. ( جنم ڏينهن جي حوالي سان خاص تحرير) اشفاق احمد لغاري منفرد ليکڪ ۽ ڪالم نگار تحرير : عبدالله جروار سنڌ ڌرتي سان محبت جي اظهار طور ڪنهن چيو ته "سنڌ سموري سون" ته ڪنهن چيو "ساري سنڌ پرين جو پاڇو" بلڪل اها حقيقت آهي. سنڌ جي زرخير مٽي مان جهڙا مٺا ميوا توڙي مٺو اناج پيدا ٿئي ٿو اهو ميٺاج شايد ڪنهن ملڪ يا علائقي جي نصيب ۾ هجي. اهو ميوو سنڌڙي انب توڙي مٺي کجور جي روپ ۾ ڪيلن ۽ زيتونن جي رنگ ۾ اهڙي طرح اناج ڪڻڪ جي مٺي ماني هجي توڙي لاڙ جي سڳداسي چانورن جي خوشبوءِ ۽ ذائقو ئي پنهنجو. اهڙي طرح هن ڌرتي جي مٽي مان جنم وٺندڙ شخصيتن جا رنگ روپ ڪم ۽ عمل به شاندار ڪيتريون شخصيتون پنهنجي ڪم ۽ عمل ۾ يڪتا رهيون آهن جن جو ڪو مثال ئي ڪونهي. سنڌ ڌرتي جو ضلع ٽنڊو الهيار به زرخيزي ۾ مالال رهيو آهي. باغات توڙي اناج جي پوکي ۾ شاندار فصل ۽ سر سبز سائو ستابو. هن مٽي مان ڪيترين ناليوارين شخصيتن جنم ورتو. جيڪي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ هڪ مثال رهيا آهن. شاھ عنايت، سائين اشرف شاھ ڪاماري وارو توڙي سائين مصري شاه هاڻوڪي دور ۾ مرتضي ا ڏاڏاهي جن شاعري ۾ ڪمال ڪري ڇڏيو. علم و ادب تعليم جي واڌاري لاء رات ڏينهن هڪ ڪندڙ حاجي صادق ميمڻ، مولوي عبدالڪريم لغاري. مولوي محمد اسماعيل لغاري صاحب جهڙين شخصيتن جڏهن تعليم اڃا ايتري عام نه ٿي هئي ان وقت ۾ پنهنجي هڙان وڙان اعلي ا تعليمي ادارا قائم ڪيا. صحافت جي ميدان ۾ مولوي نور محمد نظاماڻي، مولوي خير محمد نظاماڻي، عبدالڪريم سعدي. حڪيم محمد عرس صوفي.، شڪيل بچاڻي،۽ نصير نهڙيو سميت اڻ ڳڻين صحافين صحافتي ميدان تي پاڻ ملهايو آهي. علم ۽ ادب جي حوالي سان به ٽنڊي الهيار جي ڪيترين شخصيتن جا حوالا آهن. جن ۾ فصل احمد بچاڻي، ميجر خورشيد احمد قائم خاني جا نالا سر فهرست جن بي مثال لکيو. اڄ جنهن شخصيت جو ذڪر ڪري رهيو آهيان. اها شخصيت به پنهنجي تحريرن ۾ چڱو ڪمال رکي ٿي اها شخصيت آهي نوجوان ليکڪ ڪالم نگار اشفاق احمد لغاري صاحب جي ، هن نوجوان سان روبرو ملاقات ته نه ٿي آهي. تنهن هوندي به هميشه روح کي ويجهو رهيو آهي. هن نوجوان جو جنم 07 جولاء 1987 ع تي تعلقي چمبڙ ضلع ٽنڊي الهيار جي يونين ڪائونسل لانڍي جي ڳوٺ ڳاڙهي صدر ۾ ٿيو. پنهنجي پرائمري تعليم ٽنڊي الهيار شهر ۾ حاصل ڪرڻ کان پوء وڌيڪ پڙهڻ لاء گورنمينٽ هاء اسڪول يونين پاڪسنگهار ۾ داخلا ورتي. جيئن ته هاء اسڪول يا وڏن تعليمي ادارن ۾ پري پري کان ڪافي ٻار اچي گڏبا آهن. اتي ئي هر ٻار جي ذهانت رحجان جي پرک پوندي آهي. اشفاق لغاري جڏهن هاء اسڪول يونين پاڪسنگهار ۾ پڙهڻ آيو. اتي جي استادن ۾ هڪ بهترين استاد سائين امداد شاھ صاحب به هو. جيڪو گوهر شناس هو. تنهن کي اشفاق جي ذهانت ۽ تعليم سان دلچسپي بيحد متاثر ڪيو. ان استاد جي ڪوشش ۽ همت افزائي اشفاق جي ڪاميابي جا رستا کولي ڇڏيا. سائين امداد شاھ صاحب هر قدم تي اشفاق جي حوصله افزائي ۽ مدد ڪئي. سائين امداد شاھ صاحب هاء اسڪول ۾ استاد طور ڪجھ وقت پڙهائڻ بعد سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري بعد سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي جوائن ڪيو. تنهن هوندي به اشفاق سان تعلق برقرار رهيو ۽ اشفاق لغاري به پنهنجي محنت جفاڪشي سان سنڌ يونيورسٽي مان ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ گريجوئيشن ڪئي. يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران پاڻ مختلف اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيائين . جنهن سان کيس مالي فائدو ڪيترو ٿيو اها ته خبر ناهي پر شعور سان مالامال ضرور ٿيو. پاڻ هڪ ڪامياب شاگرد ته هو. پر علم ۽ ادب سان دلچسپي کيس هڪ ليکڪ جي روپ ۾ نروار ڪيو. . پاڻ ٽنڊي الهيار جي ناليواري ليکڪ ميجر خورشيد قائم خاني صاحب جن جي صحبت ۾ رهيا. ميجر خورشيد احمد قائم خاني صاحب سنڌ جي لاڏائو قبيلن تي نه رڳو تحقيقي ڪم ڪيو ان ڪم کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو هو. جن سنڌ مشهور ڪتاب "ڀٽڪتي نسلين" ادبي تاريخ ۾ اهم مقام رکي ٿو. ميجر خورشيد قائم خاني صاحب جن جي صحبت اشفاق لاء سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو. مون سندس پهريون ڪالم پڙهيو هو. اهو به ميجر خورشيد قائم خاني صاحب جن جي وفات تي لکيل هو جيڪو ڪاوش اخبار ۾ ڇپيو هو. اشفاق لغاري ڪافي عرصي کان مختلف اخبارن ۾ لکندو رهيو آهي. جن ۾ تحقيقي رپورٽن سان گڏ مختلف موضوعن تي لکيل مضمون ڇپبا رهيا آهن. سندس مضمون توڙي ڪالم هميشه ڪارائتا ۽ دلچسپ به هوندا آهن. اشفاق لغاري هن وقت لاهور جي هڪ اشاعتي اداري لوڪ سانجھ سان وابسته آهي. جنهن ۾ سندس ڪيتريون ئي تحقيقي رپورٽون توڙي ڪالم شايع ٿي چڪا آهن. اڃا به سلسلو جاري آهي. اشفاق لغاري پنهنجي ڪم ڪردار ۽ عمل سان پاڻ کي گهڻ رخي شخصيت ثابت ڪيو آهي. جنهن کي علم و ادب، صحافت و ثقافت توڙي سياست تي چڱي دسترس حاصل آهي. الله پاڪ سندس علم ۽ قلم کي اڃا طاقت عطا فرمائي. مسڪين ماڻهن جي حقن توڙي عوامي مسئلن تي جرآت سان لکندو رهي. اڄ سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي کيس کوڙ ساريون مبارڪون هجن. جيئو پيارا اشفاق! (بروز آچر 09 جولاء 2023ع روزاني آجيان شڪارپور سنڌ)