جمهوريت ۾ به آزاد صحافت تي پابندي؟!

'مختلف موضوع' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسان وٽ آزاد صحافت ڪيتري آزاد آهي؟ ان جو اندازو اسان سڀني کي چڱي ريت ٿي چڪو آهي. ان جي باوجود به اسان آزاد صحافت جي معيار کي قائم رکڻ جي لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون. جنرلن جي هر دور ۾ صحافت مٿان بلڊوزر گهمايا ويا آهن، آزاد صحافت جي نه هجڻ ڪري ئي عوام 70 ڏهاڪي ۾ مسئلي کي درست نموني ۾ نه سمجهي سگهيو، جنرل ضياء جي دور ۾ به صحافت تي سخت پابنديون مڙهيون ويون، ان کان پوءِ صحافت جي ذهن کي اهڙي طرح سان ٺاهيو ويو جو قومي ميڊيا جي حيثيت رکندڙ قومي اخبارن هميشه اسٽيبلشمينٽ جي سوچ کي ڀرپور سپورٽ ڪئي ، جنهن ڪري مسئلو حل ٿيڻ جي بجاءِ الٽو عوام ۾ غلط رنگ سان اڀريو آهي.

    جنهن ۾ اسان ڪالاباغ ڊيم مسئلي کي ڏسي سگهون ٿا، جتي ننڍن صوبن جي موقف کي سمجهڻ جي بجاءِ وڏي صوبي جي عوام کي غلط موقف سان فيڊ ڪيو ويو آهي ۽ انهي غلط موقف جي ڪري عوام پنهنجي مظلوم عوام جو ساٿاري ناهي ائين ناهي ته عوام هڪ ٻئي جو ساٿاري نه ٿو ٿي سگهي، پر سوال هي آهي ته انهن کي ميڊيا جي ذريعي تصوير جو رخ ڪيئن پيو ڏيکاريو وڃي.

    ٻئي طرف بلوچستان ۽ فاٽا ۾ هلندڙ آپريشن تي ڪا به خبر يا لکڻ جي آزادي ناهي، بلوچستان جو عوام ڪهڙي تڪليف ۾ آهي؟ اسان هينئر تائين انهي تصوير جي رخ کان ناواقف آهيون، فاٽا ۾ آپريشن دوران ڇا پيو ٿئي؟ اسان کي خبر ناهي سواءِ انهي جي ته اسان آپريشن کٽي ورتو ۽ آرمي علائقي تي ڪنٽرول قائم ڪري ورتو آهي. ڇا اهڙي خبرن جو بينا تي عوام رياست جي پاليسيز کي سمجهي سگهندو؟

    صحافت ۾ هينئر به گهڻيون مشڪلاتون آهن، جن ۾ هر طرف کان سينسرشيپ مڙهيل آهي. هڪ حڪومت، اسٽيبلشمينٽ، اخباري ادارن ۽ صحافين جي طرفان به سينسر شيپ لاڳو ڪيل آهي، جنهن جو پهريون سبب هي آهي ته اسان وٽ تحفظ ناهي، هر هڪ کي تحفظ جو خيال ۽ اخبارن کي اشتهار نه ڏئي ڪري اخبارن کي مالي پريشاني ذريعي آزاد صحافت کي هاءِ جيڪ ڪيو وڃي پيو، انهن سڀني مسئلن کي منهن ڏيندي صحافت آزاد صحافت جي معيار کي قائم رکڻ جي جدوجهد ۾ آهي، ۽ مشڪلاتن کي اڪيلي سر منهن ڏيندي عوام تائين درست اطلاع پهچائي رهيا آهيون.

    اسان کي هي ٻڌائيندي افسوس ٿي رهيو آهي ته هڪ جمهوري حڪومت ۾ ميڊيا تي پابندي لڳائي پئي وڃي، صحافت اهڙين قسمن جون حرڪتون آمر دور ۽ نيم جمهوري سوچ رکندڙن مان ڏٺيون هيون پر هاڻي اسان اهڙي قسم جي حرڪت هڪ اهڙي پارٽي مان ڏسي رهيا آهيون جنهن جي اڳواڻن پنهنجون جانيون ئي جمهوريت کي قائم رکڻ لاءِ ڏنيون، ۽ جمهوريت جو روح آزاد صحافت ۽ اظهار خيال جي آزادي آهي. هينئر تائين خبرون آيون آهن ته ميڊيا تي پابند ي لڳائي پئي وڃِي، جنهن ۾ جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪواٽر تجويز ڏيندي چيو آهي ته دفاعي معاملن تي مواد جوائنٽ اسٽاف، وزارت دفاع، آئي ايس پي آر جي اجازت جي بغير شايع نه ڪيو ويندو. جڏهن ته سيڪيٽري انفارميشن سهيل منصور ان معاملي تي بيخبر آهي.

    اسان سمجهون ٿا ته هر شيءِ جي پنهنجي حد مقرر ٿيڻ گهرجي ۽ ان ۾ ڪو شق ناهي جو ڪجهه ماڻهڻ ميڊيا کي پوليوٽيڊ ڪري ڇڏيو آهي، صحافت جي حوالي سان ضابطه اخلاق طئي ڪرڻ گهرجن ۽ صحافين لاءِ تحفظ کي به يقيني بڻايو وڃي ته جيئن آزاد خيالن جي اظهار جي عيوض انهن کي ڪا تڪليف نه پهچائي وڃي، حڪومت کي ڪجهه شيون جوڙڻ ضرور گهرجن پر جيڪا اڌو گابري آزاد صحافت، صحافت پاڻ جوڙي آهي ان تي ائين پابنديون مڙهڻ ۽ اهو به هڪ جمهوري حڪومت ۾ جيڪا پنهنجو انمول اڳواڻ شهيد پنڪي قربان ڪرڻ کان پوءِ اقتدار ۾ آئي آهي، ڇا ان جي قرباني کي آزاد صحافت تي پابندي مڙهي ڏني ويندي؟

    اسان اميد ڪنداسين ته حڪومت جيڪڏهن اهڙين پابندي جو سوچي رهي آهي ته ان کان پاسو ڪري ڇاڪاڻ جو ان جو سڄو نقصان خود پ پ کي ۽ صحافت کي پهچندو. انهي ڪري صحافت کي وڌڻ ڏيو، ان تي ائين پابنديون نه مڙهيو.


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو