يادگيريون يار جون منفرد شخصيت غلام رسول ميمڻ ( گونگو ڌوٻي) (العربيه ڊرائي ڪلينرز ٽنڊو الهيار) ٽنڊي الهيار ۾ جڏهن نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ لاءِ پهتاسين ته اتي جن شخصيتن سان شناسائي ٿي. انهن ۾ مارڪيٽ ايريا جي موڙ وٽ قائم دڪان جيڪو العربيه ڊرائي ڪلينرز جي نالي سان مشهور هو. ان جو ان وقت مالڪ غلام رسول ميمڻ جنهن کي عرف عام گونگو ڌوٻي سڏيو ويندو هو. غلام رسول ميمڻ گونگو هوندي به پڙهيل لکيل، هوشيار، يار دوست سان گڏ پنهنجي ڪاروبار کي بهتر نموني سنڀالي هر هڪ سان بهتر نموني ڏيتي ليتي ڪندڙ شخص هو. منهنجي ساڻس ويجهڙائي جو سبب منهنجو چاچو سيف الله جروار هو. جيڪو اڪثر پنهنجا ڪپڙا ڌلائي لاء هتي ئي ڏيندو هو. منهنجي به ساڻس واقفيت ان ڪري ڪرائي ته جيئن شهر ۾ رهڻ دوران بوقت ضرورت ڪپڙا وغيره ڌلائي يا استري ڪرائي سگهجن. ان وقت العربيه ڊرائي ڪلينرز حاجي عمر ميمڻ جي جاء ۾ قائم هو جنهن کي بعد ۾ ڊهرائي مارڪيٽ تعمير ڪرائي وئي. هاڻ اتي ڊاڪٽر سليم ٿيٻي صاحب جي اسپتال ۽ ٻيا ڪافي دڪان وغيره آهن. غلام رسول ميمڻ پڙهيل لکيل شخص هو. ان ڊرائي ڪلينرز جا دڪان گهٽ هئا. غلام رسول جي طبيعت يار ويس هئڻ ڪري سندس ڪاروبار عروج تي هو. جنهن کي غلام رسول پاڻ سنڀاليندو هو. ڪپڙا وٺڻ رسيد ڏيڻ يا جيڪي پراڻا گراهڪ هوندا هئا انگن جا پنهنجي حسان نالا نشان لکندو هو. ان کان ڌلائي لاء ڪپڙا ساري ڏيڻ، ساري وٺڻ، ڌلائي وارن ڪپڙن جي واپسي تي آهي ڪاريگرن کان استري ڪرائي سنڀالي رکڻ گراهڪن کي ڏيڻ، سڀني سان پئسن جي ڏيتي ليتي ڪرڻ، ڄڻ هڪ ڪارخانو هو جنهن کي هي همراه هلائيندو هو. ان کان علاوه ياري دوستي جو وڏو حلقو هو. مريد موري جا لنڊ هجن. جرار ٿيٻي جا ٿيٻا، ڍالو موري جا اوٺا توڙي لغاري، جروار سندس خوشمزاجي سان گڏ بهتر ڌلائي صفائي ڪري سندس مستقل گراهڪ هئا. شهر ۾ پنهنجي ميمڻ برادري ۾ به کيس شرافت، محنت ۽ ايمانداري جي ڪري چڱي نظر سان ڏٺو ويندو هو. برداري ۾ سندس وڏي عزت هئي. ان کان علاوه گونگن جي ڪميونٽي جو پڻ سرواڻ هوندو. ٽنڊي الهيار شهر ۾ رهندڙ گونگا ڏينهن ۾ هڪ اڌ چڪر ضرور لڳائيندا هئا. جن استاد رشيد ٽيلر ماسٽر جنهن جو دڪان هاڻوڪي ڊاڪٽر عبدالجبار عمراني جي اسپتال ويجهو هڪ ماڙي تي هو. پاٽولي برادري جا ڀائر جن جا نالا ياد