير شاخ جو هن وقت سيڪريٽري پڻ آهي سنڌي جي هن ناليوراي اديب کي مختلف ايوراڊ شليڊن سان نوازيو ويو آهي سڪندر سرواڻ نهايتي سادي طعبيت جو مالڪ مهمان نواز شخصيت جو مالڪ آهي ريڊيو پاڪستان جي دنيا منجهه سوين رِيڊيو لسنر ۽ چاهيندڙ موجود آهن پاڻ هن وقت ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن سان سلهاڙيل آهي جتان هر هفتي ذهني آزمائش جو پروگرام پڙهو ۽ پرايو منجهه پنهنجا فرض ايماندار سان سرانجام ڏيندو پيو اچي . اڄ 22جون 2023ع خميس ڏينهن هن بهترين شاعر ،اديب ، براڊڪاسٽر جي 66هين سالگرهه جو ڏينهن آهي جنم ڏينهن تي هن کي گهر ڀاتي اديب دوست مبارڪون پڻ چوندا منهنجي هن باڪمال شخصيت لاءِ دعائون ته هميشه خوش هجي ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندو رهي سڪندر سرواڻ ڀٽائي سرڪار کي پنهنجي زباني واهه جو ڀيٽا پيش ڪندي چوي ٿو ته ڀٽ ڌڻي هر بار چئي ويو دل جا وهم وسار چئي ويو قرب وڌائڻ واريون ڳالهيون مٺڙي ڏس گفتار چئي ويو پاڻ مڙي وڃ صاف چيائين سهپ جو مادو ڌار چئي ويو ڄاڻ جي هوندي اڻڄاڻ رهين ٿو سوچ جو مادو ڌار چئي ويو پنهنجي من ۾ ڳولي پرين کي ٻئي هنڌ ڪين نهار چئي ويو همت وار ڪڏهن ڊڄندا ناهن اندر کي تون اچار چئي ويو زهر به زم زم تڏهن لڳي ٿو من کي سرواڻ مار چئي ويو . ______________________ ڏسپتو پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري