دل چوي ٿي ڪجهه لکان پر ڇا لکان؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    پروانو ڀٽي ليکڪ

    ڪيترن ڏينهن کان ذهن تي اهو سوال مسلسل اڀرندو ٿي رهيو ته آخر قلم کڻي ٻه اکر ڇونه لکجن. پر وري جڏهن اخبارن جو مطالعو ٿو ڪجي ته ڏوهه ڏڪي ٿا وڃن ۽ ڪنبڻي وٺي ٿي وڃي! حالتون ايتريون ته سک ۽ سلامتي واريون ٿي ويون آهن جو شينهن ۽ ٻڪري کي قاسم آباد جي مين روڊ تي روزانو گشت ڪندي ڏسندو آهيان!

    اغوا، ڦرون، لڄالٽ، رستن تي ڀڃ ڊاهه، سفر ڪندڙ مسافر ساهه مٺ ۾ جهلي سفر ڪن ٿا. کوڙ عرصو اڳ شايد اهڙي ئي حالت کان متاثر ٿي لکيو هوم ته،

    فڪرِ جانان ساڻ گڏ فڪرِ معاشِ

    ٽي به ڳڻتي جان کي ڳارڻ لڳي

    خير سان موٽي رسون شل پنهنجي گهر،

    موٽرن جي ”ريس“ اڄ مارڻ لڳي.

    انهيءَ وقت تيز رفتاري سبب ٿيندڙ حادثن ڊيڄاري ٿي ڇڏيو پر هاڻي ته مرڳو سفر ڪرڻ تان ارواح کڄي ويو آهي. ويگن هجي يا ڪار، ڪوسٽر هجي يا ڪوچ، مسافر بس هجي يا سوزڪي بس. رستي تي اچڻ جي دير آهي ۽ پوءِ جي وارداتن ۽ خبرن کان گهڻو ڪري سڀ واقف آهيون. نه پوليس ٿي ڳولي سگهي ۽ نه وري وارداتن ۾ ڪا گهٽتائي ٿي ٿئي. پوليس جو ڪردار به اهو نه رهيو آهي، جيڪو سندن سلوگن ۾ بيان ٿيل هوندو هو ته ”پوليس جو فرض آهي عوام جي مدد ڪرڻ“ پر هاڻي ته پوليس پاڻ انهيءَ شاندار ۽ بي سبب ڌنڌي تي لهي آئي آهي. روزانو هڪ نه ٻه اهلڪار يا گرفتار ٿين ٿا يا گولين جو نشانو. ۽ پوءِ وري هڪ نئون تماشو شروع ٿيو وڃي ته اهو جيڪو همراهه جهليو آهي سو بي گناهه آهي. ڌرڻا، ٽائرن کي باهيون، روڊ بلاڪ، مطلب ته چار حمايتي رستن تي اچي ويا ۽ مطالبو اهو ته گرفتار ٿيل کي آزاد ڪريو نه ته احتجاج جو دائرو وڌائينداسين. هاڻ: ڪنهن کي مٿي ۾ سور پيو آهي جو ڏوهارين ۾ هٿ وجهي.

    اخبارن ۾ رشوت وٺندي پٽيوالي ڪلارڪ، ٽنڊيل ڪمپائونڊر جي گرفتاري جي خبر آئي ته ڄڻ ڪجهه ڪين ٿيو. ڪنهن کنگهيو به ڪين. پر جي 19 گريڊ جو آفيسر قابو ٿئي ته چئبو اها زيادتي ٿي آهي. اصلي وٺ وٺان ٿي ويندي. گهوڙا ڙي ظلم ٿيو آهي. هڪڙي نيڪ انسان کي هروڀرو انتقامي نشانو بنايو ويو آهي. مطلب ته ”واويلا ڙي واويلا“ ٿي ويندي. اگر ڪنهن کي يقين نٿو اچي ته ڏسي اخبارن جا فائيل!! اهڙين حالتن کي ڏسڻ کان پوءِ ڪنهن جي اها حسرت رهندي ته ڪجهه لکجي؟

    ماهه شعبان المعظم خير سان آيو آهي، ان کان پوءِ ماهه رمضان المبارڪ جي آمد ٿيندي. دڪاندارن هينئر کان ئي پنهنجا ڪات تيز ڪرڻ شروع ڪيا آهن.جيئن غريب، غربي کي نهايت شاندار طريقي سان ذبح ڪري سگهجي. هي واپاري، جيڪي سؤ سيڪڙو روزيدار هوندا آهن، اهي نهايت وڏي مهارت سان ضرورتمندن کي صدقي جو ٻڪرو سمجهي تڪبير وجهندا آهن. ائين کڻي چئجي ته،

    دامن په ڪوئي ڇينٽ نه خنجر په ڪوئي داغ

    تم قتل ڪرو هو ڪه ڪمالات ڪرو هو.

