• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

*گنج ۾ گڏ لکيل لفظن جي سمجهاڻي*

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
*گنج ۾ گڏ لکيل لفظن جي سمجهاڻي*
*تحرير_ صراط بلوچ*
1
*قُدَرَتَس* _ س اکر جي هيٺيان ٻه کڙيون زيرون (-II-)
سمجهاڻي
*قدرت+س*(س جي هيٺيان ٻنهين کڙين زيرن -II- کي ختم ڪري *ين* جو اضافو ڪري لکبو *سين* ائين گڏيل لفظ جدا ٿي موجوده صورتخطي مطابق هن طرح لکت ۾ آيا *قدرت سين*)
نوٽ: حرف جر س پاڻ کان پهرين ايندڙ لفظ سان گڏيل طور گنج ۾ اڪثر جاين تي لکيل آهي.
عاشقنس _ عاشقن سين

2
*جِهانَجي* _ جي مٿان پراڻي لکت جي خاص نشاني موجود آهي
سمجهاڻي
جهانَ + جيٌ( جي واري ي مٿان موجود نشاني کي ختم ڪري ان مان مراد *ون* جو اضافو ڪري لکبو *جيون* ائين گڏيل لفظ جدا ٿي موجوده صورتخطي مطابق هن طرح لکت ۾ آيا، *جهانَ جِيون*)
نوٽ؛ حرف جر *جي، جون، جا* پڻ هن کان پهرين ايندڙ لفظن سان گڏيل طور ايندا آهن. مثال لاءِ ڪجهه وڌيڪ لفظ هيٺ ڏجن ٿا؛
سُپيرِيَنِجِي – سپرين جي
پِرِينجِي _ پرين جي
تنجو _ تن جو
عاشقنِجو _ عاشقن جو
پريانجا _ پريان جا
مُهاينجا _ مُهايَنِ جا
پريانجو _ پريان جو
معشوقنجو _ معشوقن جو

3
ٻِئَنِکي*
سمجهاڻي
پراڻي لکت مطابق لفظن جي گڏيل صورت کي صرف جدا ڪري لکنداسين ته * ٻئن + کي*
نوٽ حرف جر کي پڻ هن کان پهرين ايندڙ لفظ سان گڏيل طور گنج ۾ لکي اچي ٿو.
پانکي _ پاڻ کي
پريانکي _ پريان کي
عاشقنکي _ عاشقن کي
عامکي _ عام کي
4
*اَزَلَ۾*
سمجهاڻي
پراڻي لکت مطابق لفظن جي گڏيل صورت کي صرف جدا ڪري لکنداسين *اَزَلَ+ ۾*
نوٽ؛ ۾ گهڻو ڪري گنج اندر جنهن به لفظ جي پويان ايندو آهي ته ان سان گڏيل ئي هوندو آهي.
هٿ۾
ميدان۾
سرڪ۾
ديک۾ _ ديڳ ۾
5
*نَٻورا* گنج ۾ ڙ نه هجڻ ڪري ان جي جاءِ تي به ر لکبو هو ان لکت تحت ڙ جي نه هجڻ ڪري هتي ر استعمال ڪيل آهي.
سمجهاڻي
پراڻي لکت مطابق لفظن جي گڏيل صورت کي جدا ڪري لکنداسين * نه + ٻوڙا*
6
*نَسُتا*
سمجهاڻي
پراڻي لکت مطابق لفظن جي گڏيل صورت کي جدا ڪري لکنداسين * نه + ستا*
نوٽ ؛ گنج ۾ اڪثر ڪري نه لفظ گڏيل طور لفظن سان اڳيان جڙيل هجي ٿو. ڪجهه وڌيڪ لفظ هيٺ ڏجن ٿا.
نورين _ نه ورين/وڙين
نٿيي _ نه ٿيي
نلهان _ نه لهان
نمنج _ نه منجهه
نَلهي _ نه لهي
نساڊين _ نه سانڍين
نپري _ نه پڙي

گنج ۾ اهڙي طرح ئي نه جو هم معنيٰ مَ پڻ ٻئي لفظ جي اڳيان گڏيل طور اچي ٿو مثال هيٺ ڏجن ٿا.
مَسِکُ _ مَ سک
مَڀُلَ _ م ڀُل
مخام _ مَ خام
مَڪَر _ مَ ڪر
7
مَاُنَکي
سمجهاڻي
هي ٽي لفظ گڏيل طور آيل آهن جنهن جي پراڻي لکت کي جدا ڪري لکنداسين * مَ + اُنَ + کي*

8
*سڀڪہ*
سمجهاڻي
پراڻي لکت واري صورت کي پهرين الڳ ڪنداسين *سڀ + ڪهه* گنج ۾ ه کان پهرين ۽ پوءِ ايندڙ ن غنه نه لکيو ويندو هو. موجوده لکت مطابق ان کي لکبو مطلب ته ڪهه لفظ جي ه کان پهرين ۽ بعد نه غنه جو اضافو ڪنداسين *ڪنهن* ائين ٻئي لفظ جدا ٿي ڪري موجودهه لکت تحت هن صورت ۾ آيا * سڀ ڪنهن*
9
*سڀڪا*
سمجهاڻي
پراڻي لکت واري صورت مطابق گڏيل لفظن کي جدا ڪنداسين * سڀ +ڪا*

10
*تسوريائي*
سمجهاڻي
پراڻي لکت واري صورت مطابق گڏيل لفظ کي جدا ڪنداسين * ته + سوريائي*
نوٽ؛ مَ ۽ نه جيان *ته* لفظ پڻ پاڻ سان گڏ ايندڙ پوئين اکر سان گهڻين جاين تي گنج ۾ گڏ لکيل آهي.
تَموٽيو _ ته موٽيو
تعاشق _ ته عاشق
 
Back
Top