ناهن. انهن جو بازار ۾ ڪپڙي جو دڪان هوندو هو. ٻيا به ڪافي گونگا وٽس حاضري ڀريندا هئا. اسان وٽ ٻهراڙي ۾ عام طور تي گونگي يا ڪنهن عذر واري کي کي پڙهڻ لکڻ کان پري رکيو ويندو آهي. پر غلام رسول سان گڏ رهڻ سان خبر پئي. گونگن جي پنهنجي مخصوص ٻولي هوندي آهي. جيڪا اشارن سان ادا ڪئي ويندي آهي. اهي اشارا اهو پڙهيل لکيل توڙي اشارن جي ٻولي سمجهندڙ سمجهي سگهي ٿو. جيڪا تعليم ٻهراڙي جي ڪنهن اهڙي معذور شخص گهٽ ڏني ويندي آهي. کيس پنهنجي حال تي ڇڏي ڏبو آهي. تنهنڪري اهو گونگو توڙي نابين انسان لاء زندگي گذارڻ مشڪل ٿي ويندي آهي. سچ پچ اهڙن ماڻهن لاء غلام رسول هڪ مثالي شخص هو. جنهن جي مثالي زندگي آڏو گونگي هجن جو عذر ڪڏهن به رڪاوٽ نه بڻيو. ادا غلام رسول ميمڻ جن پاڻ چار ڀائر هئا. جن ۾ هڪ محمد جمن گونگو، ٻيو اعظم ۽ ٽيو اڪرم آهي. جيڪو وٽس استري جو ڪم ڪندو هو. پنهنجي والد صاحب جي وفات بعد پنهنجي ڀائرن جي بهتر تربيت ڪئي ۽ پئ ٿي پاليو نپايو. ڪڏهن والد صاحب جي نه هجڻ جو احساس نه ڏياريائين. ادا غلام رسول ميمڻ پهرين شادي پنهنجي عزيزن مان جنهن مان کيس ٻه پٽ شيراز ۽ شڪيل ٿيا. جڏهن ته پهرين گهر واري جي وفات بعد ٻي شادي ٽنڊي قيصر مان ڪيائين جنهن مان کيس هڪ نياڻي آهي. غلام رسول گونگي جي ڀٽي صاحب سان گهڻي عقيدت هوندي هئي. ان ڪري سندس دڪان تي ڀٽي صاحب تصوير لڳل هوندي هئي. جنهن 1977 ع جي ڀٽي صاحب جي مخالفت ۾ هليل تحريڪ دوران سندس دڪان کي باھ ڏيئي سارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. الله پاڪ جي ڀلائي سان وڏي ڪنهن نقصان کان بچاء ٿي ويس. پراڻي العربيه ڊرائي ڪلينرز واري دڪان جي تي مارڪيٽ تعمير ٿيڻ ڪري اهو دڪان ڊاڪٽر راڻي جي اسپتال ڀرسان قائم ڪيو ويو. سندس وفات بعد سندس ننڍو فرزند شڪيل احمد ميمڻ ڪاميابي سان هلائي رهيو آهي. جڏهن ڏندن وڏو فرزند راولپنڊي اسلام آباد ۾ ڪنسٽريشن جي ڪاروبار سان جڙيل آهي. ٻئي ڀائر خوش بهتر زندگي گذاري رهيا آهن. ان سان پنهنجي والد صاحب جي دوستن سان به پنهنجو تعلق جوڙيو اچن. منهنجو هاڻ شهر وڃڻ گهٽ ٿيندو آهي. جڏهن ويندو آهيان. وڏي عزت ڏيندا آهن. الله پاڪ سندن ڪاروبار ۾ وسعت ۽ برڪتون عطا فرمائي ۽ مرحوم غلام رسول کي رب پاڪ پنهنجي محبوب ﷺ جي صدقي جنت الفردوس ۾ اعلي ا مقام عطا فرمائي آمين