• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بهترين استاد سائين محبوب علي جروار جو وڇوڙو

عبدﷲ جروار

سينيئر رڪن
دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس!
(سائين محبوب جروار جي وڇوڙي تي مختصر تحرير)
تحرير : عبدالله جروار

ٻه سال اڳ ڇنڇر ڏينهن شام وسندڙ برسات کان پوء شهر کان ڳوٺ واپس ايندي سائين محبوب جروار تعلقه ايڊيوڪيشن آفيسر پرائمري ڊگهڙي ضلع مير پور خاص روڊ حادثي ۾ پنهنجي حياتي وڃائي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. هي جهان فاني آهي هر ڪنهن کي هي جهان ڇڏڻو آهي. پر سائين بيوقتائتو ۽ حادثي موت نه رڳو سائين جي ڪٽنب لاء گهري صدمي جو سبب بڻيو . پر سائين جي سوين هزارين شاگردن لاء وڏو صدمو هو. سائين محبوب جروار وڏو عرصو گورنمينٽ هاءِ اسڪول عبدالله جروار ( جيڪو سائين جي والد جي نالي سان موجود ڳوٺ) ۾ بحيثيت استاد ۽ بعد ۾ هيڊ ماستر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪجھ ئي مهينا اڳ کيس هيڊ ماستر سان ٽي اي او پرائمري جي چارج پڻ ڏني وئي هئي.
منھنجي به مئي 1992ع ۾ ايڇ ايس ٽي طور مقرري هن اسڪول ۾ ٿي هئي. ان وقت سائين محبوب علي جروار هن اسڪول ۾ استاد سان گڏ ايف اي طور ذميواريون نباهي رهيو هو . ان وقت اسان ٻاهر جا پنج استاد هن اسڪول ۾ پڙهائيندا هئاسين. اسان سڀني جي رهائش کاڌي پيتي جو سمورو ذمو سائين محبوب ۽ سندس ڀائرن ادا سردار غلام قادر جروار ۽ ادا غلام الله جروار جن تي هو. مئي 1993ع ۾ منهنجي ٽرانسفر گورنمينٽ مڊل اسڪول عبدالرحمان ٿيٻو ٽنڊو الهيار ۾ ٿي هئي. هڪ سال رهڻ دوران سڀني ڀائرن اسان کي وڏيون عزتون محبتون ڏنيو هئائون . هڪ سال کل خوشي ۾ گذري ويو هو. سندن مليل محبتون سدا ياد رکڻ جهڙيون آهن. ٻهراڙي ۾ قائم هن اسڪول ۾ هزارين شاگرد تعليم وٺي وڏين نوڪرين تي فائز ٿيا آهن . هن علائقي ۾ گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول امن آباد کان پوء هي ئي اسڪول آهي جيڪو غريب ٻارن جي تعليم جو بهتر ذريعو ثابت ٿيو آهي.
سائين محبوب. محبوب شخصيت هو. پنهنجي زندگي قوم جي ٻچن کي تعليم ڏيندي صرف ڪيائين. جن هزارين ٻارن کي سائين علم جي روشني عطا ڪئي ان سان سائين جو نالو وڏي عرصي تائين زنده رهندو.
مرد تنهنجي هن دنيا ۾ باقي وڃي ڪا ڳالهه رهندي. زندگي ۾ وڇوڙا جھوري وجهندا آهن. وڇوڙي جي درد تي لکڻ لاء لفظ ناهن ڇا لکجي. الله پاڪ سائين محبوب جي سموري ڪٽنب کي صبر جي توفيق عطا فرمائي ۽ محبوب سائين کي جنت الفردوس ۾ اعلي ا مقام عطا فرمائي آمين
Ada Ghulamullah Jarwar
Azizullah Jarwar
Abdullah Jarwar
 
rIk1bRU.jpg


rIk1bRU.jpg


rIk1bRU.jpg
 
Back
Top