• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل

vasand chouhan

فعال رڪن
غزل
وسندچوهاڻ

تنهنجي سار سَجِني آئي گڍي تي
مون ڀي پنهنجي دل وَندرائي گڍي تي

اَڪيلو ويهي مون گڍي جي گوڌِ ۾
لُڙڪَن سان مون شام رَچائي گڍي تي

مان ڀي هئيس ساڳيا منظر هئا گڍي جا
توبن ڏاڍي هئي اَڪيلائي گڍي تي

ويو پئي سج لڪن تان لِيئا پائيندي
هئي سج سَندي لالائي گڍي تي

توکي ساري وسند سرجيندي شاعري
مون غزل گيت ۽ لِکي وائي گڍي تي
 
Back
Top