    نه اٽو ملندو نه کير، نه گيهه جي خبر نه مرچ مصالحن جي ڄاڻ. هن وقت به اگر ٻاڪرو گوشت چار سؤ رپيا ڪلو کان گهٽ نٿو ملي ته رمضان المبارڪ ۾ اگهه ڇا بيهندو؟ آفيسر ايندا چڪاس ڪميٽيون ٺهنديون، اٽي وٺندڙن کي لٺيون لڳنديون ۽ ائين اهو مبارڪ ماهه به ”اي ماهه رمضان الوداع“ جا آواز ٻڌندو هليو ويندو. اٽي ۽ کنڊ جي لاءِ ته هينئر کان ئي حڪومت طرفان اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اهي شيون يوٽيلٽي اسٽورن تان مهيا ٿي سگهن ٿيون، پر ”يوٽيلٽي اسٽور“ ته ريزڪي دڪان بنجي ويا آهن. اسان جي ملڪ ۾ اهي اسٽور آهن ڪٿي! اسلام آباد ۾ هجن ته اها ٻي ڳالهه آهي پر ملڪ اندر ته سندن نالو نشان به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ڪن دڪانن تي بورڊ ضرور لڳل هوندو آهي پر اهي به هاٿي جي ڏندن وانگر آهن کائڻ جا هڪڙا ته ڏيکارڻ جا ٻيا.

    لکڻ جي لاءِ مسئلا ته تمام گهڻا آهن پر احتياط به ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ هڪ نئون لفظ متعارف ٿيو آهي ”مفاهمت“. ۽ انهيءَ مفاهمت ۾ سنڌ ايترو ڀوڳيو آهي. سنڌ جي ڪروڙين عوام ايترو لوڙيو آهي جو ڪير به پرسان حال نه آهي. ”سي جي ڪئنال“ کولڻ واري مسئلي تي سنڌ جي سڀني حڪومتي اڳواڻن کي جهليو ويو ته خبردار هڪ به اکر نه ڳالهايو. متان مفاهمت کي ڌڪ لڳي پر پنجاب مان هڪ 19 گريڊ جي فرعون مزاج ڪاموري جي زبان کي تالو ڪير به هڻائي نه سگهيو. هن آفيسن ۾ اندر وڃي سنڌ جي ڪامورن کي دڙڪا ڏنا. استعيفائون ورتيون پر ڪنهن به ان کي روڪڻ جي همت نه ڪئي. مفاهمت واري جذبي کي ختم ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ سڀئي چپ جو روزو رکي ويهي رهيا. ڪي بوبڪائي طوطن وانگر پيا جهولين ۽ اکيون ٻوٽي پيا صحيحون ڪن!! سنڌ جي قومپرست اڳواڻن کي آفرين آهي جن پنهنجي سڀني ننڍن ننڍن اختلافن کي پاسيرو رکي هن قومي مسئلي تي سڄي سنڌ ۾ سجاڳي ۽ احتجاج جي لهر پيدا ڪري اهڙو ماحول بنايو جنهن سان اسلام آباد ۾ ويٺل مفاهمتي فارمولا تي عمل ڪرائيندڙن کي زمين پيرن هيٺان نڪرندي محسوس ٿي. تڏهن سنڌ جي باشعور ۽ غيرتمند عوام جي سيني تي ٿڌي پاڻي جو ڇنڊو هنيو ويو پر اهو به رڳو واعدو عمل ڪرڻ کان ٺپ جواب.

