ڪهاڻين جي ڪتابَ ”مون خدا ڳولي ورتو آهي“ جو تنقيدي جائزو ثناءالله مڱريو ڪهاڻي هر دور ۾ ٻڌي ۽ ٻڌائي وئي آهي. انسان جي فطرت آهي ته، هو ڪهاڻي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ پسند ڪندو آهي، نه فقط ايترو، پر ٻڌائڻ سان پنهنجي من جي مونجهه به مٽائيندو آهي. قديم دور ۾ انسان اُچو پائڻ، سُٺو کائڻ جهڙي اجائي ٺٺ ٺانگر کان آزاد هو. رڳو ٻه ويلا پيٽ ڀرڻ، اوڍڻ ۽ وڇائڻ جي لاءِ چادرَ ۽ مٿي ڇانوَ جُھڳيءَ جي ضرورت پوري ڪرڻ کانپوءِ، هوُ زندگيءَ جي لاهَن چاڙهن کان ڪوهين ڏوُر هو. اهو ئي سبب هو جو ڪهاڻي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ انساني سماج جو حصو هو. اوطاقن، گھرن ۽ حجرن ۾ ڪهاڻيون ٻڌيون ۽ ٻڌايون وينديون هيون. ڏٺو وڃي ته اڄ جو انسان به مڻين مصروفيتن جي باوجود به ڊرامو/مووي ڏسي پنهنجي دل وندرائي ٿو. ”مون خدا ڳولي ورتو آهي“ هن ڪتاب جي ليکڪه ڊاڪٽر سيما ابڙو آهي. هي سندن ٽيون پورهيو آهي، هن کان اڳ ٻه ڪتاب سنڌي ادب کي ارپي چڪي آهي. هن ڪتاب کي پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي، تمام خوبصورت ۽ پر تاثر انداز سان شايع ڪيو آهي. ڪتاب جو ٽائٽل ڏسڻ وٽان آهي. بڪ شيلف تي سَجائڻ سان، پاڻ ڏانهن مبذول ڪرائي ٿو. ڪتاب جي ارپنا ”امان وڏي ۽ ابا وڏو“ ارپنا کانپوءِ اڳئين صفحي تي ”امڙ جي دعا“ درج آهي”اداري پاران“ ۾ قمر آفتاب پنهنجي اداري جي ڪارڪردگي ۽ صاحبه ڪتاب تي ڪجھ فقرا پڻ لکيا آهن. ان کانپوءِ ”ڊاڪٽر سيما ابڙو، ڪهاڻيءَ جو نئون سفر“ جي عنوان سان مهتاب اڪبر راشدي جو تفصيلي تاثر لکيل آهي.(جنهن کي ڪتاب جو مهاڳ چئي سگھجي ٿو). هڪ صفحي جي مختصر تاثر ۾ ڊاڪٽر اعجاز سمون جن گھڻو ڪجھ لکيو آهي. ڪتاب جي بيڪ ڪور تي زيب سنڌي جو تاثر لکيل آهي. 159 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ 17 ڪهاڻيون آهن. ڪتاب جو نالو ڪيترو اثر ڇڏي ٿو، اهو اندازو مونكي تڏهن ٿيو ، جڏهن مون اسٽيٽس لڳايو “New book for reading” مونكي ڪافي شاگردن ميسيج ڪيو “Sir! I want to read this book” ڪتاب جي نالي سان ڪتاب ۾ ڪهاڻي پڻ موجود آهي، جنهن بابت ڊاڪٽر سيما جن ”پنهنجي پاران“ ۾ لکيو آهي ته ”امر جليل جي ڪهاڻي ’خدا گم ٿي ويو آهي‘ جي تخيل کي کڻي لکيو اٿم“. ڊاڪٽر سيما ابڙو، ڪهاڻين ۾ پنهنجن مشاهدن، احساسن، امنگن، خواهشن، اميدن، ويچارن ۽ خيالن کي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو آهي. ڊاڪٽر سيما ابڙو جون ڪهاڻيون جيئريون جاڳنديون پينٽنگس آهن. ڪهاڻي پڙهڻ دوران ڪٿي ڪٿي ته ائين محسوس ٿئي پيو جهڙوڪ؛ 4K Resolution تي ڪا مووي ڏسي رهيو هجان. ڊاڪٽر سيما جون ڪهاڻيون مڪمل ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻين پڙهڻ کان پوءِ مان هي چوڻ تي مجبور آهيان ته ڊاڪٽر سيما ابڙو جو دماغ تخليقي صلاحيتن سان ٽمٽار آهي. سندس مطالعو ۽ مشاهدو وسيع آهي. هن جي هر ڪهاڻي عام ماڻهوءَ جي ڪهاڻي آهي ۽ هر ڪهاڻي ڀرپور ۽ دلچسپ آهي. ڪهاڻين ۾ ٻولي نه ته جنن واري آهي ۽ نه ئي فلسفي جون نه کلندڙ ڳنڍيون. ڊاڪٽر سيما جي لکڻ جو سٻاجھڙو انداز ۽ ڪهاڻيءَ تي مڪمل گرفت، پڙهندڙ کي حيران، محو ۽ مستان ڪري ڇڏي ٿي! انسان ۽ زندگيءَ جي اهم ترين موضوع کي ، پنهنجي اسلوب ۾ پيش ڪرڻ جو هنر ڊاڪٽر سيما ابڙو ڀلي ڀت ڄاڻي ٿي. ائين لڳي ٿو ڪهاڻي ڊاڪٽر سيما ابڙو جي ذهن ۾ ٻج جيان جاءِ والاري ۽ پوءِ پچي راس ٿي ميوي وانگر ٻاهر آئي آهي. ڊاڪٽر سيما ابڙو جي ڪهاڻين جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کتل آهن، هر ڪهاڻي سماج مان ڦُٽي نڪتل آهي. هن جون ڪهاڻيون خودرو گلن، ولين ۽ ڪنڊن جيان آهن. ڪهاڻيون پڙهڻ سان ائين محسوس ٿئي ٿو جهڙوڪ؛ منهنجي گھر، منهنجي گھٽيءَ ۽ منهنجي ڳوٺ جون ڪهاڻيون هجن. ڪهاڻي ”وچئين کٽ“ ۾ نئين آيل ڪنوار سان نڻانَ، ۽ سَسُ جو ساڙ نظر اچي ٿو، جيڪو اسان جي سماج جو چٽو عڪس آهي. ڪهاڻي ”هزار جو نوٽ“ انساني سماج جي تصوير آهي، جنهن ۾ هڪ معصوم ٻارَ جا قلفيون کپائيندڙ پاران پئسا ڦٻائڻ ۽ پنجن انساني جانين جو ضايع ٿيڻ. جن مسلمانن ڪڍيا دوڪان تارازي کڻي مون ڏٺو اڪثر ڪري ننڍا ڦُريندا ٻارَ ٿي (مولانا مسرور) حديث شريف آهي ته؛ مَن غَشَّ فَليسَ منّا. (جامع ترمذي، حديث نمبر 1315) ”جو ڌوڪو ڪري ٿو، سو اسان مان ناهي.“ بدقسمتي سان اسان جو معاشرو بي ايماني سان ڀريل آهي! ڪو به پنهنجي ڪرت سان سچو ناهي. حاجي ۽ زوار به اسان جي ملڪ ۾ گھڻا، تبليغ به سڀ کان وڌيڪ اسان جي ملڪ ۾ ٿئي، عزاداري به (پوري دنيا) عراق ۽ ايران کان به وڌ اسان جي ملڪ ۾ ٿئي، پر سمورو ملڪ گھمي اچو، ڪٿي به توهان کي اڌ ڪلو به خالص کير جو نه ملندو. مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي جيڪي جڏهن پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٽيچنگ جا فرائض سرانجام ڏيندا هئا ته ڪڏهن به اسڪول ۾ دير ڪري به نه پهتا. پر جڏهن اُهي سرڪاري استاد بڻيا ته پاڻ مٿان ’گوسڙو ماستر‘ جي مھر هڻائي ويٺا! ڪهاڻي ”شينهن ڪلهي“ ۾ هڪ معصوم ڇوڪريءَ سان ٿيل وارتا ڏيکاري وئي آهي. جوانيءَ ۾ پيرپائڻ کان اڳ ئي خوشبو لڳائڻ، گھر کان ٻاهر قدم رکڻ ۽ پڙهڻ تي پابندي لڳائي، کيس آٿت ڏني وڃي ٿي ته ”شاديءَ کان پوءِ دنيا جو سير ڪندينءَ، خوشبو لڳائيندينءَ، مڪمل مرضيءَ جي زندگي گذاريندينءَ“. پر شينهن ڪلهي چڙهڻ کانپوءِ اهي سڀ رڳو کوکليون ڳالهيون ئي ثابت ٿين ٿيون. عورت جي سڀ کان وڏي خوشي مڙس جو پيار هوندو آهي، جيڪڏهن مڙس پنهنجي زال سان هڪ سخت استاد وارو رويو رکندو، ته عورت جون صلاحيتون ختم ٿي وينديون. ڪهاڻي ”مون خدا ڳولي ورتو آهي“ هن ڪهاڻيءَ ۾ اهڙو ماڻهو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو خدا جي هئڻ جو انڪاري آهي. هن جو نالو ته الله بخش آهي، پر الله جي قربت کان ڪوهين ڏور آهي. انسان تي ڪڏهن ماحول اثر ٿو ڇڏي، ڪڏهن ڪتاب ته ڪڏهن وري صحبت. اهو ئي سبب آهي جو انسان حالاتن ۽ حقيقتن کي مدنظر رکندي، پرکيندي، پنهنجي سوچن ۽ خيالن ۾ تبديلي آڻيندو رهي ٿو. هي ڪهاڻي پڙهڻ سان مونکي منهنجو ماضي وَڻَ ويڙهي جيان وڪوڙي ويو. ڪهاڻي پڙهڻ سان مونکي شيخ اياز بابت لکيل موسيٰ ڀٽو جا ”بيداري“ رسالي ۾ پڙهيل مضمون ياد آيا ۽ شيخ اياز جا آخري ڏينهن پڻ ياد آيا. ادب ۾ قدم رکڻ کانپوءِ ڪجھ ڪميونسٽ ۽ ترقي پسند دوستن سان به واسطو پيو، جنهن سبب سوچ ۾ ڪافي ڦيرو آيو. دوست حافظ حاتم لانگاھ پاران تحفي ۾ ڏنل عزيزالله ٻوهيو جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا، پر خود به حافظ ۽ ٿوري گھڻي ڄاڻ هئڻ سبب سندس سوچ سمجھي ويس. عزيزالله صاحب پنهنجن ڪتابن ۾ قرآني آيتن جو ترجمو نه بلڪه رڳو پنهنجي تشريح ۽ پنهنجي سوچ ٿاپي هئي. جڏهن نوجواني ۾ پير پاتو هو ته ڪجھ دوست گڏجي ڀرواري ڳوٺ ۾ ڪڏهن ڪڏهن هوٽل تي ويندا هئاسين. اتي هڪڙو پٺاڻ هر سياري ۾ ڪپڙو (کپائڻ لاءِ) کڻي ايندو هو ۽ رهندو به ان ئي ڳوٺ ۾ هو. جڏهن هوٽل ۾ وي.سي.آر ۾ هلندڙ ڪيسيٽ ۽ چوڏهن سائيز جي سوني ڪمپنيءَ جي ٽيليويزن تي روينه ٽنڊن، ماڌوري، ڪرينا ڪپور وغيره جي ڊانس تي جيڪي گانا هلندا هئا، اهي سموري فلم کان وڌيڪ متاثر ڪندا هئا، مونکي فلم ڏسڻ کان وڌيڪ شوق گانن جو هوندو هو، جنهن ڪري اڪثر ڪري گيت مالا ئي ٻڌڻ/ڏسڻ پسند ڪندو هيس، ڇو ته هنن گانن ۾ جيڪي آواز هوندا هئا اهي ڪويل جي آواز سمان روح کي جھومائي ڇڏيندا هئا. مونکي لتا منگيشڪر جو آواز ڳاڙهن،گلاب جي گلن جهڙو، الڪا ياگنڪ جو آواز سرنهن جي پيلن گلن جهڙو ۽ انوراڌا جو آواز رابيل جي اڇن گلن جهڙو معطر لڳندو هو، هي آوازَ اڃا تائين ائين ئي محسوس ٿيندا آهن. جڏهن آذان ايندي هئي ته ٻاهر تڙڪي تي ويٺل پٺاڻ جلدي جلدي اچي هوٽل جي دروازي کان رَڙ ڪري چوندو هوآذان تو (ٿو) اچي، دوزڪيو! (دوزخيو!) گانا بند ڪيو“ هڪڙي ڀيري ڪنهن جوانڙي هوٽل مان رڙ ڪري چيس؛ ’لالا! جنت ۾ هونئن به تو جهڙا ڌَپرَ (بدبودار) هوندا، اتي رهي ڇا ڪبو، دوزخ ۾ روينه ٽنڊن، ماڌوري ۽ ڪرينا ڪپور جهڙيون حسينائون هونديون.......` هن ڪهاڻيءَ جي لفظن ۾ پاڻيءَ جي وهڪري جهڙي رواني ۽ سج، چنڊ تارن، ٻنين ٻارن، ڍنڍن ۽ جبلن، مخروطي منارن ۽ ريگزارن جو سَير ان ڳالھ جي تصديق ڪري ٿو ته ليکڪه تي خدائي رحمت وسي پئي آهي. جنهن جو اظهار ڪهاڻيءَ ۾ پسي سگھجي ٿو. ”من اندر مان بي چيني ختم ٿي رهي آهي ۽ سڪون محسوس ٿي رهيو اٿم. ڄڻ ڪجھ وڃائڻ ڪجھ حاصل ڪرڻ جي گڏيل ڪيفيتن من اندر کي ڪجھ لمحن لاءِ لوڏي وڌو هجي ته وري انيڪ پلن لاءِ اطمينان بخش ڪيفيت ۾ پڻ مبتلا آهيان. نه ڄاڻ ڇو سموري ڪائنات جو ذرو ذرو من کي راحت ڏئي رهيو آهي.“ ”ڪا ذات اٽل آهي جنهن جي اشاري سان ڪائنات جو سمورو نظام هلي ٿو ۽ جڏهن هو چاهي ٿو ”ڪُن“ ته ”ٿي پوي ٿو“ اهو سڀ ڪجھ جيڪو هو چاهي ٿو.“ مجموعي طور هي ڪهاڻي گمراهي ۾ پيل انسانن کي سنئين راھ تي آڻڻ ۾ راھ ۽ رند مهيا ڪرڻ سان گڏ مدد پڻ آڇي ٿي. ڪهاڻيون ”پريوش منهار“ ”راجڪماري“ ۽ ”حيرت زده“ واقعن تي مشتمل آهن. هنن ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري آهي. پر ائين به ناهي ته جيڪو به سامهون آيو، ذهن ۾ آيو لکيو، بلڪه انهن ۾ زندگيءَ جي مڪمل عڪاسي ۽ تصوير ڪشي آهي. ڪهاڻين ۾ رڳو واقعا بيان ناهن ٿيل، بلڪ مصنفه جا تجربا ۽ مشاهدا پڻ واضح نظر اچن ٿا. ڪهاڻي ”پريوش منهار“ جهڙا ڪيئي واقعا ٽي.وي چينلز۽ اخبارن جي زينت بڻجي، حساس دلين ۽ خوبصورت روحن جي ڏک جو سبب بڻيا! اهڙن واقعن دوستيءَ جي ڀرم تي دانگي ملي، رشتن جو تقدس پائمال ڪيو! هن ڪهاڻيءَ ۾ صفدر جا پنهنجي دوست منهار جي گھرواريءَ سان ناجائز لاڳاپا ڏيکاريا ويا آهن. ڪهاڻيءَ ۾ اصلاح جون خصلتون به ملن ٿيون. جهڙوڪ؛ منهار چوي ٿو ”جيڪر مان نوجوان نسل کي سمجھائي سگھان ته جيڪي شاگرد يونيورسٽي جي گيٽ ۾ داخل ٿيندي ئي حسن جي فريب ۾ جڪڙجي ويندا آهن ۽ ماءُ ۽ پيءُ جي خوابن جي ساڀيان کان اڳ ئي انهن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن مون ڪيو. ڪاش مان انهن کي سمجھائي سگھان.“ ”ڇرڪُ“ ”پرڻو“ ”ببلو ۽ راجو“ ۽ ”ڳاڙهو نوٽ“ هنن ڪهاڻين ۾ پيڙهيل طبقي جي مسئلن کي موضوع بڻايو ويو آهي. هي ڪهاڻيون سرزمين جي رهاڪن جي بودوباش، رهڻي ڪهڻيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون. ڊاڪٽر سيما جي ڪهاڻين ۾ انسانن جي وچ ۾ جيڪي ڪڌين رسمن ۽ ڪلفتن جا مينار اُڀا ڪيا ويا آهن، انهن کي مسمار ڪرڻ جو سبق ملي ٿو. ڪهاڻي ”بيوفائي“ ۾ هڪ شخص ڪنهن اهڙي عورت سان ٻي شادي ڪئي آهي، جنهن جو دنيا ۾ ڪو به سهارو ناهي. پهرين گھرواري چوي ٿي ”تو مونسان بيوفائي ڪئي آهي. مونکي برباد ڪري ڇڏيئي. مون تنهنجي ڏينهن رات خدمت ڪئي. منهنجي پيار ۾ ڪهڙي ڪسر رهجي وئي هئي، جو پهاڄ جا پها کڻي منهنجي مٿي تي رکي ڇڏيا اٿئي! معصوم ٻارن جو به خيال نه ڪيئي“ ڪهاڻي ”مريم“ کي ڪهاڻي ”بيوفائي“ جي ٻي سيريز چئي سگھجي ٿو. مريم مغل چاچا جي پاڙي جي هڪ يتيم ڇوڪري آهي، جيڪا کيس خيال رکي ٿي ۽ احترام ڪري ٿي. مغل چاچا به کيس پنهنجي ڌيء سارا جيان ڀانئي ٿو. جنهن تي مغل چاچا جا پنج ئي پٽ مريم جا دشمن بڻجي وڃن ٿا، کين خوف وڪوڙي وڃي ٿو ته ڪٿي بابا ملڪيت مان ڪجھ حصو مريم کي نه ڏي. مغل چاچا چوي ٿو ”پنجن پٽن اڳيان منهنجي هڪ ڌيء مون لاءِ سرس آهي، پنج پٽ هڪ ڌيء جو مٽ نه ٿا ٿي سگھن“ اڳتي ڪهاڻيءَ ۾ مغل چاچا چوي ٿو ”لاوارث عورت کي سهارو ڏنم اهو به پٽن کان برداشت نه ٿيو. هاڻي مون وٽ رڳو پنهنجي ڌيء سارا ۽ تنهنجو ساٿ آهي، اهو به پُٽَ سهن ڪو نه ٿا. ڌيءَ! انهن جو جيترو پيٽ ڀريان ٿو، اوترو ئي تنگ ڪن ٿا“. قرآن شريف ۾ ارشاد آيل آهي ته؛ یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِنَّ مِنْ اَزْوَاجِڪُمْ وَ اَوْلَادِڪُمْ عَدُوًّالَّڪُمْ فَاحْذَرُوْهُمْۚ يعني؛ اي ايمان وارئو! توهان جون ڪجھ شريڪ حيات ۽ اولاد ۾ ڪجھ توهان جا دشمن آهن، انهن کان بچو. جيڪڏهن اسان ٿاڻن ۽ ڪورٽن جو چڪر لڳايون ٿا، ته هن آيت جو مفهوم واضح ٿي وڃي ٿو. ڪهاڻي ”ارڏائي“ ۾ شهري زندگيءَ جو چٽو عڪس پسي سگھجي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ سدره ۽ احسن جي ماء کين چوي ٿي”مان اوهان ٻنهي لاءِ لنچ تيار ڪري فريج ۾ رکي ڇڏيو هو، ٻنهي ان کي ڇڏي پيزا آرڊر ڪيو. ان جو اهو مطلب آهي ته هاڻي ٻنهي کي گھر جو کاڌو نه ٿو وڻي“ اڄ جا شهري ٻار پنهنجي گھر جو ٺهيل کاڌو ڏسڻ به پسند ڪو نه ڪن. اهڙوماحول پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار (Advertising) اشتهارن جو به آهي (Advertising) اشتهارَ وڏا ڌوڪا ڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان جو لباس شلوار قميص مان وڃي پينٽ شرٽ تي پهتو آهي. اسان جو کاڌو دال چانورن مان وڃي فاسٽ فوڊ (پيزا، برگر ۽ زنگر) تي پهتو آهي. نه صرف ايترو پر سماجي قدرن جو به تڏو ويڙهيو ويو آ! هاڻي ته شراب جا به اشتهار اچن ٿا. هي ڪهاڻي موجوده حالاتن جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻارن لاءِ اصلاح جا نڪتا پڻ ملن ٿا. ڪهاڻي ”ماء جي نصيحت“ ۾ ماءُ پنهنجي پٽ کي 16 نصيحتون ڪيون آهن جيڪي نه صرف اولاد، پر والدين لاءِ پڻ ڪارائتيون آهن. ڪتاب ۾ پروف جون غلطيون اداري جي معيار کي ڪيرائي رهيون آهن! اصلاح خاطر هتي ڪجھ ضروري غلطين جي نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته جيئن ٻئي شماري ۾ اهي غلطيون ورجايون نه وڃن ۽ اداري پاران ايندڙ ڪتابن ۾ پروف تي ڌيان ڏنو وڃي. صفحي نمبر 25 تي جملو آهي ته ”مهمان اچڻا آهن، انهن کي بصري ۽ ڪٽي ٺاهي کارائبي“. هن جملي ۾ ”بُصري“ لفظ صاد ”ص“ سان لکيل آهي، جيڪو صحيح لفظ سين ”س“ سان ٿيندو ”بُسري“. ساڳئي ئي صفحي تي ”ته“ جي جاءِ تي ”به“ لکيل آهي. صفحي نمبر 28 تي جملو آهي ”تنهنجي وڏي پٽ جي وڏي ننهن توسان ڪچهري ڪرڻ لاءِ آئي آهي“ هن جملي مان وڏي پٽ جي زال، پٽهنس جي وڏي ننهن پئي ظاهر ٿئي. يقينن اهو جملو هيئن هوندو ’تنهنجي وڏي پٽ جي زال، تنهنجي وڏي نُنهن توسان ڪچهري ڪرڻ لاءِ آئي آهي‘ صفحي نمبر 37 تي ”ق“ قلم جي جاءِ تي ”ڪ“ ڪتاب آيل آهي. صفحي 41 تي ”بسترو“، لفظ مان ”ت“ غائب آهي. صفحي 47 تي لفظ ”جاءِ“ جي جڳھ تي ”جائي“ لکيل آهي. صفحي 49 تي لفط”ٻڌاءِ“ جي جڳھ تي ”ٻڌائي“ لکيل آهي. اتي هڪ ڳالھ جي وضاحت ڪندو هلان ته سموري ڪتاب ۾ جتي به لفظَ ”جاءِ“ ”ٻڌاءِ“ ”ڳالهاءِ“ ”راءِ“ آيل آهن، اُتي ”جائي“ ”ٻڌائي“ ”ڳالهائي“ ”رائي“ لکيل آهن. يعني ٽائيپنگ دوران ڪمپيوٽر(شايد)آٽو ڪريڪشن (Auto Correction)ڪئي آهي، پر ٽائيپ ڪندڙ يا پروف چيڪ ڪندڙ، رتيءَ برابر به ڌيان نه ڏنو آهي. صفحي 52 تي لفظ ”هٿوراڻيون“ لکيل آهي، جيڪو غلط آهي، صحيح لفظ ٿيندو ”هٿوراڙيون“. صفحي 59 تي ”نه جي جاءِ تي ”به“ لکيل آهي. صفحي 83 تي جنس مونث جي ڳالھ هلي ٿي، پر لکيل آهي ته ”لنوائيندا هئاسين“ ”ڪنداسين“ درست لفظ ٿيندا ”لنوائينديون هيونسين“ ”ڪنديونسين“. صفحي 85، 86 تي لفظ ”ڪَنڍي“ ٽي دفعا آيل آهي، ٽنهي جاين تي ”ڍال“ ”ڍ“ مان هڪ نقطو غائب آهي. صفحي 91 تي لفظ ”ذميندار“ ”ذ“ سان لکيل آهي، جيڪو درست لفظ ”زميندار“ ”ز“ سان ٿيندو. صفحي 145 تي لفظ آهي ڊگھيڙڻ“ جيڪو صحيح لفظ ٿيندو ”ڊگھيرڻ“. ڊاڪٽر سيما جون ڪهاڻيون پڙهندڙ کي جنبش ۾ آڻي، گھرو اثر ڇڏين ٿيون. ڪهاڻين ۾ انڊلٺي رنگ ڀريل آهن. تشبيهون ۽ استعارا ڪهاڻين جي زينت بڻيل آهن. ڊاڪٽر سيما ابڙو جي ڪهاڻين ۾ مونکي ڪٿي به ڪو ڦندڦير نظر نه آيو. ٻن يا ٽن واقعن سان ڪهاڻيءَ جو پلاٽ تيار ڪيو ويو آهي. آخر ۾ دعا ڪيان ٿو ته هوءَ پنهنجي قلم سان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ائين ئي خدمت ڪندي رهي.