    سي جي ڪئنال ذريعي هيترا ڏينهن جيڪو غير قانوني پاڻي جو ڌاڙو هنيو ويو. ان جو ڪو به ليکو نه ٿيندو؟ هي به قصو اهڙو ئي آهي جهڙو هن وقت ڪوڙين ڊگرين تي اسيمبلي جون سيٽون حاصل ڪندڙن جو ٿي رهيو آهي. ڪوڙي ڊگري تي اسيمبلي ۾ همراهه پهتا. ڪي وزير به ٿيا، ڪيترن سالن کان پگهار کڻندا رهيا. پنهنجن تڪن جي ترقياتي رٿائن لاءِ ڪروڙين رپيا حاصل ڪندا رهيا. ڊگري ڪوڙي ٿي ته اسيمبلي واري سيٽ برابر ختم پر هي قوم جا ڪروڙين رپيا جنهن ريت ڪوڙو ٺڳ، دغاباز، قوم سان ڌوڪو ڪندڙ نام نهاد اسيمبلي ميمبر ڳڙڪائي ويو ان جي واپسي لاءِ ڪو به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي؟ صرف ان ڪري ته اهڙن ماڻهن کي وڏين سياي پارٽين جي پٺڀرائي حاصل آهي. حيرت آهي ته انهي نااهل ٿيل شخص کي وري به ٽڪيٽ ڏني ٿي وڃي ته جيئن هو ڪامياب ٿي اچي ساڳي ڦرلٽ جي ڪرت کي لڳي!! ڇا اها جمهوريت آهي! ڇا ان کي ميريٽ چئبو!! ۽ اهي سياسي پارٽيون اهڙن ٺڳ، دغاباز، قوم سان فراڊ ڪندڙ اميدوار جو ڪهڙي منهن سان اليڪشن ورڪ ڪري سگهنديون! غريب ڪو ڏوهه ڪري ته معافي جي قابل نه آهي پر ڪو وڏو آفيسر، سياستدان، اديب، شاعر ڪري ته ان کي سندس ڪرسي جي ڪري معف ڪيو وڃي. هي ٻٽي پاليسي ڪيترو وقت هلندي. آخر ڪيترو وقت. عوام جي سيني تي مڱ ڏريندڙ ۽ شهپرن کي ڏيڍ پاءُ تيل مکي، ڪارو چشمو اکين تي چاڙهيندڙ هن غريب قوم سان اهو چرچو ڪندا رهندا. آخر انهيءَ پريڪٽس جو ڪو انت به ٿيندو يا نه؟ ڏسڻ ۾ ته ائين ٿو اچي ته چري ڪيئن چي ويران وير وڌ!!

    تازو سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون ٿيون. آءٌ انهيءَ مسئلي تي به هڪ ڏينهن لکندس. ککر کي کڙو هڻڻ آسان ته آهي به انهي ڏينڀن جهڙن دانشورن، ۽ اڪابرن جا بيان پڙهڻ ڏاڍو ڏکيو مرحلو آهي. پر همت ڪري لکندس ۽ ضرور لکندس. ايندڙ گڏجاڻي ۾ انهيءَ موضوع سان انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن چاليهه سال اڳ اها ڄنڊا پٽ نه ٿئي ها ته شايد ڪنهن کي اها چوڻ يا لکڻ جي ضرورت نه پوي ها ته ”سنگت جي آفيسن کي تالا هڻايو. يا مزاحيه طور ڪو لکي ها اڌ ٻي سنگت. اصل ۾ اڌ ”ٻي“ نه پر ”هي“ سنگت آهي. اٽڪل اڌ صدي اڳ اگر هڪ سيڪريٽري سان جهيڙو ڪري، زبردستي استعيفا وٺي کيس زوري ڪرسي تان نه لاٿو وڃي ها ته اڄ هي ڪرسين جا ڪوڏيا ايڏا طاقتور نه ٿين ها.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دل چوي ٿي ڪجهه لکان پر ڇا لکان؟

    سچ وڏو ڏوهاري آ، يار همانگير! ڳالهه به وڏي ٿيل آهي پرواني ڀٽي صاحب کي شابس آهي جو هو سچ لکي ويٺو آهي ۔۔۔ اهڙي قسم جا ليک پڙهي؛ ڪڏهن روئڻ ته ڪڏهن کلڻ واري حالت طاري ٿي وڃي ٿي ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو